جا ڪالھ مون تي گذري !!!

'مختلف موضوع' فورم ۾ يوسف جميل لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏15 فيبروري 2018۔

  1. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    328
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه
    وڏيري !!!

    تون تہ ڄاڻي ٿي تہ ڪالھ محبت جو عالمي ڏينهن هو، پوري دنيا ۾ دل وارن جوڙن هڪ ٻي کي بي انتها تحفا ڏنا هوندا، هڪ ٻي سان روح رِهاڻِيُون ڪيون هونديون، هڪ ٻي جا حال احوال ورتا هوندا، هڪ ٻي سان ڳپل وقت جو گذاريو هوندو، هڪ ٻي جي نيڻن ۾ نهاري هڪ ٻي جي لاءِ پيار جا وچن ورجهايا هوندا، هڪ ٻي جي نيڻن مان سُروُرُ ورتو هوندو، هڪ ٻي کي ٻانهَن جا هار ارپيا هوندا، هڪ ٻي لاءِ مُرڪِيا ۽ مَهِڪيا هوندا

    ان جي بَنِسبَت مون کي تنهنجي يادن جي بهارن پنهنجي گهيري ۾ اچي ڪري سوگهو ڪيو، منهنجو من، ٿر جي سحرا وانگر پنهنجي اندر ڪي ئي واچُوڙا اُڀاري ۽ ٺاري پئي، منهنجي من جي وارِياسي ڌرتي تنهنجي ديدار جي هڪ دم لاءِ ائين تڙپي ۽ لُڇَي جئين ٿر جي اُڃايل ڌرتي بارش جي هڪ بوند لاءِ تَرسَندي آهي، منهنجي من جي چمن جا سڀ گلاب ڪومائجي چڪا هئا، منهنجا نيڻ تنهنجي اوسِيڙي ۾ تنهنجي راهن جا رات تائين دڳ ڏسندا رهيا

    ها مان ڄاڻان ٿو هي ڌرتي پيار ڪرڻ وارن لاءِ ٽامو مثل بڻيل آهي پر ان جي باوُجُودِ بہ هن چمن ۾ اڃا ڪي اهڙا گل ڦٽن ٿا جيڪي پنهنجي سُرَهاڻِ سان ڪُومائِيَلُ دلين کي زندگي بخشين ٿا، ها، اُهي گل جن جي مهڪ ۽ ٻهڪ هن ڌرتي جي ڪلراٺِي زمين کي جيون دان بخشي ٿي، جن جا وجود حُسنَ پرست وجودن لاءِ اُتساه جو سبب بڻجن ٿا

    نہ ڄاڻ ڪيتريون دليون اڃا بہ ان ڏينهن تي اُڃايل رهيا هوندا، نہ ڄاڻ ڪيترن نيڻن پنهنجن پِرين جي راهن ڏانهن ڪلاڪن جا ڪلاڪ نيڻ نڇاور ڪيا هوندا، نہ ڄاڻ ڪيترا روح اڃا رُڃ جا راهي بڻيا هوندا، نہ ڄاڻ ڪيترا وجود اڃا پنهنجي حقيقي محبوب جي حاصلات لاءِ رُنَا هوندا، نہ ڄاڻ ڪيتريون اکيون انتظار جي عالم ۾ آليون ٿيون هونديون، اهو سڀ ڪجھ سوچيندي مون پنهنجي پاڻ کي انهن رولاڪِنَ جي صفت ۾ شمار ڪري پنهنجيون اکڙيون بند ڪري ڇڏيون، تنهنجي هڪ دم ۽ ديدار لاءِ ڪي ئي پل سانت ٿي ويس، نيڻن جا شٽر بند ڪري خيالن جي اڏامن کي پرواز کان روڪيندي ڀنل نيڻن کي وقت جي تلخ وهڪرن جي حوالي ڪري ڇڏيو
     
    عرس پريو هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو