سنڌي موسيقي جونرالو آواز جلال چانڊيو جي ورسي جي مناسبت سان ابراهيم لاشاري (وارهه ) منهنجي دل اوهان سان الائي ڇو اڙي آ جلال چانڊيو سنڌ جو اهو فنڪار هو جنهن پنهنجي آواز ۽ انداز سان سر سنگيت ۾ نرالو نالو ڪمايو رب پاڪ سندس سريلي آواز جو مالڪ بڻايو هو ، سندس مقبوليت ۾ اڄ تائين ڪو به سرسنگيت جو فنڪار يڪتاري چپڙي ۾ مٽ ثاني ناهي .اڄ ڏهين جنوري سال 2018جي تاريخ هر پرستار ، سر سنگيت سان سلهاڙيل ماڻهن لاءِ ڏک جي گهڙي هوندي ڇو جو سندس ساهه جو سڳو انهي تاريخ تي17 سال اڳ ٽٽي پيو هو ،سندس واقفيت هن طرح آهي وادي مهراڻ ۾ صدين کان وٺي ڳائڻ جي ڪا ڪمي ناهي رهي اهڙن عوامي فنڪار جلال خان چانڊيو ولد حاجي فيض محمد چانڊيو جي گهر خميس ڏينهن 10 آگسٽ 1944ع ڌاري ڳوٺ هڙپال جو هٽ ڀرسان شهر ڦل جي ضلعي نوشيروفيروز ۾ جنم ورتو، سنڌ جي عوامي راڳي جڏهن پڙهن جي لائق بڻيو ته سندس والدين اسڪول داخل ڪرايو مگر نصابي تعليم سان ايتري دلچسپي نه لڳس هڪ ٻه درجو پڙهي ،پڙهڻ کان بس ڪيائين، ننڍي وهي ۾ راڳ دل ۾ اڌمان پئي کاڌا سندس پِيءَ حاجي فيض محمد چانڊيو راڳ ڳائڻ کان منع ڪندو رهيس ته (جلال پٽ راڳ نه ڳاءِ )پر جلال چانڊيو راڳ جي آواز جي دنيا ۾ رنگ جي ريٽو ٿي ويو ۽ وڏن جي روڪ جي ڪا به پرواهه نه ڪيائين، رياضتون ڪندو ڪندو نيٺ وڃي اعليٰ درجي جي مقام تي پهتو، جلال چانڊيو پهريان سندس مورو شهر کان اوڀر طرف مصر واهه ۾ ٻڪرين جي ڌڻ سان جهنگ وڃي مال چارڻ شروع ڪيو جهنگ ۾ ٺڪرين جون چپڙيون ٺاهي پنهنجي منهن جهونگاريندو هو، ٿورو جوان ٿيو ته سندس پيءُ حاجي فيض محمد چانڊيو نوان جتوئي جي شهر هڪ درزڪي دڪان تي ڪم سکڻ لاءِ ڇڏيو هو ٻه ٽي سال درزڪو ڪم سکي پورو ڪيائين ، درزڪو ڪم سکڻ دوران جلال الدين چانڊيو غلط صحبت جي ور چڙهي ويو درزڪو ڪم ڇڏي چوريون ڪرڻ شروع ڪيائين ڪيترائي ڀيرا پوليس ٻڌي مارون به ڏنس ۽ پوءِ اوچتو عشق لڳي ويس سڀ ڪم ڇڏي راڳ ڳائڻ شروع ڪيائين سندس راڳ سيکارڻ ۾ پهريون استاد (پڦاٽ سائينداد )هو جنهن وٽ راڳ سکيو ۽ تنهن بعد احسان علي فقير به راڳ سيکارڻ جا سڀ گر سمجهايا بعد ۾ هن مشهور سيبتي فنڪار باقاعده پنهنجي استاد علي گل مهر کان راڳ جو ڳانو ٻڌرايو استاد علي گوهر مهر تعلقه ميرپور ماٿيلي ضلعي گهوٽڪي جو رهواسي هو جيڪو ان وقت موري شهر ۾ رهندو هيو، جنهن چپڙي يڪتاري وڄائڻ جا سڀ گر سيکاريا پهريان پاڻ پنهنجي استاد سان گڏ ڳائيندو هو ۽ بعد ۾ استاد جي اجازت سان 1973ع ۾ هن جدا ڳائڻ شروع ڪيو يڪتاري چپڙي تي ڳائڻ واري نرالي انداز سان ٻڌندڙن جي دلين تي راڄ ڪرڻ لڳو جلال چانڊيو يڪتاري چپڙي تي ڳائي پنهنجي سريلي انداز ۽ سوز واري آواز ۾ ڳائي محفل ۾ ويٺلن ماڻهن کي مدهوش بڻائي ڇڏيندو هو جڏهن جلال