آلاپ........ مجنون ڪولون لوڪي پڇدي تيڏي ليلان ٿيوي ڪالي، دِتا جواب ميان مجنون ني، تئاڏِي اک نه ويکڻ والي، قرآن شريف دي حرف چِٽي سُهڻي رب دِي سياهي ڪالِي، وي بلهيا جٿي دل اڙدا هي، اُٿي ڪِي گوري ڪِي ڪالِي... * اکيون ته اکين جهڙيون ڪي ڪاريون ڪي ڀوريون، ڪن ۾ ڪجَل گھڻو، ڪي ته محبت جون ماريون، اکيون ويچاريون ٿيون رَتُ روئن يارَ لئه.... ...آلاپ... ****************************** سهڻا پنهنجي اکين کي جھل هڪ ڪاريون ٻيو تن ۾ ڪَجَل مونتي ايڏو ته ڪن ٿيون عمل هئه سُهڻا! پنهنجي اکين کي جھل. مان ته راهه ورتيون پيو رستو وڃان ڪهڙو ڏوھ ڪيم تو ڏُکڙا ڏِنا! مان مري ئي ويندس دم اِتي ئي ڏيندس تاوَ ته نه توتي ٿيندس، ٿيندو تنهنجي هٿن ۾ ڪفن. سُهڻا پنهنجي اکين کي جھل.... حال هيڻو اٿئي متان پاپ پَوَئي، ناهي ملڪ منهنجو نڪي سنگتي صحيح، کَٿِي کڻجان کَفَن ڪجان دل سان دفن ناهي منهنجو وطن، ڪندين ڳانڍاپو پون ٿيون ڳل، سهڻا پنهنجي اکين کي جھل. سُهڻا پنهنجي اکين کي جھل.... اهو تيب تڏهن مان توکي ڏنو، ڇڏي شهر وڃي ٿيم شاعر ڇِنو، قادن ڪونهي قدر، هيو ڏوڪڙ جو ڏَرُ، جڏهن ڏِٺمُ شهر، مان ته ڳولهيو گلاب جو گُل.. سُهڻا پنهنجي اکين کي جھل. آواز : رحمان مغل (سرمد سنڌي) ٻول : قادن