يوٽيوب تي محترم جروار صاحب جي طرفان اپلوڊ ڪيل هن خوبصورت لفظن تي مشتمل شاعري کي قومي ڳائڪ محترم بيجل سنڌي پنهنجي دل لڀائيندڙ آواز سان اهڙي طرح ڳايو آهي ۔۔۔ جو اصل واه واه ٿي وئي۔۔۔ هي قومي گيت ٻڌي ڪري دلڙي ٺري پئي۔۔۔۔ اکڙيون ڀرجي ويون۔۔۔ من متارو ٿي ويو ۔۔۔۔ ان ڪري سنڌ سلامت جي دوستن کي به اهڙن احساسن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ونڊ ڪجي ٿي۔۔۔۔
جواب: سنڌ مرڪي پئي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ مرڪي پئي۔۔۔۔۔ جـــــي جيـــارن مٿـــــان، جـــــان نثـــــارن مٿان، مــنزل عشــــق جـــــــي، چنـــــــــڊ تـــــارن مٿـان، ڪاڪ جي هر ڪنڌي جي، ڪنارن مٿان، دشمـــــــــن ديــــــش کــــي، ڦاهي سرڪي پئي، سنــــڌ مرڪــــي پئي ۔۔۔ سنــــڌ مرڪي پئي۔
جواب: سنڌ مرڪي پئي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ مرڪي پئي۔۔۔۔۔ واهه واهه زبردست محترم خالد صوفي المعروف ٻِيجل سنڌي منهنجي سنڌ جي شهر ٽنڊو محمد خان جو هڪڙو ڀلوڙ راڳي آهي، 1978ع اداره بزم گلشن اداب ٽنڊو محمد خان ۾ منهنجي کائنس پهريون ڀيرو ملاقات ٿي، پاڻ قومي ڪارڪن آهي، سڀني دوستن کي ٻُڌائيندو هلان ته هن قومي ڪلاڪار کي سنڌ جي آزادي جي ابي سائين جئيم سيد ٻيجل سنڌي جو خطاب ڏنو، هن جو پورو گهراڻو صوفي گهراڻو سڏبو آهي سندس وڏو ڀا محترم نعيم صوفي جنهن کي شهر ٽنڊو محمد خان جا ماڻهو نيم داس چوندا آهن نيم داس راڳ رنگ جو وڏو ڄاڻو اُستاد آهي، سندس ٻيو ڀا صوفي عبدالسلام آڪاش شهر ٽنڊو محمد خان جي اسٽيج جو وڏو آرٽسٽ آهي تمام سُٺو ڊرامه نويس آهي، بهترين اسٽوري رائٽر آهي، بهترين هدايتڪار آهي صوفي عبدالسلام آڪاش ئي اسان جي ايندڙ فلم چيڪ پوسٽ جو ڪهاڻيڪار ۽ هدايتڪار آهي، محترم خالد صوفي المعروف ٻيجل سنڌي ٽي وي چينل ڌرتي تان ايندڙ هڪڙي ڊرامي “ ڪوماڻيل گُل ۾ منهنجو گيت جنهن جا ٻول آهن ڪوماڻيل نه ڪوئِي هتي گُل هجي شل نه دردن جي مارِي دُکي دل هُجي شل تمام خوبصورت نموني ڳايو آهي، ادا رشيد ۽ سنڌ سلامت جا دوستو ڪوشش ۾ آهيان ته محترم ٻيجل سنڌي کان سنڌ سلامت اسٽوڊيو واسطي ڪو انٽرويو ڪريان۔ بهرحال ٻيجل سنڌي جو وڊيو ۽قومي شاعري اصل هڪڙو سماع طاري ڪري ڇڏيو۔
جواب: سنڌ مرڪي پئي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ مرڪي پئي۔۔۔۔۔ واه سائين واه، ڇا ته گهرائي واري شاعري آهي، ادا سنڌ جي هر گيت تي پنهنجي دل ته جهومي اٿندي آهي، ۽ دل و جان ۾ هڪ عجيب ڪيفيت پيدا ٿيندي آهي جيڪا ڪيفيت بيان ڪري نه ٿي سگهجي، ادا رشيد صاحب اهڙي ونڊ ڪرڻ تي اوهان جي مهرباني۔
جواب: سنڌ مرڪي پئي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ مرڪي پئي۔۔۔۔۔ الله ڪندو ته سنڌ هميشه مرڪندي شاد وآباد رهندي ان شاءَ الله
محترم سائين اها وڊيو اسان وٽ نٿي هلي۔ مهرباني ڪري فيس بڪ لنڪ وسيلي اسان سان ونڊ ڪيو يا اپلوڊ ڪري ٻيهر سنڌ سلامت تي لڳايو ته اسان به روح کي تازو ڪيون۔۔ مهرباني