تون هاڻ ڪاڏي ويندين ………!!!

'مختلف موضوع' فورم ۾ يوسف جميل لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏27 جنوري 2018۔

  1. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    328
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه
    ” تون هاڻ ڪاڏي ويندين“، جڏهن انهي سوال منهنجي اندر ۾ ڪَرُ کنيو تہ مون ڪي گهڙيون سندس جواب کي ڳولڻ ۾ گهاري ڇڏيون، مون پنهنجي آس پاس، ويجهي پري توڙي ارد گرد نِهارِيو مون کي پاڻ وٽ، پنهنجي ويجهي، ڪو بہ فرد توڙي دوست نظر ڪو نہ آيو، سڀ جا سڀ الائي ڪاڏي، الاءِ ڪهڙي پار هليا ويا هئا، منهنجي ارد گرد سڄو سارو ماحول تن تنھا ۽ خاموش بڻيو پيو هيو

    آءُ ڪي گهڙيون خاموشي جي ٽياس تي ٽنگيل رهيس ۽ اڪيلائي جو آسمان مون کي پنهنجي ارد گرد گهيرو ڪيون سوگهون ڪيون ويٺي هئي، منهنجي سوچن جو سمنڊ خشڪ بڻجي چڪو هو، منهنجا نيڻ پاڻي بدران ٽهڪندڙ آب جاري ڪري رهيا هئا، منهنجي دل پنهنجي ڌڙِڪَڻُ واري رفتار آهستي آهستي وڌائي رهي هئي جنهن سبب منهنجي لئونڌڙي ۾ ڪجھ سور محسوس ٿيڻ شروع ٿيو، اِهو سور گهٽ ٿيڻ بجاءِ وڌڻ لڳو، ايتري قدر وڌڻ لڳو جو ان پنهنجي گرفت ۾ دماغ جي سڄي کوپڙي کي يرغمال ڪري ڇڏيو، منهنجي يرغمال بڻيل ذهن مزاحمتي انداز ۾ منهنجي انهي سوال جو جواب مون کي ڏنو جيڪو ڪجھ پل اڳم منهنجي اندران مون ۾ اڀريو هو، آءُ پنهنجي مُونهُن آهستي ڀُڻڪيس” سڀ جا سڀ مطلبي دوست ۽ يار، يونيورسٽي ۾ هڪ پل پري ڪو نہ ٿيندا هيا ۽ هاڻ ملڻ جلڻ، گڏجي کائڻ پيئڻ ۽ ياد ڪرڻ کان بہ پري ويا - حيف هجي سندن مطلب ڀري دوستي ۽ ياري تي“.
     
    نثارابڙو هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    فڪر نه ڪريو، انسان پکيءَ جي مثال آهي، ڪڏهن هت ته ڪڏهن ڪٿ .... دوست هميشه گڏ ناهن هوندا پر دوستي گڏ هوندي آهي ... انڪري سٺن دوستن جي دوستيءَ سان نڀاءُ ڪندي زندگيءَ جا سفر طع ڪريو ...
    سنڌ سلامت اوهان سان گڏ آهي ...
     
    يوسف جميل لغاري هيء پسند ڪيو آهي.
  3. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    328
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه
    لک لائق قبلا
     
    نثارابڙو هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو