ها پريــــــــــن تون ڇا ڄاڻين انهن رولاڪين کي جن رولاڪين اسان کي تنهنجي درشن جو ديوانو بڻايو هو، ها انهن رولاڪين جن ۾ رولندي اسان ڪي گهڙيون پنهنجي پاڻ کان بي خبر توڙي بي نياز ٿي ڪري تنهنجي حسن جي ڪمال ۽ جمال ۾ مهو ٿي ويندا هئاسين ها پريــــــــــن تون ڇا ڄاڻين انهي روح جي درد ڪٿا کي جنهن روح کي ڀٽڪندي ڪي ئي صديون ٿيون هجن، جنهن روح سحرا جي سرد ڀٽن ۾ پنهنجي جواني وڃائي هجي، جنهن جي جوان سپنن جوڀن ۾ ئي خودڪُشي ڪري ڇڏي هجي ها پريــــــــــن تون ڇا ڄاڻين اسان جي انهي دل لڳي کي، جنهن دل لڳي اسان کان اسان جي هر ٺڙڪ ۽ ٺڳي کسي ڇڏي هئي، جنهن دل لڳي اسان کي سنجيدگي واري مزاج مان ڪڍي ڪري مسڪرائڻ سيکاريو هو، جيڪا مسڪراهٽ اسان کان ڪي ئي ورهيہ اڳ موڪلائي وئي هئي ها پريــــــــــن تون ڇا ڄاڻين انهن راتين جي اوڄاڳن کي، جن اوڄاڳن مون کي تنهنجي انتظار ڪرڻ جو عادي ڪري ڇڏيو هو، جن اوڄاڳن سان منهنجو عشق ٿيو هو، جن اوڄاڳن مون کي محبت جي مفهوم سمجهائي ڇڏيو هو ۽ انتظاري ۾ قراري بخشي هئي ها پريــــــــــن تون ڇا ڄاڻين منهنجي من جي ان ڪچي محلات کي جيڪا تنهنجي هڪڙي بي رخي جي زلزلي سان ڊهي پٽ ٿي پئي آهي، جنهن کي وري جڙڻ ۾ شايد ڪي ئي زمانا درڪار آهن ۽ پو۽ بہ شايد وري اهڙي متان نہ جڙي سگهي جيڪا تنهنجي هڪڙي مرڪ سان جڙي پئي هئي ها پريــــــــــن تون ڇا ڄاڻين انهن تاريخين کي، جن تاريخين ۾ اسان تو کي روشني سمجهي تلاش ڪيو هو، تلاش بہ ائين جئين ڪو بي نور فرد نور کي تلاش ڪندو آهي، اسان جو هي روڳي من تنهنجو متلاشي ٿي پيو هو، گهڻي تلاش ۽ ڳولاءِ کان پوءِ بہ تنهنجو نہ ملڻ مون لاءِ ڳڻتي جو سبب بڻيو ها پريــــــــــن تون ڇا ڄاڻين انهن احساسن کي، جن احساسن کي مون لفظن جي روپ ۾ تنهنجي لاءِ لکيا، سرجهيا ۽ پڙهيا، تون تہ انهن لفظن جي قيمت جو ڪاٿو بہ نہ ٿي لڳائي سگهي منهنجا اُهي لفظ هاڻ مون لاءِ امرتا جا حامل آهن ڇو تہ انهن جي وابسطگي جو تون سان آهي
واه ادا لغاري واه ... پڙهندي ائين لڳو ڄڻ ته آءُ ڪو نثري غزل پڙهندو هجان ... جذبن جي جسم کي لفظن جي اوشاڪ سهڻي اوڍائي اٿوَ ... هڪ عرض سنڌي صورتخطيءَ تي توجهه ڏيندا ته اڃان به ڀلو ڪم ٿيندو ... ٿورا ناهن ٿورا ... سنڌ سلامت ساٿ سلامت