مست
سينيئر رڪن
فلمن ۾ توهان ڪيترائي اهڙا عجيب منظر ڏٺا هوندا جنهن ۾ انسان جي اصلي عضون جي جڳهه تي ڪو ڊوائيس لڳل هوندو آهي، جيئن روبوٽڪ هٿ، يا اک جي جڳهه تي ڪيمرا وغيره پر ڪينيڊا جو هڪ اهڙو همراهه به آهي جنهن جي اک ۾ وائرليس وڊيو ڪيمرا فٽ ٿيل آهي. اها وڊيو ڪيمرا هن پاڻ فٽ ڪئي آهي. اها خبر گهٽ ۾ گهٽ اسان جي جهوني فقير لاءِ ته سٺي خبر آهي ڇو ته بقول سندس ته سندس سڀ عضوا آهستي آهستي رٽائر ٿين پيا... ها ها ها
راب اسپينس ROB SPENCE نالي هن همراهه جي هڪ اک ننڍي هوندي کان ئي خراب هئي جنهن کان پوءِ هن پنهنجي خراب اک جي جڳهه تي هڪ اک جي سائيز جيتري وڊيو ڪيمرا فٽ ڪئي آهي. اها وڊيو ڪيمرا سندس دماغ جي ڪنٽرول ۾ نه آهي، جنهن جي ڪري هو ان سان ڏسي نه ٿو سگهي، پر ان جي رزلٽ کي وائرليس ٽيڪنالاجي جي ذريعي ٽرانسميٽر جي مدد سان ڪمپيوٽر تي اتاري ان کي ريڪارڊ ڪري ۽ ڏسي ضرور سگهي ٿو. اها ڪيمرا فقط 3 والٽ VOLTS جي بيٽري جي مدد سان هلي ٿي، تنهن جي ڪري عام وڊيو ڪيمرا جي مقابلي ۾ سندس ريزوليوشن ۽ رزلٽ گهٽ ڪوالٽي وارو آهي... نيٺ ته ان ۾ ترقي ايندي..