منظور ڪلهوڙو
سينيئر رڪن
منهنجي وڏي ڀائو نصرالله عباسي ايِديشنل ڊپٽي ڪمشنر دادو، اڄ پبلڪ لائبريري جوهي دادو جي هلندڙ ترقاتي ڪم جو دورو ڪيو، جنهن جوهي تعلقي جي باشعور ۽ ڪتابن سان چاهه رکندڙن سان به ملاقات ڪئي، اهو هڪ بهترين اڳڀرائي آهي هي هڪ بهترين تحفو ڪتابن سان چاهه رکندڙلا ثابت ٿيندو، هن لائبريري جي ترقياتي ڪم لا ڏهه ملين رپيا رکيا ويا آهن ، هن لائبريري جو ڪم جون 2018 تائين مڪمل ٿيندو، منهنجو وڏو ڀا جيڪو ڪتابن جو پڻ عاشق آهي، هن وٽ ذاتي طور تي ڪتابن جو وڏو ذخيرو پڻ رهيو آهي جيڪو اڄ تائين ساڻس گڏ آهي، جيتوڻيڪ هن ايتري محنت ڪئي هن عهدي تائين پهتو اهو سڀ ڪتابن سان چاهه هجڻ جي سبب ٿيو آهي، ننڍپڻ کان مان ان کي ڪتابن سان محبت ان مان لاڀ حاصل ڪندي ئي کيس ڏٺڳ اٿم، خير گهڻا دوست سمجهندا منهنجو وڏو ڀا آهي ان ڪري شايد منظور تعريفون ٿو ڪري پر سچ ته جيڪي دوست منهنجي ڀا کي سڃاڻيندا هوندا يا وقفيت وارا هوندا اهي ان ڳالهه کان سئو سيڪڙو اتفاق ڪندا، ته واقعي هي انسان ڪتابن جو سڇو عاشق آهي، دنيا جا بهترين ڪتاب ڀا وٽ ملندا جيڪي سندس جي مطالعي هيٺ رهيا آهن.






