چوندا آھن ته سنڌ جي سرزمين ٺاھي ئي سنڌو ندي آ. اھا حقيقت به آھي ته سنڌو ندي جيتوڻيڪ پاڻي جد مقدار يا ڊيگهه ۾ دنيا جو وڏي ۽ وڏو درياء ته نه آ مگر ھي لٽ ۽ مٽي ڇڪي اچڻ ۾ دنيا جي سڀني دريائن ۾ پھرين نمبر تي آ، ان کان علاوه سندس وھڪري جو رستو به معجزاتي قرار ڏنو وڃي ته وڌاء نه ٿيندو. ڇو ته ھماليه جبلن مان نڪرندڙ سڀئي درياه يا ته ڏکڻ ۾ وھي اچي ھندوستان جي ميداني علائقن مان گذري سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪن ٿا يا اتر ۾ تبت کان نڪري چين مان گذري سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪن ٿا، مگر سنڌو ئي اھو واحد درياء آ جيڪو تبت جي اٿاھين ۽ دشوار گذار جابلو سلسلن مان اولھ طرف ھزار ميل سفر ڪري ڪشمير مان وري يڪدم ڏکڻ طرف رخ ڦيري سنڌو ماٿري کي سيراب ڪندو سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. ماھرن موجب سنڌو پنھنجو اھو وھڪرو لکين سالن کان بغير ڪنھن تبديلي جي جاري رکيون پئي اچي.. ھماليه جي پر پيچ ۽ اڙانگين جبلن کي چيريندي ، اتان قيمتي معدنيات ۽ مٽي ميڙيندي سنڌ جي ميدانن ۾ گڏ ڪندي ٿي رھي. جنھن ڪري سنڌ جي ستبز و شاداب زرخيز زمين تيار ٿيندي رھي. سنڌ جو لاڙ ھجي يا ڪڇ يا وچولو سموري زمين سنڌو ھڪ ماء وانگر پنھنجي بدن مان جنم ڏني آ. سنڌو جي ڇوڙ جي تن سڀني کي خبر آھي ته سمنڊ آ مگر شروعات جي درست ڄاڻ بمشڪل ئي ڪنہن کي ھوندي. عام طور تي مشھور آ ته سنڌو تبت جي مانسرور ڍنڍ مان نڪرندي آ، مگر دوستو اھا درست حقيقت ڪونھي. ھا ان ۾ سچائي صرف ايتري آ ته سنڌو ني شروعات مانسرور ڍنڍ جي ويجهائي کان ٿئي تي مگر سنڌو جو منھن مانسرور ڍنڍ مان قطعي به ڪونه ٿو نڪري. جديد سيٽلائيٽ تصويرون به نشاندھي ڪن ٿيون ته سنڌو ھڪ ننڍڙي پاڻي جي نالي جي صورت ۾ مانسرور ڍنڍ جي اتر اوبر کان 60 ڪلوميٽر پري پھاڙن جي برف رجڻ سان وھي نڪري ٿي ۽ پو ان ۾ برف رجڻ سبب ٺھند پاڻي جا ننڍا ننڍا وھڪرا به شامل ٿيندا ٿا وڃن. تبت من نڪري جڏنھن سنڌو چين ۾ داخل ٿي تئي ته اتي ھماليه مائي نڪرندڙ ھڪ ٻي ندي زنسڪار جيڪا سنڌو کان به گهڻو پاڻي کڻي تي ھلي، گڏجي پئي ٿي. ھي تصوير ان ئي ماڳ جي آ جتي سنڌو جنھن کي تبت توڙي چين ۾ شير درياه يا ٽائيگر رور جي نالي سان سڏيو ويندو آ ميلاپ ڪن ٿيون. چين مان گذري وري شير دريا۽ چين ھندوستان ۽ ڪشمير جي سنگم وٽان ڪشمير ۾ داخل ٿئي ٿو جتان سندس نالو سنڌو شروع ٿئي ٿو مانسرور ڍنڍ جي به عجيب ڪيفيت آ ھي چيني، تبتي توڙي ھندوستاني ماڻہن جي نزديڪ انتھائي پاڪ ۽ پوتر ڍنڍ ليکي وڃي ٿي. تبت جي پليٽو ۾ ائين ته ھزارين ڍنڍون آھن جن مان ڪي زنده ته ڪي مرده ليکجن ٿيون. زنده ڍنڍون اھي سڏجن جن مان پاڻي جو اخراج ڪنہن ندي نالي ذريعي ٿيندو ھجي ۽ مرده اھي جن ئان پاڻي جي اخراج جو ڪو به رستو نه ھجي. تبت ۾ اھڙين مرده ڍنڍن جو تعداد گهڻو آ. مرده ڍنڍن جو پاڻي وري انتھائي زھريلو ٿئي ڇو ته لکين ڪروڙين سالن کان انھن ۾ ايندڙ پاڻي جبلن مان خطرناڪ معدنيات پاڻ سان کنيو اچي مگر نيڪال نه ھجڻ سبب اھي سڀ انھن ڍنڍن ۾ ئي جمع ٿيندا پيا رھن. نتيجي ۾ انھن جو پاڻي زھريلو بڻجي ويو آ. تصوير ۾ 2 ڍنڍون توھان کي نظر اچن پيون جن مان سڄي ھٿ واري ڍنڍ مانسرور آ ۽ کٻي ھٿ واري راڪاس ڍنڍ. مانسرور مٺي ۽ صحت بخش پاڪ پوتر پاڻي جي ڍنڍ آ ۽ راڪاس ان جي برعڪس انتھائي زھريلي پاڻي جي متده ڍنڍ. ٻنھي ۾ فاصلو به گهڻو ڪونھي. سو دوستو قدرت جو نظام انتھائي عجيب و غريب مگر قران مطابق "قسط ۽ ميزان" تي قائم آ ... مير الطاف ٽالپر جي وال تان. https://web.facebook.com/talpuraltaf/posts/10208439208217383