مير الطاف حسين ٽالپر جي وال تان منجنيق ، پراڻي زماني جو اھو اھم ھٿيار جنھن جو جنگين جا نقشا تبديل ڪرڻ ۾ اھم ڪردار رھيو. جنگ جا ٻه پاسا ھوندا آھن ھڪ دفاع ۽ ٻيو حملو جنھن جارحيت به سڏبو آ. دفاع جي سامان ۾ انفرادي حيثيت ۾ زده، خود ڍال وغيره ۽ اجتماعي حيثيت ۾ قلعه اچي ٿا وڃن ۽ حملي يا جارحيت جي سامان ۾ نيزا، ڀالا، تلوارون، تير وغيره. مگر اھي ھلڪا ھٿيار قلعي ۾ لڪل فوج تي استعمال ڪرڻ لاء بيڪار ھئا. منجنيق جارح فوج جو سڀ کان اھم ۽ ڪارائتو ھٿيار ھو. سب کان پھريون عيسوي سن کان 4 صديون اڳ منجنيق چين ۾ استعمال ٿيڻ شروع ٿي، 7 صدي عيسوي يعني اسلام ني ابتدا ۾ بازنطيني حڪمران به منجنيقون رکندا ھئا ۽ غالبن مسلمان فوجن به سڀ کان پھرين شام جي فتح کان پوء انھن وٽان ئي منجنيقون قبضي ڪيون ھونديون ۽ انھن کي ھلائڻ جو فن به انھن وٽان سکيو ھوندو. تاريخ اسلام ۾ سڀ کان پھريون منجنيق استعمال ڪرڻ جو آغاز بنو اميه کان ٿيو ۽ مسلمانن جو ايماني مرڪز مڪو ۽ ڪعبه ﷲ منجنيق جي گولاباري جو نشانو بڻيا حالانڪه نه مڪي کي ڪا قلعي جي چوديواري ھئي نه ڪعبي کي. ڪعبي تي منجنيق سان استعمال ڪرڻ جي نوبت شايد انڪري پيش آئي جو ان وقت مسلمانن جي خلافت جا ھڪ ئي وقت 2 دعويدار ھئا. مڪي ۾ رسول ﷲ جي زوجه، ام المومنين حضرت بي بي عائشه صديقه رضه جو ڀاڻيجو ۽ سندس پٽ ڪري پاليل حضرت عبدالله ابن زبير ۽ ٻيو دعويدار شام جر شھر دمشق ۾ خليفه راشد حضرت عثمان غني جو قريبي عزيز، خاندان بنو اميه جو وارث عبدالملڪ بن مروان. حضرت عبد الله ابن زبير 12 سال حجاز ۽ عراق تي حڪمراني ڪرڻ کان پو 73 ہجري ۾ دفاعي پوزيشن اختيار ڪندي امن جي شھر مڪي ۾ پاڻ کي محدود ڪيو. ڇو ته کيس يقين ھو ته شامي مسلمان جذبه ايماني تحت ڪڏنھن به مڪي تي حملو نه ڪندا.. واقعي ائين ڪافي عرصو شامين پاران مڪي جو محاصرو جاري رھيو به سھي، نيٺ خليفي عبدالملڪ بن مروان فوجي قيادت ۾ تبديلي ڪري حجاج بن يوسف کي ڪمانڊر مقرر ڪري مڪي موڪليو جيڪو ان کان اڳ مشھوف زمانه واقعب حراه ۾ مديني ۾ پنھنجي سفاڪي جي ڌاڪ ڄمائي چڪو ھو. حجاج شام کان منجنيقون گهرائي مڪي جي پھاڙين تي نصب ڪري پٿرن ۽ باہ جا گولا مڪي ۾ وسائڻ شروع ڪيا جنہن جي نتيجي ۾ ان سال مسلمان حج به نه ڪري سگهيا، ڪعبي کي شديد نقصان پھتو ڪعبي جو حصو ڊھي پٽ پيو ۽ منجهس باھ جا شعلا ڀڙڪي پيا. ائين پنھنجي حڪمت عملي سان آخرڪار حجاج بن يوسف سوڀ حاصل ڪئي، خلادت جي دعويدار عبدالله ابن زبير کي قتل ڪري سندس لاش کي عبرٿ جو نشان بنائڻ لاء چوراھي تي ٽنگرائي ڇڏيو جيڪا ڪيترا ئي منھينا ائين ئي چوراھي ۾ ٽنگيل رھي. انھن منجنيقن تي ماھر آپريٽر ھو نباته بن حنظله.. ان واقعي جي ٺيڪ 20 سالن کان پوء وري اھي ساڳيون منجنيقون، ساڳي ماھر آپريٽر سميت مڪي کان ہزارين ميل پري سنڌ جي ساحل تي واقع ديبل جي قلعي تي استعمال ٿي فتحياب ٿيون. ڪيڏو نه عنيب اتفاق آ.