• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

معصوم

Asghar Ali Jamali

سينيئر رڪن
علمي سطح تي ٻارڙن سان ٿيندڙ ظلم


قصور شهر ۾ بي قصور نياڻي گلابن جي گل جهڙي معصوم زينب کي اغوا ڪرڻ کان پوء هڪ کان وڌيڪ زيادتي ڪرڻ کان پوء گلو گوهٽي ڇڏيو ۽ لاش کي هڪ ڪچري جي ڍير تي ظالم درندا ڦٽو ڪري غائب ٿي هليا ويا هي واقعو تمام عالمي اسلام کي لڄائيندڙ ۽ تمام مزمت جوگو آهي خبر ناهي اهڙا ڪيترا گروه آهن جيڪي اهڙي ظلم ۾ ڏينهن رات مصروف ٿا رهن انهن کي ڪا ڪهل ئي ڪا نه ٿي اچي اهڙن گروهن جي پٺيان ڪنهنجا ڪنهنجا هٿ آهن ڇو ته 2015 ۾ هڪ هڙو گروه پنجاب مان ظاهر ٿيو هو جنهن 280 معصوم ٻارن کي اغوا ڪري زيادتي کان پوء انهن جي زندگي جو ڏئيو ئي اجائي ڇڏيو هو ايڏا وڏا واقعا ٻڌڻ کان پوء اسان جا حڪمران خاموش تماشائي بڻيل اخر ڇو 2015 ۾ ئي سڄي ملڪ ۾ هڪ سال دوران 400 اهڙن ٻارن سان زيادتين جا واقعا ٿيا آهن جن کي ظالم درندن اجل جو شڪار ڪري ڇڏيو آهي مگر محڪم پوليس کان وٺي ويندي اسان جا سڀ قانون نافيذ ڪرڻ وارا ادارا ڪجه ڪري ئي ناهين سگهيا هي اهڙا واقعا آهن جو انسان ذات جو شرم کان سر جهڪي ٿو وڄي ٻارن جي حقن جي لاء ڪم ڪندڙ تنظيم ڪروئل نمبرز جي نالي سان جنهن پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ ظاهر ڪيو ته پاڪستان ۾ هر روز 11 ٻارن سان زيادتي ڪئي وڄي ٿي ۽ انهن کي اجل جو شڪار ڪيو وڄي ٿو 2016 جنسي زيادتي ,اغوا , گمشدگي, ۽ جبري شادي جا 4139 ڪيس رجسٽرڊ ٿيا آهن, جيڪي 2015 کان 10سيڪڙو وڌيڪ آهن انهن ۾ 100 اهي ٻارڙا جيڪي پنهنجي حياتي کان مايوس ٿي ويا ۽ قتل ڪيا ويا جنهن ۾ 76سيڪڙو ٻهراڙي ۽ 24 سيڪڙو شهري معصوم ٻارڙا آهن ۽ جن کي جنسي حوس جو نشان بڻايو ويو جنهن ۾ 41 ڇوڪرا هئا ۽ وڏو مسئلو اهو آهي جو ڪيترائي ڪيس اڃان پوليس تائين پهتا ئي ناهن
مددگار نيشنل هيلپ جي هڪ رپورٽ ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي ته پهرين 8 مهينن ۾ مختلف ڏوهن جا ڪيس داخل ٿيا آهن جن ۾ 294 معصوم ٻار قتل ٿيا 293 ٻارڙا اغوا ٿيا ۽ 97 ٻارڙن کي کپايو ويو 1155گمشدگي جا ڪيس داخل ٿيا ۽ 234 معصوم گلابن جهڙن ٻارڙن کي زيادتي جو نشانو بنايو ويو
علمي سطح تي به اگر نظر ثاني ڪبي ته به اسلامي مملڪتن ۾ به ننڍڙا معصوم ٻار به محفوظ ناهن اهو ڪهڙو سبب ٿي سگهي ٿو جو دنيا ڪنهن به ڪنڊ ۾ ٻار سک جي زندگي نٿا بسر ڪري سگهن ٻارن جي حقن لاء ڪم ڪندڙ يونسيف پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته شام ۾ گهرو ويڙه جي ڪري652 اجل جو شڪار ٿيا 252 ٻار کي اسڪولن جي ڀهر سان ماريو ويا ۽ اهو انگ هاڻي وڌندو ٿو رهي 850 ٻارن کي وڙهڻ لاء ڀرتي ڪيو ويو,
۽ جڏهن ته گذريل سال ڏکڻ سوڍان ۾ 12 هزار ٻارن کي جنگجوئي ۽ فوج لاء ڀرتي ڪيو ويو اهو انگ 2012 جي ڀيٽ ۾ ٻيڻو ٿيندو رهي ٿو شام ۾ گهرو ويڙه جي ڪري 60 لک ٻار انساني بنيادن تي ملندڙ امداد تي گذارو ڪري رهيا آهن جن ۾ 23 لک ٻار ملڪ کان لڏپلاڻ ڪري ويا ۽ 28 لک مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن يونسيف جي هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 2016ع ۾ لبيا کان اٽلي ويندي 26 هزار ٻارن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو ۽ ان ۾ جنسي زيادتي به وڏي پئماني تي ٿي ۽ ٿيندي رهي ٿي جيڪو چيڪ پوسٽ ۽ ڪراسنگز تي هي واقعا وڌندا رهندا آهن هڪ رپورٽ موجب 2016 ع جي شروعات ۾ ئي تشدد جي واقعن ۾ 388 ٻار مارجي ويا هئا ۽ 1121 ٻار زخمي ٿيا هئا جن ۾ قتل جي زميوار افغان مخالف عنصر آهن هڪ رپورٽ موجب 2014 ۾ ڏيڍ ڪروڙ ٻارهٿيار بندي ويڙه ۾ متاثر ٿيا جيڪي شديد مشڪلاتن جي زندگي گذارين ٿا ۽ 20 ڪروڙ ٻار اهڙن علائقن ۾ رهن ٿا جتي هٿيار بندي ويڙه جاري آهي
