جاڳ سنڌي جاڳ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ayazjani طرفان آندل موضوعَ ‏4 جولائي 2010۔

  1. ayazjani

    ayazjani
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏31 مارچ 2010
    تحريرون:
    57
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi malir city
    ڪراچي سنڌ جي گادي جو هنڌ هئڻ سان گڏ هڪ اهم ڪاروباري ۽ صنعتي شهر آهي، جتي روزگار جا لاتعداد موقعا آهن. آڳاٽي دور ۾ ماڻهو هن شهر کي ڪلاچي يا وري مورڙي جو شهر سڏيندا هئا، پر هاڻي جي صورتحال بلڪل مختلف آهي. هاڻي مختلف ڌريون ڪراچيءَ جي مالڪيءَ جي دعويٰ ڪري رهيون آهن. هڪ ڌر سرڪاري مشينري استعمال ڪري ”همارا کراچي“ نالي فيسٽيول پئي ڪرائي، ته ٻي ڌر وري ٽرانسپورٽ تي مڪمل قبضو ڪري ڪراچي کي مني پاڪستان جو نالو ڏئي رهي آهي. هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ان سڄي صورتحال ۾ ڪراچي جا حقيقي وارث مورڙي جا مارو ڪٿي بيٺل آهن؟ سنڌي ماڻهو هاڻي ڪراچيءَ ۾ وڏي اڪثريت ۾ رهن ٿا، پر جيئن ته سنڌي ماڻهن جو ڪراچي اندر ڪنهن خاص شعبي تي ڪنٽرول نه آهي. (جيئن پٺاڻن جو ٽرانسپورٽ تي آهي) ان ڪري سنڌي ماڻهو ڄڻ ته ڪراچيءَ ۾ دٻيل آهن. اڄ به ڪراچيءَ ۾ بس اندر سنڌي ماڻهو کان پڇيو وڃي ٿو ”ڇا توهان سنڌ کان آيا آهيو؟“ اهي لفظ ٻڌي اندر ضرور سڙي ٿو. ڪراچيءَ جي 16 ٽائونز مان 8 ٽائونز ۾ هن وقت سنڌي ماڻهن جي اڪثريت آهي، پر سياسي ۽ سماجي تحفظ نه هئڻ سبب اهي ڄڻ ته گمنام زندگي پيا گذارين. تازو اسان جي قومپرست ڌرين هڪ سٺي ڪوشش ڪئي، جو هنن سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين خلاف ڪراچي ۾ تمام وڏيون وڏيون ريليون ڪڍيون، پر ڇا هڪ ڏينهن لاءِ لک ٻه لک ماڻهو گڏ ڪرڻ سان ڪراچيءَ جي مالڪي ڪري سگهجي ٿي؟ قومپرستن کي گهرجي ته هڪ منظم جدوجهد هلائن ۽ پنهنجا هيڊ ڪواٽر ڪراچي منتقل ڪن ته جيئن سنڌي ماڻهو به ڪراچيءَ جي گهٽين ۾ ڪنڌ مٿي ڪري چئي سگهي ته ”ڪراچي اسان جو شهر آهي. اسان جي حڪمرانن کي به گهرجي ته ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ سنڌي شاگردن جي ڪراچيءَ جي تعليمي ادارن ۾ ڪوٽا بحال ڪن ۽ ذوالفقار آباد ٺاهڻ بدران ڪراچي جي سنڌي وسندين کي ليز ڏين. آخر ۾ ڪي ٽي اين ۽ ڪاوش سٿ کي به گذارش آهي ته ڪراچي جي حوالي سان به ڪو ڏهاڙو ملهائڻ گهرجي ته اتي لکن جي تعداد ۾ رهندڙ سنڌين جو حوصلو بلند ٿئي.

    ڪاوش
     
  2. ayazjani

    ayazjani
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏31 مارچ 2010
    تحريرون:
    57
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi malir city
    لاڙڪاڻو سنڌو درياءِ تي قبضي، ڌاري آبادڪاري، بدامني ۽ ٻين سنڌ دشمن منصوبن خلاف لاڙڪاڻي ۾ جيئي سنڌ محاذ طرفان رياض چانڊيو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ شريڪ سوين ڪارڪنن هٿن ۾ پارٽي جا جهنڊا، بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سنڌ دشمن منصوبن خلاف نعرا لڳايا ۽ سنڌو چوڪ تي پهچي ڌرڻو هنيو. ڌرڻي کي خطاب ڪندي رياض چانڊئي جو چوڻ هو ته انگريزن جو دور ۾ به سنڌو درياءَ تي 96 سيڪڙو سنڌين جو حق هو پر 64 سالن دوران هر حڪمران پنهنجي اقتدار خاطر سنڌو درياءِ جو پاڻي پنجاب حوالي ڪندو رهيو آهي. هن چيو ته اڄ ناڻي جي ٺاهه موجب 85 سيڪڙو سنڌ جي ڪمائي وفاق کنيون پيو وڃي، ساليانو سنڌ 12 سئو ارب کان مٿي پيداوار ڏئي ٿي پر صرف 80 ارب روپيه سنڌ کي ملن ٿا. هن چيو ته هي ملڪ روزگار، امن امان، صحت، تعليم ۽ بجلي جهڙيون نعمتون پوريون نه ٿو ڪري ته پوءَ اسان وفاق ۾ ڇو رهون؟ هن چيو ته پ پ کي پنجون دفعو اقتدار مليو آهي پر سنڌ جا لاڙڪاڻو، نوابشاهه، خيرپور ۽ شهر تباهه ٿي چڪا آهن، سرڪار ترقياتي ڪم نه ڪرائي سگهي آهي.هن چيو ته هڪ سامراجي سازش تحت ڌاري آبادڪاري کي وڌايو پيو وڃي، هن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڌاري آبادڪاري کي فوري طور تي سنڌ مان نيڪالي ڏني وڃي.ان موقعي تي نصير منگي، الاهي بخش چاچڙ، حافظ رحيم بخش لکڻ، عزيز الله ڀٽو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: جاڳ سنڌي جاڳ

    ادا شيئر ڪرڻ جر مهرباني اسان جو ووٽ سنگت سان گڏ آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو