هن وقت جتي ڪمپيوٽر جو استعمال عام ٿيو آهي ۔۔۔ اتي مختلف قسمن جي وائرسز ته اصل منجهائي وڌو آهي ۔۔۔ خاص طور autorun.inf وغيره ۔۔۔۔ هي هڪ قسم جو ٽروجن وائرس ٿيندو آهي جيڪو هڪ دفعو فعال ٿيڻ کان پوءِ توهان جي ڪمپيوٽر ۾ موجود سمورين ڊرائيوز کي جڪڙي وٺندو آهي۔۔۔ هن وائرس جي ذريعي هيڪر ڪنهن به ڪمپيوٽر تان ڊيٽا چوري ڪري سگهن ٿا۔۔۔ هن جو ٻيو نقصان اهو به هوندو آهي ته هارڊ ڊسڪ جو پارٽيشن مائوس ڊبل ڪلڪ ڪرڻ سان کلڻ کان ماڳهين جواب ڏيو ويٺو هوندو آهي۔۔۔
مٿي ٻڌايل وائرس جي پکڙجڻ جو وڏو سبب فليش ڊرائيو يا يو ايس بي هوندو آهي ۔۔۔ جو ان جي ذريعي ڊيٽا ٽرانسفر ڪرڻ هاڻي عام آهي۔۔۔۔ توهان کي گهرجي ته پنهنجي يوايس بي ڊرائيو کي هر وقت اهڙن وائرس کان محفوظ رکو جيئن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ موجود ونڊوز جي حياتي وڌي۔۔۔
هتي مان توهان لاءِ USB Defender کڻي آيو آهيان جنهن جي ذريعي توهان پنهنجي يو ايس بي ڊرائيو ۾ مٿيو وائرس بلڪل نه ٿا آڻي سگهو۔۔۔
هن پروگرام جي سادي انٽرفيس تي ٻه بٽڻ موجود هوندا آهن۔۔۔ هڪ Protect ۽ ٻيو Unprotect جيڪڏهن توهان Protect بٽڻ کي دٻايل رکندي ڪمپيوٽر ۾ موجود ڪنهن به ڊرائيو کي کوليندو ته هي پروگرام مٿين ٻڌايل وائرس کي سڃاڻي پاڻمرادو فعال ٿيندي وائرس کي ڦاهي ڏئي ڇڏيندو۔۔۔
هن پروگرامن جي خاص خوبين ۾ هن جو مڪمل طور پورٽيبل هجڻ, هن جي سيڪيورٽي Panda USB Security ۽ USB Threat Defender کان به وڌيڪ هجڻ, تڪڙو ۽ پاڻمرادو ايڪشن وٺڻ ۽ سڀ کان اهم هن جو مفت ۾ هجڻ شامل آهن۔۔۔