ان کان علاوه اسرائلي جنگ فلسطين ۾ ڪهرام مچائي ڇڏيو گذريل سال هٿيار بندي ويڙه ۾ 538 ٻار موت جو کاڄ ٿيا 4000 هزار ٻار زخمي ٿيا 54 هزار ٻار بي گهر ٿيا آهن ڏيڍ هزار ٻار يتيمي جي زندگي گذاري رهيا آهن
۽ ان کان علاوه عراق ۾ جاري تشدد وارين ڪارواين ۾ 2 ڪروڙ 70 لک ٻار متاثر ٿيا عراق ۾ داعش معصوم ٻارن کي تشدد جو نشانو بڻائيندي رهندي آهي ۽تشدد وارين ڪارواين کي ڏسڻ ۽ ان ۾ حصو وٺڻ لاء مجبور ڪندي رهندي آهي گڏيل قومن جي اداري يونسيف پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ ظاهر ڪيو آهي 2015ع مارچ کان وٺي 2017 تائين يمن ۾ 3000 هزار ٻارن کي زندگي کان ئي محروم ڪيو ويو يمن گهرو ويڙه سبب 2000 هزار اسڪول بند پيل آهن جمون ڪشمير ۾ معصوم ٻارڙن سان هندوستاني فوج جي ظلم کان وٺي ويندي برما ۾ برمي حڪومت معصوم ٻارڙن جا زيادتي ڪرڻ کان پوء انهن جا گلا ڪٽي ۽ انهن جي لاشن کي ساڙڻ تائين ننڍن سان تمام ڇرڪايئندڙ وقعا هاڻ روز مره جو معمول ٿي ويو آهي
11 آڪٽومبر 2016ع تي سيو دي چلڊرين تنظيم جي هڪ رپورٽ ۾ ظاهي ڪيو ويو ته هر 7 سيڪنڊن ۾ 15سالن کان گهٽ عمر وارين ڇوڪرين جي شادي ڪئي وڃي ٿي ۽ اهئا ئي ڇوڪري شادي کان پوء تعليم کان محروم ٿي وڃي ٿي ننڍڙن معصوم ٻارن سان ظلم جو دنيا ۾ انتهائون ڪيون وڃن ٿيون ايڏيون وڏيو ظلم جو ڪٿائون ته هي ادارا اسان ۽ توهان کي ٻڌائن ٿا مگر پوء به اسان جا معصوم ٻار جانور نما درندن کان نه ٿا محفوظ رهن ,افغانستان , ڪانگو , سوماليا, سوڍان,يمن, شام , بنگلاديش, ڪشمير , برما ۽ پاڪستان جي ڪنهن به علائقي ۾ معصوم ٻار محفوظ ناهن اسڪول جي لاء ٻارڙا وڃن ٿا يا ڪنهن دوڪان تي يا ٽوشن تي وڃن ٿا ته والدين کي ڪو ڀروسو ناهي ته اسان جا ٻار سهي سلامت واپس به ايندا يا معصوم زينب وانگر ٽين ڏينهن کان پوء پيو لاش ملندو ,گڏيل قومن جي تعليمي ۽ ثقافتي اداري يونسڪو پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ ظاهر ڪيو آھي ته دنيا ۾ 5 ڪروڙ 80 لک ٻار تعليم کان محروم آهن جڏهن ته 10 ڪروڙ پرائمري تعليم به مشڪل سان ٿا حاصل ڪن جنهن ۾ پاڪستان ايجوڪيشن اسٽيٽسٽڪس جي هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 5 سالن کان 16 عمر وارا 2ڪروڙ 26 لک ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن ٻارن سان ظلم جي انتها آهي جبري پورهئي کان وٺي ويندي تشدد جي واقعن سان ته داستان ڀريا پيا آهن اڏي وڏين ڇرڪائيندڙ رپورٽ جي هوندي به عالمي تنظيمون ,سيو چلڊرين ادارا ئي ڪجه ڪري سگهن ٿا باقي نه ته هي هڪ قصور جي بي قصور نياڻي زينب جهڙيون ڪيترين گلن جي گلابن جهڙيون نياڻيون جا لاش ملندا رهندا

--------------------------------------------------- اصغر علي جمالي/دادو
41201-1222143-1
03113072726
 
Back
Top