ويب سائيٽ مان وائرس يعني مالويئر ڪيئن ختم ڪجي؟ هڪ ويب سائيٽ اٽڪل 10 ورهين کان ٺيڪ هلي رهي هئي، هاڻ اوچتو پهريون ڀيرو ان ۾ وائرس مالويئر گھڙي ويو آهي جو نه رڳو ويب سائيٽ کولڻ پر اڳ ۾ اپ لوڊ ٿيل مواد ڪلڪ ڪرڻ سان به اهڙو نوٽيس ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ان جو ڪو حل؟ جڏهن ته سڄي ويب سائيٽ ختم ڪري، نئين سراپ لوڊ ڪرڻ ممڪن ناهي ڇاڪاڻ ته پراڻو مواد ڪمپيوٽر مان گھڻو وقت اڳ ختم ٿي چڪو آهي، البت نئون مواد ڪمپيوٽر ۾ آهي. ويب سائيٽ ”ويبس“ ۾ ٺهيل آهي ـ
ويبسائٽ جو بيڪ_اپ وٺوس، ۽ پوءِ اپلوڊ ڪريوس ته ٿي سگھي مسئلو حل ٿي وڃي.. ٻيو ته مالويئر کان بچڻ لاءِ ڊومين ۽ هوسٽنگ ڏيندڙ ڪمپني هڪ ٽول استعمال ڪندي آهي، جيڪو ان کان محفوظ بڻائيندو آهي، پر مفت ۾ هوسٽنگ ۽ ڊومين ڏيندڙ ڪمپنيون اهڙي گارنٽي نٿيون کڻن. توهان ان ويبسائٽ جو مڪمل بيڪ_اپ وٺو، ايسڪيوئيل جو پڻ. ان کانپوءِ ٻيهر اپلوڊ ڪري ڏِسو. ٻيو ڪو حل ناهي
ادا.....مهرباني پراهو ٻڌايو ته ويب سائيٽ جيڪا ”ويبس“ ۾ فري مليل آهي تنهن ۽ ايسڪيوئيل جو بيڪ اپ ڪيئن وٺجي؟