• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اردو پريس بابت پوسٽنگس ۽ ڪجھه سنڌين جي فتوا

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
مون اردو پريس خلاف، ٻين جي ڀيٽ ۾ گھڻيون پوسٽنگس ڪيون آهن ـ. تازو امت اخبار لکيو ته ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ هزارن سنڌين کي غيرقانوني داخلائون ڏنيون ويون آهن ته مون انهيءَ خلاف ڪيتريون پوسٽنگس ڪيون ۽ مختلف گروپن تي به رکيم ـ اهڙي ريت اردو ميڊيا “ڪراچي ۽ سنڏ” لکنديون رهنديون آهن تن خلاف به ڪيترن ورهين کان گھڻيون پوسٽنگس ڪيون اٿم ۽ اخبارون ۾ ڪالم به لکيا اٿم ـ نه رڳو ايترو پر اردو پريس، ڪالاباغ ڊيم جي سڌي يا اڻ سڌي ريت حمايت ڪري ٿي ۽ سنڌين سان زيادتين تي خاموش آهي، تنهن خلاف به کوڙ لکيو اٿم جڏهن ته “اردو ڪا جنازا” جا نعرا ڇاپيندڙ جنگ اخبار خلاف به ڪيترن ورهين کان لکندو اچان ٿو ـ
تازو شاهه رخ جتوئي بابت پوسٽنگ ڇا ڪيم ته ڪجھه سنڌين فتوا ڏني: “مان اردو پريس جو حامي آهيان” انهن ۾ هڪ اهڙو شخص به شامل آهي جنهن کي اردو پريس خلاف منهنجن پوسٽنگس جي مڪمل خبر آهي پر پوءِ به هن نڪ جي پڪائي ڪندي، اهڙا رمارڪس ڏنا آهن جنهن کي مون نيٺ هاڻ بلاڪ ڪيو آهي. اهڙن ماڻهن جي گندي ذهنيت تي افسوس ئي ڪري سگھجي ٿو ـ
اختلاف جو حق ته سڀني کي آهي جنهن جو مون کي به احترام آهي پر شرط اهو آهي ته جيڪي تبصرا ڪجن سي اخلاق جي اندر هجن جڏهن ته بدتميزي نه ڪجي ۽ نه ئي ڪوڙا ۽ دل آزاريندڙ رمارڪ ڏيڻ گھرجن ـ
تازو اسان جي محترم دوست ذوالفقار قادريءَ به اهڙي پوسٽنگ ڪئي آهي ته سڪندر جتوئيءَ (شاهه رخ جتوئيءَ جو والد) جي ڊمپر جن 10 عورتن کي ماريو آهي تن جي وارثن کي اجورو ڏنو وڃي ته ڪجهه سنڌين مارجي ويل 10 عورتن سان همدرديءَ بدران فتوا ڏني: هو به اردو پريس جو حامي آهي ـ
 
Back
Top