آءَ نه ڪڏهن سچو ٿيندس سچ چوان ته پتِ وڃايان هت هُتِ نيٺ پاڻ لڄايان سڀئي سچو سچو چوندس پاسي ۾ ڪو ويهڻ نه ڏيندس ڪوڙ چوڻ سان ملندم پيار ڪڏهن ٿيندس ڪين خوار مون کي ڏي تون سگھ ڌڻي ڪوڙ سان رکان دل گھڻي