استاد بخاري سنڌ جو لا فاني شاعر

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ابراهيم لاشاري طرفان آندل موضوعَ ‏17 جنوري 2018۔

  1. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408


    سنڌ جولافاني شاعر استاد بخاري

    ابرهيم لاشاري (وارھ)[​IMG]

    دنيا ڏاڍي ساڙولي، ڏيندءِ ڪانه ڏسڻ

    مون ڏي نيڻ نه کڻ


    هر سال جيان 16 جنوري جي تاريخ اهڙو ته خوشين جو موقعو کڻي ايندي آهي جو هن تاريخ تي رب سائين سنڌ ڌرتي تي هڪ حساس طبيعت جي نماڻي عوامي رنگ سان سرشار ٿيل شاعر کي سيد حاجن شاهه جي گهر پيدا ڪيو جنهن جو والدين آذان( ڇٺي )جو نالو پنهل شاهه رکيو هو جنهن کي سڀئي گهر وارا پيار منجهان ( عرسو ) جي نالي سان سڏيندا هئا مگر جڏهن استاد بخاري نصابي تعليم جي وهي کي رسيو ته سندس والد صاحب اسڪول ۾ داخل ڪرايو جتي سندس والد صاحب خوشي منجهان پتاشا ورهائي (احمد شاهه ) نالو لکرايائينس . سيد احمد شاه بخاري ولد سيد حاجن شاه بخاري جي گهر کان 16جنوري 1930 ع خميس ڏينهن هن جهان ۾ اک کولي سندس ننڍ پڻ ۾ سندس پي ِسيد جي جهوپڙي منجهه قديم زماني جا قصا، ڪهاڻيون، تاريخي واقعا ٻڌائي ذهن کي روشناس پيو ڪندو هو. ٻئي طرف سندس جيجل امڙ وري پنهنجي مٺڙي زبان سان مذهبي پرچار پئي ڪندي هئي ، عمده ۽ شاندار تربيت والد جي صلاحن ،امڙجي دعائن استاد بخاري جي زندگي تي بهترين اثر ڇڏيو. استاد بخاري 1944ع ڌاري سنڌي فائنل پاس ڪري سال 1946ع ڌاري پهريان روينيو کاتي ۾ تپيدار جي نوڪري ڪرڻ لڳو مگر اها نوڪري سندس طبعيت کي ڀان نه پئي جلد ئي ان نوڪري منجهان هٿ ڪڍي .تڪڙو ئي1947 ع ڌاري پرائمري ٽيچر جي حيثيت سان تعليم کاتي سان سلهاڙجي پڙهائڻ لڳو .انهن ئي ڏينهن 1961ع ۾ مئٽرڪ ۽ 1963ع ڌاري انٽر ،بي اي، جا امتحان خانگي طور سٺن نمبرن ۾ پاس ڪيائين . ۽ وري استاد بخاري تعليم ۾ هڪ وک اڳتي وڌائيندي 1964ع ڌاري سنڌ يونيورسٽي مان( سنڌي ادب ۾ ايم اي) ڪيائين. پاڻ لاڳيتو ٻارهن سال پرائمري استاد ۽ ڇهه سال انگري ٽيچر طور خدمتون سرانجام ڏيندي نظر آيو سال 1967ع ڌاري استاد بخاري گورنمنٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ سنڌي شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. اهڙي ريت استاد بخاري لاڙڪاڻو، سانگهڙ ،دادو، ۽ سيوهڻ ڪاليجن ليڪچرر ٿي رهي آخر ۾ دادو ڊگري ڪاليج مان اسسٽنٽ پروفيسر جي عهدي تان رٽائرمينٽ ورتائين . استاد بخاري پاڻ سنڌي ٻولي جو محبوب بهترين شاعر ۽ سندس شمار جديد شاعرن جي صف ۾ سڀنئي کان مٿي پهرين نمبرجو ٿئي ٿو . سندس دل دردن سان ڀريل هئي استاد بخاري جي شاعري جي هر صنف هر موضوع سان سرشار لڳي پئي آهي استاد بخاري سونهن ۽ درد جي ڳالهه ڪهڙي نه سهڻي نموني شاعري وسيلي ڪئي آهي پاڻ چوي ٿو ته

