نثارابڙو
نائب منتظم
ٿورا ناهن ٿورا، مونتي ماروئڙن جا،
ڀلايـون ۽ ڀــيرا، ڳڻــي ڳــڻبا ڪيترا.
شاه
سليمان وساڻ جو حڪم ته سنڌ سلامت کي ڪجهه وقت ڏيو ... دوستن جا حڪم، اکين تي ۽ سر تريءَ تي ...
جيتوڻيڪ سنڌ سلامت منهنجي پنهنجي اوطاق آهي .. منهنجن دوستن جو ديرو آهي ... جنهن تي ڪنهن دعوت جي ضرورت ته ڪون هئي پر گهڻي عرصي کان ڀيرو نه ڀڃڻ سبب دوست سليمان دعوت ڏئي منجهائي به نه شرمائي وڌو ...
اصل ۾ جڏهن سنڌ سلامت کي ماڻهن جي ضرورت هئي ته پاڻ به مڙس ٿي منهن ڏنوسون ... پر جڏهن نوجوان دوستن جي موجودگي وڌندي وئي ۽ سنڌ سلامت جي اڱڻ تي ڄاڻو ۽ معتبر دوستن جي اچ وڃ ٿي ته پاڻ ڍرا ٿيندا وياسون ... هڪ ٻيو مسئلو هيو وقت جو ... جڏهن سعودي عرب ۾ هياسون ته آفيس ۾ ڪمپيوٽر موجود هيو ۽ وقت به گهڻو ملي ويندو هو ... پر جڏهن سعوديءَ کي خئير آباد چئي سنڌ اچڻ ٿيو ته سمجهو ٻه ٽنگا ڦاٿاسون ... روزگار جي چنتا، اٿ ويهه ۽ گهرو مسئلن سبب وقت جي ڪمي ...
بس پوءِ سنڌ سلامت جي اوطاق تان گم ٿيڻ لڳاسون ...
بهانا ۽ مجبوريون کوڙ پر پوءِ به قصور وار جو سنڌ سلامت جو دروازو کڙڪائي نه سگهياسون ... دوستن کان معافي ...
اڳ سنڌ سلامت جي درياه ۾ ترڻ سکي ويا هياسون ۽ هاڻ وري نئين سري سان پاڻيءَ ۾ گهڙيو آهيان ... همٿ ڪبي ته وري سنڌ سلامت ۾ ترڻ سکي وٺبو ...
سنڌ سلامت ساٿ سلامت
منهنجي مداين جي ڪل پريان پيئي،
ڪڏهن ڪوسا ڪون ٿيا ڏوراپا ڏيئي،
ساجن سڀيئي، ڍڪج ڍول ڍلايون.