پاٽ شريف جو تاريخي پسمنظر

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ مير سردار چنڙ طرفان آندل موضوعَ ‏5 فيبروري 2018۔

  1. مير سردار چنڙ

    مير سردار چنڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    63
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو
    سنڌ جا ڪيترا اهڙا ڳوٺ آهن، جن کي تاريخي حيٿيت آهي. پاٽ جو ڳوٺ به انهن مان هڪ آهي جنهن جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ آهي.

    پاٽ جو ڳوٺ دادو شهر جي اتر ۾ سورهن ميلن تي واقع آهي. تعليم ۽ سرڪاري نوڪرين جا لحاظ کان سڄي سنڌ ۾ مشهور آهي. هن شهر ۾ اهڙين شخصيتن جنم ورتو جن جي پاٽ سڄي ملڪ ۾ مشهور ٿي وئي، بلڪ ٻاهرين ملڪن ۾ پاٽ ڳوٺ جو ذڪر ٿئي پيو. انهن نالي وارين شخصيتن ۾ مرحوم جناب آءِ. آءِ. قاضي سرفهرست آهي، جيڪو نه صرف اديب فاضل ۽ علامه هو، بلڪه اسلام جو وڏو پرچار ڪندڙ هو.

    پاٽ جي اهميت ان مان وڌيڪ عيان ٿئي ٿي ته ٻه امريڪنس نه صرف پاٽ ڏسڻ بلڪ پاٽ ۾ رهڻ جو فيصلو ڪيو. انهن ۾ هڪڙو مسٽر ڊنڪن هو. منجهند جو گرمي تپائيندي هئس ته دادو ڪئنال ۾ پيو تڙڳندو هو. هر هر پيو پڇندو هو ته گرمي گهٽ ڪيڏيءَ مهل ٿيندي. ٻيو جان هاننگ مئن هو، هو ائنٿراپولاجسٽ هو. پاڪستان جي ٻهراڙيءَ جي زندگيءَ جو اڀياس ڪرڻو هئس ۽ سڄي پاڪستان مان هن پاٽ جي ڳوٺ کي منتخب ڪيو ۽ چاليهه ڏينهن پاٽ ۾ رهيو.

    جان هاننگ مئن جي مدد مرحوم رئيس ميان عصمت الله، جيڪو پاڻ عليڳڙهه جو گريجوئيٽ هو ۽ سرڪاري ڪاموري جي حيثيت ۾ رٽائر ڪيو هئائين ۽ ان وقت پنهنجون زمينون سنڀاليندو هو ۽ محترم حبيب الله صديقي ڪئي، جيڪو جيڪو هن وقت سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري آهي.



    اها پاٽ جنهن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو، حقيقت ۾ نئين پاٽ آهي. پاٽ جو اصل ڳوٺ نئين پاٽ کان ميل کن جي فاصلي تي آهي. هن وقت اتي صرف دڙا آهن، البت ان وقت جي جامع مسجد جا نشان اڃان موجود آهن. عام طرح سمجهيو ويندو آهي ته اهو پاٽ جو ڳوٺ درياهه ڦٽايو هوندو، ڇاڪاڻ ته پاٽ درياء جو ڪنهن زماني ۾ مکيه بندر هو. پر حقيقت ائين ناهي، اهو پاٽ جو شهر ڪيئن ڦٽو ۽ نئون شهر ڪيئن ٻڌو، ان جو احوال هن ريت آهي.

    هن ڳوٺ بابت اهو به مشهور آهي ته محمد بن قاسم به هن شهر ۾ لنگرانداز ٿيو هو. اها به حقيقت ناهي، هي ڳوٺ حقيقت ۾ 430هه ۾ وجود ۾ آيو آهي، ڇاڪاڻ ته ان وقت ۾ انجد علم عام هو. انهيءَ ڪري ئي هن ڳوٺ جو نالو رکيان. پاتر جا پاٽ. پاٽ فارسي ٻوليءَ ۾ تخت کي چئبو آهي. پ . ا . ٽ (اکرن) مان ابجد جي حساب تي مٿيون سن ملي ٿو. ان دور ۾ سنڌ تي عربن جي حڪومت هئي، جن کي خليفا ۽ عباسي ”المقتدر باالله“ سڏيندا هئا. پاٽ پراڻي اوچي دڙي تي ٺهيل هئي. اڳئين جڳ ۾ جنگيون جهيڙا ۽ ڀاڄون جام ٿينديون هيون. پاٽ محفوظ جڳهه تي هئي، انهيءَ ڪري هن ڳوٺ جي آدم شماري وڌي وئي هئي؛ انهيءَ ڪري گهر سوڙها ۽ ڳنڍيل هئا جيڪو حصو سڀني کان وڏي دڙي تي آهي ان کي ڪوٽ وترو چوندا هئا. ان کان اوڀر طرف الڳ ڪوٽ هو جنهن کي ٻاهريون ڪوٽ چوندا هئا. ان ۾ ڪاسبي ماڻهو رهندا هئا. ڪنڀر تمام گهڻا هوندا هئا، جو ڪنڀرن جي آوين جا نشان ۽ ٽڪراٺو گهڻو پيل آهي. انهن ٻنهين ڪوٽن جي وچ ۾ دڙا هئا جن جا پاسا پلوڪٽي زميندارن آباديءَ ۾ آڻي ڇڏيو آهي. ان مان هڪ دڙي تي ڀنگين جا گهر هئا. ٻين دڙن تي به گهرن ۽ مسجدن جا نشان ملن ٿا.

