سنڌي سکيا جو سافٽ ويئر، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي

فهد ميمڻ

سينيئر رڪن
سنڌي سکيا جو سافٽ ويئر، هن سافٽ ويئر ۾ بنيادي کان مهارت تائين سنڌي سکيا جو ڪورس درج آهي، جيڪو ٽن ٻولين يعني سنڌي، اردو، انگريزي ۽ رومن لپيءَ ۾ سنڌي سيکاري ٿو، جنهن مان ٻار توڙي وڏا دلچسپ طريقن ۽ گيمز ذريعي سنڌي سکي سگھن ٿا
https://sourceforge.net/projects/learn-sindhi-2017/
 
فهد ميمڻ صاحب جس هجي اوهان جهڙين ميمبرن تي[/QUOTE
سائين اوهان ساٿين جا ٿورائتا آهيون، اها اسان جي سموري ٽيم جي محنت آهي، جنهن ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي انيس ڪاڪا، ڊاڪٽر فهميده حسين ۽ مان خاص طور تي محنت ڪئي آهي، ماروئڙن کي قبول پئي اسان کي خوشي ٿي، ڪا خامي يا صلاح مشورو سمجھ ۾ اچي ته آگاه ڪندا
 
سافٽويئر تمام ڀلو آهي، ان کي بهتر بڻائي ان جو مٿانهون ورزين اچڻ کپي، جنهن ۾ ”يُو آءِ“ ”يُو ايڪس“ ۽ ”يوزيبلٽي سائڪالاجي“ کي اڳيان رکي بڻائجي ته سون تي سُهاڳو ٿي پوندو.
 
Back
Top