صورت منهنجي سپرينءَ جي ڄڻ چوڏهينءَ جو چنڊ
مصري توڙي کنڊ، ته به مَٽ نه ڀائيان مٺڙا...
*****
اسان حال دل جو اوهان سان پچاريو
اوهانجي آ مرضي جياريو يا ماريو
نه دولاوَ دوکو، دغا ڪا ڪنداسين
حسينن سان هردم وفا پيا ڪنداسين
اوهين پنهنجي وعدن کي پاريو نه پاريو
اوهانجي آ مرضي جياريو يا ماريو
اوهين ڀل اسانکان ڪريو پيا ڪنارا
پچر ڪانه ڇڏبي اوهانجي ته پيارا
رهو ڌار دلبر يا گڏجي گُذاريو
اوهانجي آ مرضي جياريو يا ماريو.
مرتضيٰ ته اصلئون اوهان جو رهيو آ
نه ٿيندو نه ڪنهنجو، نه ٿيندو نه ٿيو آ،
وٺي گڏ ويهاريو يا در تان ڌڪاريو
اوهانجي آ مرضي جياريو يا ماريو.
آواز : استاد وحيدعلي خان
ٻول :