شفيق الرحمان شاڪر اڄ ڪلهه اخبارن تي نظر ڄمائڻ ۽ ٽي وي جي خبرن تي ڪن لڳائڻ ڪنهن حساس ماڻهوء لاء ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي.انهن خاص ۽ اهم خبرن کي “ بريڪنگ نيوز” جو نالو ئي شايد ان ڪري مليو هجي جو اهي خبرون ٻڌندڙ جو ڏيل ڏاريو ، هانء ڦاڙيو ۽ جيء ئي جھوريو رکن. اهي خبرون پڙهندي ۽ ٻڌندي ڪڏهن ڪڏهن ته اهو گمان ٿيڻ لڳي ٿو ته اسان ترقيء جون هيڏيون منزلون طيء ڪندي ۽ تعليم جا عظيم خزانا هٿ ڪندي هي ڪهڙي وسنديء ۾ پهچي چڪا آهيون جتي انسان کي سڀ کان گھڻي دهشت ۽ خوف صرف ٻئي انسان کان آهي.شايد ڪنهن جھنگ ۾ رهندڙ وحشي جتي ڪو قانون ئي نه هوندو آهي اهي به اهڙن المين جو شڪار نه هجن جيڪي الميا اسان کي روزانو سوين اذيتون ڏيئي،دلين کي ڏنڀ ۽ انسانيت جي وجود کي چيري ڦاڙي،گهرن گھاون سان رتورت ڪري اڳتي وڌي وڃن ٿا.هي دلين کي ڇا ٿيو جو انهن مان درد ۽ ديا ئي وهي ٻاهر نڪري ويا.اهي دليون پٿرن کان به وڌ سخت ٿي وييون ڇوته پٿرن مان به ڪجھه اهڙا آهن جيڪي ٽٽي پون ٿا ۽ منجھائن پاڻي ڦٽي ٻاهر نڪري ٿو.هي ڪهڙو ديس آهي جنهن مان انسانيت منهن مٿو پٽي ڪنهن صحرا ڏانهن سفر ڪري ويئي.هي مذهب جا مليل محبتن جا موتي، صوفين جا پڙهايل سهپ ۽ صبر جا سبق،هي ڏاهن جا ڏکويلن جي ڦٽن تي مرهم رکڻ جا ڏس،هي فلسفين جو فهم ڀريو فڪر،هي دانشورن جا ڏنل دانائيء سان ڀريل درس،هي شاعرن جو ڏنل شعوري خزانو،اهو سڀ سامان ڪهڙيء لهر ۾ لڙهي ويو.ڇا هي ئي آهي اهو انسان جنهن کي اشرف المخلوقات جي اتم عهدي تي ويهاري انهيء معصوم مخلوق يعني ملائڪن کان سجدو ڪرايو ويو جيڪي هر پاپ کان پاڪ آهن. اهو جنهن کي خلقڻهار دنيا ۾ پنهن جو نائب ان ڪري بڻايو ته جيئن هوهن ڌرتيء تي ان مهر ڀرئي مالڪ جي رحمت ۽ محبت جو مظهر بڻجي سگھي.اهو انسان ذلتن جي هيڏين اونهاين ۾ ڪيئن ڪري پيو؟ان جي دل ۾ ته رحم،ڪرم،ٻاجھه،احساس ۽ محبت کي ڪٽي ڀريو ويو هو.پوء هن جي دل کي هي ڇا ٿيو جو ڪنهن معصوم ۽ ابهم ٻارڙي جون هانء ڦاريندڙ رڙيون به هن جي قهري هٿن کي ڪنهن ڪيس کان نٿيون روڪين. جيجلن جون اڀ ڦاڙيندڙ آهون ۽ دانهون به هنن جي هٿن کي شل نٿيون ڪن.هي اسان ڪهڙي دنيا ۽ ڪهڙي ديس ۾ پهتا آهيون جتي قتل ٿيندڙ کي اهو پتو ناهي ته هن کي ڪهڙي ڏوهه ۾ قتل ڪيو ويو.اهو آهي اسان جو سڌريل ۽ مهذب معاشرو،اها آهي اسان جي تهذيب ۽ ترقي،اها آهي اسان جي تعليم ۽ تربيت؟،قانون ڪهڙي ننڊ ستل آهي جو جنهن کي جيئن ٿو اچي تيئن ڪندو رهي ٿو.پوليس جنهن کي ماڻهن کي ٻين جي قهر ۽ ظلم کان بچائڻو آهي اها پاڻ بي گناه شهرين جي جسمن کي ڇيرن سان ڇليو ڇڏي.هر شيء ۾ ملاوت جو ڪاروبار بنان روڪ ٽوڪ جي اهڙي ته ازاديء سان هلي ٿو ڄڻ ته اهو سڀ جائز هجي.کاڌي جي ڪا هڪڙي شيء ته ٻڌايو جيڪا خالص رهي هجي.گڏهن ۽ ڪتن جو گوشت به انسانن جي پيٽ ۾ پهچي چڪو.ٻيو ته ٺهيو پر سنگدليء جي انتها اها جو دوائن ۾ به ملاوت. ايئن ٿو لڳي ته ماڻهن پئسي جي هوس ۾ پنهن جو پاڻ کي بلڪل انڌو ڪري ڇڏيو هجي. ڪنهن ڊاڪٽر ڪنهن مريض ٻارڙي جي ڪيل آپريشن کان پوء سندس ٽانڪا صرف ان ڪري واپس اڍيڙي ڇڏيا جو مريض جا غريب مائٽ هن جي پوري في ادا ڪري نه سگھيا هئا.اف! دل جي ڏاڍائي ۽ بي رحميء جي ٻي ڪا حد به ٿي سگھي ٿي؟هڪ پاسي ناجائز ذريعن سان ڪمايل پيسي جا انبار ته ٻئي پاسي لکين ٻار پورو کاڌو نه ملڻ سبب مختلف بيمارين جو شڪار ٿي نيٺ موت جي منهن ۾ هليا وڃن ٿا.هڪ طرف هڪ طبقي جون عياشيون،آرائشون ۽ آسائشون ته ٻئي طرف ماڻهو صرف ان ڪري تڙپي تڙپي دم ڏين جو انهن وٽ دوائون خريد ڪرڻ لاء پئسا ناهن. ترقيء ۽ خوشحاليء جي هن پوري نام نهاد سفر ۾ ٻهراڙيء جي ان ٻار لاء آخر ڇا آهي جنهن جا پير اڄ به ننگا ۽ انگ اڄ به اگھاڙا آهن.جنهن جو نٻل جسم ۽ ڏٻرو ڏيل اهو پاراتو ڏيئي رهيو آهي ته بکن هن جو سنڌ سنڌ ساڻو ڪري رکيو آهي.ستايلن، ڏتڙيلن،ڏکويلن ۽ مظلومن کي انصاف پويان ڊڪندي ورهيه وهاميو وڃن پر انصاف جو راڪاس ننڊ مان صرف تڏهن جاڳي ٿو جڏهن ڪنهن چڱي کي ڪا چهنڊڙي پوي ٿي.عام ماڻهو ته انصاف جي راهن ۾ۡ رلندي ئي برباد ٿي ويا. منرل واٽر جون بوتلون پيئندڙ پهلوانن کي ڪهڙو پتو ته انسانن جي اڪثريت ڪهڙيء طرح اڄ به جانورن جي تلائن مان پنهن جي اڃ اجھائي ٿي.صرف مايا ۽ مايا، جنهن ماڻهن ۽ معاشري جون متيون منجھائي ڇڏيون آهن. اڳين قومن ۾ جن به ماڻهن اهي ڪيس ۽ قهر ڪيا ۽ انسانن کي اذيتون ڏنيون انهن جو ڪهڙو حشر ٿيو.انهن جي ڌن دولت،طاقت ۽ حڪومت انهن جي ڪهڙي ڪم آئي اهو سڀ ڄاڻندي به اڄ جو انسان اکيون پوري، ساڳي برباديء جي رستي تي ڊوڙندو ٿو وڃي.اهڙو هوس جنهن جي ڪا انتها ناهي ، اهڙي ذلت جنهن جي ڪا حد ناهي۽ اهڙي سنگدلي جنهن سمورا انساني جذبا،احساس،اقدار ۽ روايتون اهڙيء طرح نه کٽندڙ خواهشن جي قبر ۾ دفن ڪري ڇڏيا آهن جهڙيء طرح جهالت جي زماني ۾ عرب جا ماڻهو پنهن جن معصوم نياڻين کي جيئرو دفن ڪري ڇڏيندا هئا. جڏهن انساني احساس ۽ جذبا ئي دفن ٿي وڃن ته پوء سماج صرف جيئرن جاڳندڙ لاشن جو قبرستان بڻجي وڃي ٿو. هڪ اونداهون ۽ ڀوائتو قبرستان جتي روح ڏڪڻ ۽ ساهه منجھڻ لڳي ٿو.احساس ۽ انسانيت جي اجالن کان محروم ان ڊگھي۽اذيتناڪ ڪاري رات جي ڪا صبح به ٿيندي؟ انسان وري پنهن جي انسانيت ڏانهن ڪڏهن موٽي ايندو؟انهن سوالن جي جواب سان ئي دنيا جو حقيقي امن ۽ سڪون سلهاڙيل آهي.ڪاش،ان رات جي صبح ويجھي هجي! (روزاني عوامي آواز )