    تنهنجي تڪ تيز نگاهن کان بچو ڪو ڪونهي

    ڇو ته هر تير لڳو ٺيڪ گٿو ڪو ڪونهي

    عشق جي اڳ ڪچهري کي بنايو آوي

    جو هتي آ سو پڪو آهه ڪچو ڪو ڪونهي

    سونهن ۽ نيهن جي سڀ ڪنهن کي سڃاڻپ آهي

    ايترو يار صفا ٺوپ انڌو ڪو ڪونهي

    ڪو ٻري پيو ڪو ڳري پيو ڪو ڀري پيو آهون

    تنهنجي پاڙي ۾ سڄي رات ستو ڪو ڪونهي

    عشق جو آند نه ڪو پاند ٻڌون ٿا استاد

    سونهن جي ذات نه ڪا پات پتو ڪو ڪونهي


    سندس پهريون تخلص سندس نالو احمد شاهه هو پوءِ (آسي) ان بعد( دردي ) ۽ (بخاري ) به استعمال ڪيائين ، مگر پوءَ جلدي پاڻ کي( استاد )سڏرايائين .سندس اصل سڃاڻپ ئي يعني (استاد) تخلص سان ٿي ۽ سڄي سنڌ ۾ مشهوري ماڻي .سندس شاعري جو لفظ لفظ غزل گيتن، محبت ،درد، پيار، امن، خوشحالي، جدوجهد ترقي جي پيغام سان ڀريو پيو آهي، استاد بخاري شاعري جي ابتدا شاگردي واري زماني ۾ ڪئي جڏهن هو اڃان پنجين ڪلاس جي تعليم حاصل ڪري رهيو هو.استاد بخاري ننڍي هوندي تمام ذهين هوندو هو اسڪول جي شاگردن ۾ به نمبر اول تي هوندو هو. جڌهن اسڪول جي اسيمبلي جو گهنٽ وڄندو هو ته پنهنجي مٺڙي مڌر آواز سان گيت هروز پيو چوندو هو. سندس ڳائڻ سان به بيحد دلچسپي هوندي هيئس ۽ هڪ موسيقار جي حيثيت سان سڃاتو ويندو هوپاڻ گها گهر، يڪتارو، مٽ نهايت بهترين نموني سان وڄائڻ ڄاڻيندو هو ان وقت جي مشهور مقبول شاعرن جي شاعري جا الاپ پيو ورجائيندو هو .اڪثر استاد سڳورا سندس اسڪول بند ٿيڻ مهل يا وري رسيس جي مهل ڪجهه ٻول ٻڌائڻ لاءِاستاد بخاري کي فرمائش ڪندا هئا. ائين ئي سندس دل ۾ شاعري ڪرڻ جا اڌما پيا ايندا هئا ۽ پوءِ ائين شاعري ڪرڻ جو شوق جاڳيس 1947 عيسوي ۾ پرائمري استاد ٿيڻ جي حيثت ۾ باقاعده شاعري ڪرڻ شروع ڪيائين انهي زماني۾ ئي پنهنجو تخلص (استاد) رکيائين ۽ ان زماني کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ادبي نالي (استاد بخاري ) سان ڏيهان ڏيهه مشهور ٿيو، استاد بخاري پنهنجي شاعري جي شروعات شاگردي واري زماني ڪري چڪو هو ليڪن علمي ادبي سرگرمين ۾ ڀرپور نموني بهرو وٺڻ لاءِ 1950/51 ۾مليو. جڏهن پاڻ مٺياڻي ٽريننگ ڪاليج مان تربيت پئي ورتي 1950 ع واري زماني کان وٺي عمومن مشاعرن ۾ پئي بهرو ورتائين. استاد بخاري سدائين متحرڪ رهيو .سنڌ جي ڪنهن به شهر وستي واهڻ ۾ ڪو به مشاعري جي دعوت استاد بخاري کي ڏيندو هوته اتي وڃي پهچندو هيس. سندس تعلق بزم طالب المولي انجمن ،آفتاب ادب ۽ سنڌي ادبي سنگت پاران ڪوٺايل مشاعرن وغيره ۾ حصو وٺڻ سان گڏوگڏ ريڊيو ۽ ٽي وي تي مشاعرن يا وري بزرگن جي ميلن تي ٿيندڙ مشاعرن ۾ پڻ بحرو وٺندو هو ۽ پنهنجي خوبصورت شاعري پيش ڪري استادن کان داد پيو حاصل ڪندو هو. استاد بخاري پنهنجي زبان سان چوي ٿو ته

