لکندڙ مير سردار چنڙ سهراب نالي هڪ ڪاٺير هو جيڪو سڄو ڏينهن جهنگ مان ڪاٺيون ڪندو هو ۔ڪاٺيون ڪري شام جو واپس گهر ايندو هو ۔ هو سڄي ڏينهن ۾ صرف ايترا پئسا ڪمائيندو هو جنهن مان گهر وارن جو خرچ به مس پورو ڪري سگهندو هو . هڪ دفعي اهڙو وقت آيو جهنگ ۾ ڪاٺيون به نه جو هي ڪري گهر جو سفر ڪري . جهنگ ۾ هڪ وڏو نم جو وڻ هو جيڪو جنن جي قبضي ۾ هو .هن وڻ جي ويجهو ڪير به ويندو هو . سهراب سوچيو هاڻي ان وڻ کي وڍڻو پوندو جيڪڏهن نه وڍيو تہ ٻار بک مري ويندا .صبح جو سوير ان وڻ کي وڍبو . سهراب صبح جو سوير سج جي ڪرڻا زمين تي ڪرڻ کان اڳ ڪهاڙي کڻي اۡن نم جي وڻ طرف روانو ٿيو هن وڃڻ سان ئي وڻ کي ڪهاڙي هنئي ته اتي موجوده جنن هن کي ڏسي ورتو ۔ هڪ جن تيز لهجي ۾ چيو اي آدم جا پۡٽ اهڙو ڪم نه ڪر مڙي وڃ نت اسان توسان اهڙو ڪم ڪنداسين جو سڄي عمر ياد ڪندي ۔ سهراب هٿ ٻڌي عرض ڪيو ته ماما ماما جن مان تمام غريب ڪاٺيار آهيان منهنجو انهن ڪاٺين تي ئي گذر سفر آ . مونکي اجازت ڏيو مان وڻ وڍيان يا منهنجي ڪا مدد ڪيو۔ هڪ ٻئي جن چيو آدم جا ٻچا تون مجبور آهين ته اسان تنهنجي ضرور مدد ڪنداسين ۔ تون جهنگ وڃ ان جهنگ جي اندر وچ ۾ هڪ ننڍي ڪوٺي اٿئي ان ۾ اندر وڃي هڪ وڏي کڏ کڻ ان مان جيڪو ڪجهہ نڪرندو ان مان تون امير ٿي ويندي ۔ هڪ ننڍي جن هن کي ڪجهہ پئسا ڏنا . ۽ چيائين تہ هي پئسا گهر وارن کي ڏي ته اۡهي خرچ ڪن ۽ تون پنهنجي ڪم لاء روانو ٿي وڃ ۔ رستم جنن کان موڪلائي گهر طرف روانو ٿيو گهر پهچي هن ڪهاڙي رکي . جنن واري سموري حقيقت گهر وارن کي ٻڌائي . گهروارا ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيا . پر وري ناخوش نظر آيا . جنهن جو سبب رستم پڇو ته ڇا ڳالهہ آ گهروارن چوڻ لڳا جهنگ تمام پري آ چار يا پنج ڏينهن پڪا لڳندا .تيسيتائين اسان جو ڇا آهي ٿيندو ڇا کائينداسين ڇا پيئنداسين گهر ۾ ته ڪجهہ به ناهي. رستم چيو جنن تمام نيڪدل سٺا هئا هنن مونکي سڄي مهيني جيترو خرچ گهرڻ کان اڳ ۾ ئي ڏئي ڇڏيو ۔ اهو ٻڌي گهر وارا تمام وڌيڪ خوش ٿيا . رستم شهر ويو اۡتان ڪجهہ سيڌو گهر جو وٺي آيو اهو گهر ڏئي . پاڻ سان چادر ڪهاڙي پاڻيء جي وڏي بوتل ٻيو کڏ کوٽڻ جو سامان کنيو ۽ پاڻ روانو ٿيو جهنگ طرف هن کي جهنگ ۾ پهچڻ ۾ 2 ڏينهن لڳي ويا .هي ڪجہ ڪلاڪن بعد ان ڪوٺي ۾ پهتو. سامان رکي ٿورو ساهہ پٽيو پوء پنهنجي ڪاروائي ۾ لڳي ويو . هن تمام گهڻي کڏ کنئي صرف هڪ گول پاٺو لڌس هن اهو پاٺو کوليو ته ان مان هڪ موتي نڪتو . پهريان ته هي پريشان ٿي ويو ته هن موتي جي ڪري مان ايتري محنت ڪئي آ . پر وري سوچيائين ته هي کڻي وڃي ساڳن جنن ڏي وڃي انهن کان پڇجي ته هي ڇا آهي؟ رستم سڌو جنن وٽ آيو هن نم جي وڻ کي ڌڪۡ هنيائين تہ جن ظاهر ٿيا هن جنن کان اهو سبب موتي بابت پڇا ڪئي . جن هن کي چيو ته هي موتي وڏي ڪم جو آ وضو ڪري پاڪ صاف ٿي اکيون بند ڪري بسم اللّٰه پڙهي هن مڻ کان جيڪو گهرندي مڻ اها توکي ڏيندي . رستم جنن جا اڃا وڌيڪ ٿورا مڃي گهر طرف روانو ٿيو . هن گهر وڃي وضو ڪري پاڪ صاف ٿي اکيون بند ڪري بسم اللّٰه ڪري مڻ آڏو رکي چيو قسمين قسيمن کاڌا تيار ٿي وڃن هن اکيون کوليون بيشڪ هن جي آڏو قسمين قسمين جا کاڌا آڏو پيا هئا ۔ هاڻي هن کي جيڪو ڪجهہ کپندو هو تہ مڻ کان گهرندو هو . هاڻي رستم ڪنهن جي بہ اڳيان هٿ نه ٽنگيندو خوشحال زندگي گهر وارن سان گڏ گذارڻ لڳو ۔