    ميان يا محمد ڪلهوڙي جي دور حڪومت ۾ پاٽ جو مضبوط قلعو هو. اتي مغل بادشاهه حڪومت هلائيندو هو. مغلن پاٽ جي اربابن ۽ وڏن زميندارن سان ظلم جهڙي روش رکي هئي. جڏهن ميان يار محمد ڪلهوڙو بادشاهه ٿيو ته کيس پاٽ فتح ڪرڻ جو خيال آيو. هن پنهنجي مريد فتح علي عرف ڦتو فقير جوڻيجي جي هٿ هيٺ پنهنجون فوجون روانيون ڪيون. ڦتو فقير جوڻيجو لشڪر جو ڪٽڪ وٺي اچي پاٽ جي ڀرسان چِڪڻ ڍنڍ جي ڀرسان لنگر انداز ٿيو. پاٽ جا زميندار وڃي ڦتو فقير سان مليا ۽ پنهنجو احوال بيان ڪيائون ته اسان سان مغلن ڏاڍا ظلم ڪيا آهن، پر جيڪڏهن پاٽ ۾ جنگ لڳندي ته اسين لتاڙجي وينداسين. بهتر ائين ٿيندو ته ڪنهن فريب سان شهر هٿ هيٺ آڻيو. نيٺ صالح مصلحت سان فيصلو ڪيائون ته اسان اندر شهر ۾ پاڻيءَ جا مٽ جوڙائينداسين ۽ مغلن کي چونداسين ته رات جو اسان وٽ ٻاهريون گهوٽ پرڻجڻ ايندو سو ڪوٽ جا دروازا کليل رکو. هنن کي دعوت ڏئي کاڄ کارائينداسين ۽ شراب پياري کيل ڪنداسين. توهان ڪٽڪ سان دهل شرنايون وڄائيندا اچي اندر ڪوٽ ۾ گهڙجو. ڦتو فقير اها ڳالهه ڪئي، انهن اربابن ائين ڪيو. مقرر تاريخ تي لشڪر جو ڪٽڪ اچي چڪڻ ڍنڍ جي ڪپ تي لٿو ۽ پوءِ اتان دهل شرنايون وڄائيندو وڃي پاٽ جي ڳوٺ ۾ گهڙيو. مغلن کي بند ڪيائون، بعد ۾ انهن کي اتان تڙي ڪڍيائون. پنهنجي مرشد کي هڪدم خبر خبر موڪليائين، جنهن حڪم ڪيس ته پاٽ جو توکي صوبيدار مقرر ٿو ڪجي، جو ويهي حڪم هلائج. پوءِ ڦتو فقير جوڻيجي ويهي حڪومت هلائڻ لڳو ۽ پاٽ جي اربابن تي چڱيون مهربانيون ڪيائين.



    پاٽ پراڻي جو شهر ڪيئن ڦٽو

    ڦتو فقير کان پوءِ سندس پٽ ڪريم داد صوبيدار ٿيو، جنهن جي بعد ۾ بدلي ٿي وئي. 1190هه سن ۾ هوت چانڊيو صوبيدار مقرر ٿيو. ان کان پوءِ عبدالرحيم سبزل ۽ آخر محمد حسين شهر جا صوبيدار ٿيا. مٿيان ٻئي چانڊيا دولت و
     
    عرس پريو، نثارابڙو ۽ ABDUL SAMAD هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ABDUL SAMAD

    ABDUL SAMAD
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مئي 2010
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    23
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ڪنڌ ڪوٽ
    تمام سٺي شئيرنگ ماشاءَ الله...
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو