• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

حيدرآباد جي انڊر ورلڊ جي “ ڊان “ دائود پٺاڻ جو لاڏاڻو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
26168010_573229533021845_8239323243298945556_n.jpg


حيدرآباد جي انڊر ورلڊ جي “ ڊان “ جو لاڏاڻو
بوٽ پالش مزدور کان ڪروڙ پتي ٿيندڙ هڪ شخص جو قصو


ذوالفقار قادري

ڪنهن وقت ۾ حيدرآباد جي انڊر ورلڊ دنيا جو “ ڊان “ رهندڙ هي ڪردار اڄ لاڏاڻو ڪري ويو ٖمان هن ماڻھو سان جنرل ضياء جي مارشل لا واري روپوشي واري دؤر ۾ مليس هي مون کي ڏاڍو متضاد نظر آيو ٖ جتي هو بدمعاشي حوالي سان بي رحم هو ساڳئي وقت مون سندس جي اندر غريب ماڻھن جي لا۽ درد بہ ڏٺو ٖ مون کانئس هڪ ڏينهن ان جو سبب پڇا ڪيو ٖ داؤد خان پٺاڻ مون کي ٻڌايو حيدرآباد جو هي شھر جنهن جو مون کي ڊان سمجهيو ٿو وڃي مون ان ئي شھر جي فٽ پاٿن تي بک ٖ بيروزگاري ۽ تذليل وارا ڏينهن بہ گذاريا آھن مان سردي ۾ فٽ پاٿن تي بک ۾ بہ راتيون گذاريون آھن مون کي خبر آھي تہ “ غربت “ ڇا ٿيندي آھي ٖ داؤد خان پٺاڻ حيدرآباد جي انڊر ورلڊ جو پنهنجي وقت جو“ ڊان “ ٿي گذريو ٖ هو خيبر پختون خواه جي مردان واري علائقي مان سٺ واري ڏھاڪي ۾ مزدوري سانگي حيدرآباد آيو هن حيدرآباد ۾ پنهنجي زندگي جو آغاز چوڙين ٺاهڻ جي ڪارخاني ۾ مزدوري ڪرڻ ۽ بوٽ پالش کان ڪيو هن جي زندگي ۾ تبديلي بہ هڪ عجيب اتفاقي واقعي سان ٿي انهن ڏينهن ۾ حيدرآباد جي هڪ ناليواري بدمعاش جنهن جو حيدرآباد ۾ وڏو نالو هو ان کانئس بوٽ پالش ڪرائي کيس پئسا نہ ڏنا ان تي داؤد جو مٿو گهمي ويو ۽ هن ان بدمعاش کي ايترو ڪٽڪو ڪڍيو جو هي مرڻينگ ٿي ويو ان واقعي جي حيدرآباد جي بدمعاشن ۾ هاڪ ويهجي وئي ۽ داؤد جي قسمت جا در کوليا انهن ڏينهن ۾ بدمعاشي جا اڪثر مرڪز سينيما هال ۽ سري گهاٽ واري بازار حسن هوندا هئا داؤد کي بہ هڪ سينيما مالڪ پاڻ وٽ ملازم بيهاري ڇڏيو ٖ انهن ڏينهن ۾َ شهري بدمعاش اڪثر ست ٺڪائي چاقو ٖ هاڪي ٖ کڙدم يا ڪلپ استعمال ڪندا هئا ٖ داؤد پٺاڻ جو آھستي آھستي نالو مشھور ٿيڻ لڳو ٖ هي اهي ڏينهن هئا جڏھن حيدرآباد تي مير برادران مير رسول بخش خان ٽالپر ۽ مير علي احمد خان ٽالپر جو وڏو دٻ دٻو هو ٖ داؤد پٺاڻ بہ ڪاٽڪوئن ۽ بدمعاشن ۾ ڪافي مشھور ٿي چڪو هو هن حيدرآباد جي اسٽيشن روڊ واري علائقي ۾ جتي “ نئين پل “ ٺھيل آھي اتي باضابطہ ٺڪاڻو ٺاهيو ٖ جتي چرس ۽ جوا جا اڏا سري عام ھلڻ لڳا چڱي ڀلي پوليس آفيسر کي داؤد خان پٺاڻ جي جوا ۽ منشيات جي اڏن تي چڙھائي جي جرآت نہ ٿيندي هئي ٖ داؤد خان پٺاڻ ترقي ڪندو بدمعاش مان ڦري سياسي ٖ سماجي اڳواڻ بڻجي ويو ٖ داؤد خان پٺاڻ پنهنجي قاضي عبدالقيوم روڊ واري اڏي تان هڪ سنڌي ٖ اردو روزنامہ اخبار “ نوا۽ آسمان “ بہ جاري ڪئي جنهن ۾ ڪافي بيروزگار صحافين کي نوڪري بہ ڏنائين ٖ داؤد خان پٺاڻ ھاڻي انڊر ورلڊ جي “ ڊان “ سان گڏ سياستدان بہ بڻجي چڪو هو ٖ ذوالفقار علي ڀٽو دور ۾ جڏھن ولي خان ٖ نواب خير بخش مري ٖ سردار عطا الله مينگل ٖ مير غوث بخش بزنجو ٖ مير شير محمد مري عرف جنرل شيروف ٖ مير گل خان نصير ۽ ٻيا پختون بلوچ اڳواڻ غداري ڪيس ۾ حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ قيد هئا تہ داؤد خان پٺاڻ پنهنجي وس آھر کين ماني ٽڪي وغيره پهچائيندو هو جنهن سبب ڀٽو سرڪار سندس مٿان ڪاوڙيل رهي ٖ خان عبدالغفار خان ٖ خان عبدالولي خان ٖ نسيم ولي خان ٖ شير باز خان مزاري سميت سنڌ جا ڪيترا ئي قومپرست شاگرد اڳواڻ شاه محمد شاه ٖ قمر راڄپر ٖ حبيب الله ناريجو ٖ علي حيدر شاه ۽ ٻيا سندس “ هجري “ تي ايندا ويندا رهيا ٖجڏھن شير باز مزاري ۽ بيگم نسيم ولي خان اي ڊي پي جو قيام عمل ۾ آندو تہ داؤد خان پٺاڻ اين ڊي پي جو مرڪزي اڳواڻ بڻيو اڳتي هلي جڏھن ولي خان ٖ رسول بخش پليجو ٖ شھيد فاضل راهو ٖ رئيس حاڪم علي زرداري عوامي نيشنل پارٽي ( اي اين پي ) جوڙي تہ داؤد خان پٺاڻ کي سنڌ جو نائب صدر مقرر ڪيو ويو ٖ رئيس حاڪم علي زرداري سان سندس ذاتي دوستي جڙي وئي ان سبب آصف علي زرداري اڪثر سندس حيدرآباد لڳ سيري ۽ کٿڙ واري زمين ۽ فارم تي وڃي رهندو هو ذوالفقار علي ڀٽو دؤر ۾ پي اين اي جي تحريڪ دوران جڏھن مير فيض محمد ٽالپر چکي واري کي ماريو ويو تہ حيدرآباد ۾ داؤد خان پٺاڻ ايترو شديد احتجاج ڪرايو جو ڀٽو سرڪار کي حيدرآباد ۾ فوج کي طلب ڪرڻو پيو ٖ هن لساني فسادن دوران سنڌين کي سپورٽ ڪيو ٖ داؤد پٺاڻ جو بدمعاشي کان علاوه “ حاتم طائي “ وارو ڪردار بہ هو صبح کان شام تائين سندس دروازي تي غريب ويٺا هوندا هئا هو گهر مان نڪرڻ شرط سڀ کان پهرين انهن سوالين جون حاجتون پوريون ڪري پو۽ ڪنهن ٻئي ڪم سان ويندو هو داؤد خان پٺاڻ الائي ڪيترن سياستدانن سان گڏ جيلن ۾ بہ رهيو ڪراچي سينٽرل جيل ٖ حيدرباد سينٽرل جيل ۽ نارا جيل جي ڪيترن ئي بيرڪن ۾ اڄ بہ داؤد پٺاڻ پاران لڳل ڇت جا پنکا ۽ پيئڻ جي پاڻي جا ٽينڪ لڳل آھن ھن ڪيترن مسڪين قيدين جون پنهنجي کيسي مان ضمانتون بہ ڪرايون ٖ منهنجي بہ هن “ ڊان “ سان ملاقات اسي واري ڏھاڪي ۾ جنرل ضياء جي مارشل لا وارن دور ۾ روپوشي وارن ڏينهن ۾ ٿي هئي ٖ مون کي اهو ڏسي حيرت ٿي تہ حيدرآباد جي نئين پل واري علائقي ۾ سندس چرس ۽ جوا جي اڏي لڳ سندس پاران هڪ الڳ لنگر خانو ٺھرايل هو جتي سڄو ڏينهن هر آئي وئي ماڻھو کي بغير ڪنهن مذهب ۽ قوميت جي ماني کارائي ويندي هئي ٖ هن جو روز جو معمول هو تہ هو پنهنجي “ اڏي “ ۽ لنگر خاني تي ضرور ايندو هو سندس اچڻ کان اڳ ڪئين سوالي ٖ ضرورتمند مرد توڙي عورتون سندس انتظار ۾َ قطار ٺاهي بيهندا هئا ٖ هو واري واري سڀني کان سندن مسئلو پڇي ٿڏي تي ئي سندن مالي سهائتا ۽ ٻي مدد ڪندو هو ٖ مان نالا نہ ٿو کڻان سنڌ جو شايد ورلي ڪو پراڻو قومپرست شاگرد اڳواڻ هوندو جنهن جي داؤد خان پٺاڻ سان عليڪ سليڪ يا دوستي نہ هجي ۽ يا وري داؤد خان سندن مالي سهائتا يا ميزباني نہ ڪئي هجي ٖ ساڳئي وقت هو پٺاڻن جي لا۽ ڇپر ڇانو ۽ “ خان بابا “ هو ٖ داؤد خان پٺاڻ جو حيدرآباد ٖ ڪوٽڙي ۽ ڄامشوري ۾ پٺاڻن جي آبادڪاري ۽ سندن سرپرستي ۾ وڏو ڪردار رهيو ٖ هڪ بوٽ پالش مزدور کان “ ڊان “ ۽ ڪروڙ پتي ٿيل هي ماڻھو پونئرن لا۽ اڄ ڪروڙين روپين جا پئٽرول پمپ ٖ زمينون ٖ بنگلا ٖ پلاٽ ڪوچون ٖ ٽرڪون ٖ ڊمپر ۽ ٻيو مال ملڪيت ڇڏي ويو ٖ جڏھن بہ حيدرآباد جي انڊر ورلڊ دنيا جي تاريخ لکبي داؤد خان پٺاڻ جي ذڪر کان سوا اڌوري هوندي.

26195528_573229579688507_1904043287652570259_n.jpg
 
Back
Top