چانڊيي نئون نئون ڳائڻ شروع ڪيو هو ته ان وقت سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ اردو ۽ پنجابي زبان جي ڳائيندڙن جي مقبوليت عام هوندي هئي جلال چانڊيو جي انوکي ۽ من موهيندڙ انداز انهن غير سنڌي فنڪارن کي سنڌ مان يڪتاري چپڙي جي نئي انداز سان ڀڄائي ڪڍيائين تنهن بعد مٿس شهرت، عزت، دولت جي ديوي مهربان ٿي ۽ کيس سنڌ جي جهر جهنگ ۾ وڏي مقبوليت ماڻي ان ڪري اڄ ڏينهن تائين کيس سنڌي موسيقي جو( بي تاج بادشاهه )سڏيو وڃي ٿو. جلال چانڊيو پنهنجي فن جو سڀ کان پهريون مظاهرو سيد قبول شاهه جي درگاهه تي ڳوٺ ڀرسان ڪيو هو جتي سندس درگاهه جي گادي نشين سيد نور محمد شاهه دعا به ڪئي هيس ته: جلال چانڊيو تون ڳائي تنهنجي پويان دنيا رلندي واقئي ٿيو به ائين. جلال چانڊيو زندگي ۾ پهريو ڪلام پنهنجي استاد علي گل مهر اڳيان ڳايو هو تنهنجا ٻول هيان، “اڄ سڃاڻي ڪو نه ٿو ڪو ڏهاڙو ياد ڪر دل سڙي وئي يار جاني دل سڙي جو داد ڪر” جلال چانڊيو کي راڳ جي ڄاڻ نالي ماتر هئي پر سندس قسمت جو ستارو اوروج تي هيو، راڳ ۾ سندس جيتري شهرت ملي ايتري وڏن وڏن گوين کي به نه ملي سگهي. ريڊيو پاڪستان کي انٽرويو ڏيندي جلال ٻڌايو هو ته آءُ هڪ دفعي سمن سرڪار جي ميلي تي ڳائي رهيو هيس ته جتي ٻيا به ڪيترائي ڳائڻا استاد منظور علي خان، سليمان شاهه، مٺو ڪڇي، ڪزبانو به راڳ پئي ڳايو هنن سڀني جو راڳ کليل ۽ عام پٽ تي هيو ۽ منهنجو راڳ 10 روپيه ٽڪيٽ تي هيو جيڪا ان وقت 10 رپيا تمام گهڻا هيا جيڪي راڳ جا ڄاڻو ماڻهون هنن عظيم سريلن فنڪارن ڏي لڙي به نه پئي ويا مگر مون جڏهن ڳائڻ شروع ڪيو ته رش ايتري وڌي وئي جو ٽڪيٽن تي لٺ پئي لڳي، صبح ٿيو استاد منظور علي خان مونکي گهرايو ته جلال کي ڏسان مونکي چيائين ته جلال راڳ ڳائڻ جي ڄاڻ ڪجهه به ڪو نه اٿئي پر تنهنجي بخت کي سلام آ، جلال چانڊيو ٻڌايو ته مون هٿ ٻڌي استاد منظور علي خان کي چيو ته راڳ جو علم ۽ ڄاڻ برابر اوهان وٺ آهي پر بخت وري اسان جو الله سٺو ڪيو آهي استاد دعا ڪجو. جلال چانڊيو جو حافظو به تمام بهتر هوندو هو معمولي تعليم هوندي کيس نون پراڻن سوين شاعرن جا هزارين ڪلام، ڪافيون، گيت، غزل، وايون، ڏوهيڙا ۽ بيت وغيره ياد هوندا هئا، اڄ جا اڪثر فنڪار راڳ ڳائڻ محل پنهنجي سامهو شاعرن جي شاعري جا ڪتاب جا ڪاپيون کولي ويهندا آهن مگر جلال چاڊيو جڏهن به ڳائيندو هيو ته دل جا دفتر کولي ويهندو هيو، جنهن منجهان پريت جا پنا پئي پڙهندو هو هڪ ٻئي ٻويان ڪلام مٿان ڪلام پيو ڳائيندو هو، جلال چانڊيو جي آواز ۾ ٿوري ڏڪڻي، گرج ۽ تيزي هوندي هئي هڪ ڀيري جلال چانڊيو کان ڪنهن سوال ڪري پڇو ته سائين اوهان ايڏو تڪڙو ڇو ٿا ڳايو؟ جواب ۾ جلال الدين وراڻيو ته جيڪڏهن ڪنهن جي گهر کي باهه لڳي ته ڇا هون هوريان هوريان باهه وسائڻ لاءِ ويندو ظاهر آهي ته هون ڀڃندو ۽ ڊڪندو ويندو، منهنجي اندر به عشق جي باهه لڳل آ جيڪا مون ۾ تيزي ۽ مستي پيدا ڪري ڇڏي ٿي. جلال چانڊيو انهن ڳائڻ منجهان هو جن جي مڃتا کي ڏسي ريڊيو پاڪستان کيس آواز رڪارڊ ڪرائڻ تي مجبور ٿي پيو، جنهن زماني ۾ جلال چانڊيو ريڊيو تي آيو هو ته ان وقت ريڊيو تي اچڻ تمام ڏکيو ڪم هوندو هيو رڳو گويا، استاد، ڳائڻا ئي اچي سگهندا هيا پر جلال چانڊيو هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته ريڊيو پاڪستان تي جي پروڊيوسرن وٽ ڪيترا ئي ڀيرا ويس مگر نٽائي ڇڏيندا هيا ۽ چوندا ها بابا وري ڪڏهن اچجائين پوءِ ريڊيو تي وڃڻ ئي چڏي ڏنم جلال چانڊيو انٽرويو ۾ وڌيڪ معيار ڏيندي ٻڌايو ته دل دل ۾ چيم ته جاتي ڪاٿي ٻاهر مڱر ٿورو صبر ڪر جلال چانڊيو هوئين مشهور ٿي ويو آهين سنڌ جي هر شهر واهڻ ڪيتريون ئي ڪيسيٽيون وڄن ٿيون ريڊيو وارن کي ڇو ايلاز ڪيون. ان ٽائيم غلام حسين شيخ پروڊيوسر حيدرآباد کان نواب شاهه پئي آيو ته روڊن رستن ۽ جنهن شهر مان پئي گذريو ته منهنجي ڪيسيٽ پئي وڳي رستي تي ڪافي ماڻهن کان پڇائي ته هي ڪهڙو فنڪار آهي ماڻهن ٻڌايس ته هي جلال چانڊيو آ، ۽ پوءِ نواب شاهه مان منهنجي ايڊريس وٺي خط لکيائين ته مشتر جلال چانڊيو مونسان حيدرآباد اسٽيشن تي ملي وڃ، مان ڪجهه ڏينهن بعد حيدرآباد اسٽيشن تي ويس پروڊيوسر غلام حسين شيخ سان دعا سلام ڪرڻ کان پوءِ پڇائين ته پهريان جلال چانڊيو ريڊيو تي ڇو نه پئي آئي ٻڌايو مانس ته ڪيترائي ڀيرا آيو هيس پر قبول ڪو نه پئي ٿيس، جلال چانڊيو 1980ع ڌاري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڪلام رڪارڊ ڪرائي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو جنهن جا ٻول “ منهنجي دل اوهان سان الائي ڇو اڙي آ” جنهن جو شاعر محمد فقير هو، جلال چانڊيو شاعرن مان جن شاعرن جو ڪلام ڳايو انهن ۾ دنيا جي عظيم شاعر شاهه عبدالطيف ڀٽائي رح، حضرت سچل سرمست رح، استاڊ بخاري، طالب الموليٰ، عبدالخالق عبد، غلام حيدر گجو، غلام حسين ڪليري، علي گل رند، راشد مورائي، دادن فقير، حمل فقير، محمد فقير کيٽاڻ، پيرل قمبر، انور قمبراڻي، علي حسن ٻٻر، مراد علي شاهه، عبدالغفور، ميهر فقير لند ۽ ٻين ڪيترن ئي شاعرن جي ڪلام کي سنڌي سرائکي، اردو، پنجابي ۽ براهوي ۾ ڳائي پاڻ نڀايو. 1970ع جي ڏهاڪي ۾ سندس پهرين ڪيسيٽ پارس ڪمپني ڪڍي جنهن کي ريڊيو پاڪستان جي مشهور پروڊيوسر اڳوڻي اسٽيشن ڊائريڪٽر ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو جهانگير قريشي پروڊيوس ڪيو ان ڪيسيٽ جو مشهور نغمو “ هل نه مٺو ايڌي لوڌ ڪري منهنجي جانب جان جلائي ٿو” تمام گهڻو مقبول ٿيو ۽ ان بعد کيس بيشمار ڪيسيٽيون به آيون، جن جو تعداد 10 کان 15 هزار ٻڌايو پيو وڃي. قداور جسم بت ڀريل ويڪري ۽ سهڻي چهري تي ڪارا نڀو ٿلها ۽ وڏا ڇهپر مٿي تي هيرن سان جڙيل سنڌي ٽوپي ۽ پوشاڪ ۾ ملبوس جلال چانڊيو جڏهن هٿ ۾ سنڌ جو قديم ساز يڪتاو ۽ ٻئي هٿ ۾ چپڙي کڻي اسٽيج تي ويهي پنهنجي مخصوص انداز ۾ ڳائڻ شروع ڪندو هو ته ماڻهن سان گڏو گڏ وڻ ٽڻ، پکي پکڻ به جهومندي محسوس ٿيندا هئا ۽ مٿان سندس پئيسن جي برسات پئي وسندي هئي، هن عوامي راڳي سنڌي فلمن ۾ به پڻ ڪلام رڪارڊ ڪرايا جن ۾ فلم جلال چانڊيو، فلم اميد ۽ فلم حيدر خان شامل آهن، جلال چانڊيو پاڪستان سنڌ جو واحد پهريو فنڪار آهي جنهن پنهنجي زندگي ۾ 1985ع ۾ شاهه اسد جي ٺهيل فلم جلال چانڊيو ۾ پنهنجو رول پاڻ ادا ڪيو ان فلم ۾ سندس ايوارڊ سان به نوازيو ويو، جلال چانڊيو کي سندس فني خدمتن عيوض انعام ۽ اعزاز پڻ مليا آهن جن ۾ سنڌ سرڪار عبدالحميد آخوند 1999 ع ۾ لطيف ايوارڊ ڏئي لطيف سائين جي 256 هين عرس مبارڪ تي نوازيو، عوام طرفان به سندس قدرداني ڪندي لاڙڪاڻي جي گوپانگ برادري پاران کيس سونو تاج پارايو ويو هو، جلال چانڊيو پٺيان اڄ تائيس سندس ڪيترائي فنڪار پنهنجا نالا تبديل ڪري سندس نالي پٺيان پاڻ کي ننڍو جلال، گرم جلال، سهڻو جلال، ۽ آخري جلال وغيره سڏائي سندس آواز جي نقل ڪري سندس ڳايل ڪافيون ۽ ڪلام ڳائي رهيا آهن، زندگي جي ّآخري ڏينهن ۾ نيٺ بيماري بيوس ڪري ڇڏيس پاڻ کي هن عوامي راڳي ڪراچي سول هاسپيٽل S.I.U.T ۾ کڻائي داخل ڪرايو هن عظيم فنڪار پنهنجي زندگيءَ ۾ ٽي شاديون ڪيون جن مان ٽي پٽ قلندر بخش چانڊيو، دلبر چانڊيو ۽ نادر چانڊيو ۽ هڪ نياڻي جي اولاد هيس، هي عظيم فنڪار راڳ جو بهترين آواز جي مالڪ مسلسل گردن جي بيماري ۾ مبتلا ٿي ويو سندس زندگي ساٿ نه ڏنو آخر ڪار 57 سالن جي ڄمار ۾ جلال چانڊيو 15 شوال 1422هه مطابق 10 جنوري 2001 اربع جي ڏينهن تي سول هاسپيٽل ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس مڙهه مٿان پرستارن ۽ دوستن چار هزار کان مٿي اجرڪ رکيا، سندس موت جي خبر ڏيهي ميڊيا کان سواءِ بي بي سي اردو سروس تي به نشر ٿي سندس جي ياد ۾ هي ڪلام نشر ڪيا جن جا ٻول هيا “دل تي هٿ رک يار دل پئي دڙڪدي اي” “دل دل سا ملي ٿيو ڌماڪو” نشر ڪيو، سندس آخري آرام گاهه مورو شهر ڀرسان ڳوٺ جلال چانڊيو ۾ آهي جتي هر سال پرستار وڏي انگ ۾ گڏ ٿي سندس جي ياد ۾ ورسي ملهائيندا آهن. سندس مرتي کي ڪافي عرصو 17 سال گذري وڃڻ باوجود به جلال چانڊيو جي فن ۽ آواز کي اڄ به اوتري ئي مقبوليت حاصل آهي گورنميٽ آف سنڌ ثقافت کاتي جي اعلي عملدارن کي منهنجي نماڻي گذارش آهي ته اهڙن فنڪارن جي سرڪاري سطح تي ثقافت کاتي طرفان ورسي ملهائي وڃي ترتيب؛616