• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻول : وڃ تون اڏامي ڪانگ ادا منهنجي پرين کي نياپو پُڄا

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر


وڃ تون اڏامي ڪانگ ادا، منهنجي پرينءَ کي نياپو پُڄان،
اڃا ته آئون جيئري آهيان، جي مري وڃان ته به ڪج نه پُڇا!.

جيئري جاني نٿو اچين، مئي کان پوءِ تون متان پُڇين،
ڏکيو سهڻا ڏينهن نه ڏِسين، الله ڪري تون خوش هُجين،
دل سان دلبر ڏيان پئي دُعا، منهنجي پرينءَ کي نياپو پُڄاءِ،
اڃا ته آئون جيئري آهيان، جي مري وڃان ته به ڪج نه پُڇا.

توکي اڱڻ تان اڏاري ڇڏي ته مونکي به دل تان وساري ڇڏي،
منهنجي نانءُ تي لُڙڪ ٻه هاري ڇڏي اهو ضد ڀلي پنهنجو پاري ڇڏي،
هاڻي هلاکِي ٻي نه ڪجان، منهنجي پرينءَ کي نياپو پُڄاءِ...
اڃا ته آئون جيئري آهيان، جي مري وڃان ته به ڪج نه پُڇا.

غم سهي ”غمشاد علي“ نيٺ وينديس مان محب مَري،
سَت مهينا روئي رڙي، ماٺ ڪندي پاڻهي دلڙي چَرِي،
کاڌا پيتا ڪر معاف مِٺا، منهنجي پرينءَ کي نياپو پُڄاءِ..
اڃا ته آئون جيئري آهيان، جي مري وڃان ته به ڪج نه پُڇا.



آواز : فوزيه سومرو
ٻول : غمشاد علي مري

 
Back
Top