    دوست ڪيا سين دلداري لاءِ ڪن ٿا دل آزاو ري

    چنڊ جهڪيو هو جن قدمن تي چوٽ لڳي ڪاپاري

    ڪوئل ڏئي ويس بلبل ڏي ويس پرواني ڏي ويس

    جنهن جنهن وٽ ويس تنهن تنهن وٽ آ زاري زاري زاري

    تنهنجو منهنجو ناتو رشتو ، شايد موت ڇني

    هي ياري هڪ ٻي ياري آ ناهي ماڻهن واري

    اوکي بازي الفت واري ، پياري ۽ نياري

    هي جن جيتي تن به نه جيتي ، هارين ناهي هاري

    پيار جي عيوض پيار گهرين ٿو ، حيف اٿئي استاد

    عاشق ناهين ڄڻ ڪو آهين ، يار وڏو واپاري.

    .استاد بخاري صاحب ڪيترائي ڪتاب لکيا ۽ انهن جا مهاڳ پڻ لکيا. استاد بخاري هڪ سادو انسان هو سندس شاعري ۾ به سادي ٻولي نروار نموني سان جاءِبجاءِ ملي ٿي پنهنجي شاعري وسيلي سڄي سنڌ جي ماڻهن جي احساسن جي ترجماني پڻ ڪئي آهي پهريان پهريان استاد بخاري جي شاعري غزلن ۽ ڪافين تي مبني هوندي هئي جيڪا ٽماهي رسالي ( مهراڻ ) ۾ پئي ڇپجي هئي. ان وقت عالم اديب مولانا غلام محمد گرامي صاحب مهراڻ رسالي جي تسلسل سان شاعري ڇپائڻ ۾ حوصله افزائي پڻ ڪئي، پوءِ وقت گذڙڻ سان گڏوگڏ آهستي آهستي سندس شاعري ۾ پختگي ايندي وئي استاد بخاري شعر جي مختلف موضوعن جهڙوڪ وائي، بيت نظم، ڏوهيڙو، رباعي، قطع ،ٽيڙو ۽ آزاد نظم وغيره ۾ به ان وقت طبع آزمائي ڪرڻ لڳو.شعر جي ٻاهرين صنفن جهڙوڪ سانيٽ، ترائيل ۽ هائڪو ۾ به استاد پنهنجو مٽ پاڻ هو ۽ جهجهي انداز ۾ شعر چيائين. استاد بخاري سچ ۽ پيار جو شاعر هو. سندس شاعري نج سنڌي لفظن سا ٽم ٽار آهي اڪٽر شاعري ۾ تشبيهه ۽ استعارن ۾ ٿيل آهي سندس کي (استعارن جو بادشاه )چئجي ته ان ۾ ڪو وڌاءِ نه ٿيندو. سادي ٻولي ۾ پنهنجون تشبيهون پنهنجا استعارا جنهن ۾ سنڌ امڙ جي چڪي مٽي جو هڳاءِ هو استاد بخاري جي شاعري رومانوي به هئي ته قومي به سندس قومي شاعري نوجوان وڏي حب منجهان ڳائيندا آهن. استاد بخاري جي شاعري جو محور سنڌ ۽ سونهن هئي،استاد بخاري شاعرن منجهه سمورن خوبين جو مالڪ هو، استاد بخاري هڪ ته سونهن جو پوڄاري ٻيوهو استاد بخاري جي شاعري عشق ۽ قوميت سان ڀري پئي آهي استاد بخاري پنهنجي سونهن محبت ۽ پيار ڀري شاعري وسيلي نوان جذبا نئين آٿت ڏئي قوم ۾ اتساه پيدا ڪيو انهن کي پنهنجي حق وٺڻ لاءِ راه ڏيکاري ۽ پنهجي شاعري وارن ٻولن ۾ صلاح تو ڏي ته

    سون بازار مان ڳهني وٺبو آ

    فيض مرشد کان پني وٺبو آ

    جو سمجهي ته اوهان جو حق آ

    حق مڙسي سان ڇني وٺبو آ

    استاد بخاري سونهن جو شيدائي ۽ پيار جو فدائي هو هن پنهجي شاعري ۾ سونهن پيار کي امرتا بخشي هئي. استاد بخاري کي سنڌ ڌرتي جي سٻاجهڙن ماروئڙن سان بي لو ث محبت هئي. جنهن کي هو عبادت سمجهندو هو . جنهن جو اظهار هن پنهنجي شاعري وسيلي پڻ ڪيو پاڻ چوي ٿو ته

    پڇن ٿا سنڌ ۽ سنڌين جي ڇو تسبيح پيو سورين

    چيم هڻي پڇاڙي آ

    عبادت جي ضرورت آ

    سندس شاعري جا 25 کان مٿي مجموعا ڇپيل آهن. جن ۾ ڪوڪڻ يا ڪلياڻ، گيت اسان جا جيت اسان جي، اوتيون جوتيون ،لهر لهر دريا ءِ سوچون ڀڻڪا واڪا، ڪاري ڪڪر هيٺ، ڌرتي سرتي ،نه ڪم نبريو نه غم نبريو، زندگي او زندگي، ولولو۽ووڪ ،ميلا ملهالا، لهر لهر لالڻ ،وطن ۽ ويساه، ڳائي پيو جاڳي پيو، ماندي ٿي نه مارئي ،هڙئي ئي هيج وطن جا، تڙتڙ تيڏيان ڳالهيان ،گهڙيا سي چڙهيا، گلدستي ۾ گيت وغيره سندس ٻيوڪا في اهڙو ڪلام جيڪوشعري مجموعن ۾ نه ڇپجي سگهيو آهي اهومختلف اخباري رسالن ۾ ٽريل پکڙيل آهي ان سان گڏ ڪري ڇپائڻ جي ضرورت آهي، زندگي جي آخري حصي منجهه هن عظيم شاعر استاد بخاري کي بلڊ ڪينسر جي بيماري وڪوڙي وئي، پاڻ علاج واسطي ٻاهرين ملڪ برطانيه جي شهر لنڊن ما بلڊ ٽرانفريشن ڪرائڻ به ويو هو، ليڪن بيماري بستري تي سمهاري موت سندس وڌيڪ هن عظيم شاعر کي جئيڻ نه ڇڏيو آخر ڪار استاد بخاري هزارين چاهيندڙن کي هميشه هميشه لاءِ الوداع چئي شام جو 9 آڪٽوبر 1992ع جمعي ڏينهن هجري سن مطابق 11 ربيع آخر 1413هه تي ڪراچي ۾ 62 سال 8 مهينا 23 ڏينهن زندگي جا گذاري سنڌي شاعرن ۽ اهل قلم وارن کان موڪلائي لاءِ راهه رباني ٿي وڃي مالڪ حقيقي سان مليو سندس مرتي جي خبر پوندي، سڄي سنڌ سوڳوار بڻجي وئي استاد بخاري هن زماني جو وڏي مان وڏو عوامي شاعر هو سندس شاعري وارن لفظن کي اڄ تائين جهر جهنگ ۾ ترنم سان ڳايو وڃي ٿو اڄ سڄي سنڌ ۾ سندس جي جنم ڏينهن 88 سالگرهه نهايت عقيدت ملهائي ويندي سنڌ جا سڀئي اديب سندس شاعري ،شخصيت۽ فن ، فڪر تي روشني وجهندا


    [​IMG]

     

هن صفحي کي مشهور ڪريو