رات پنهنجي ڪاري چادر جي راڪاس کي اوڙي من اندر جيڪا مانڌاڻ مچائي وڃي ٿي انهي مچيل مانڌاڻ جا ڪي چڻنگ صبح صادق تائين دل ۾ دکندا رهن ٿا، پنهنجي بي وسي ۽ لاچاري کي ڏسندي هي دل تھ تھ کان نراس ٿي پوي ٿي، ڪپھ صفت احساس نراس ٿيڻ لڳن ٿا، اکڙين جا ڏٺل سنهري سپنا نراس ٿيڻ لڳن ٿا، اميدون نراس ٿيڻ لڳن ٿيون، خواهشون ۽ خواب پڻ نراس ٿيڻ شروع ٿين ٿيون جڏهن پرھ جي ڦٽڻ واري گهڙي ۾ اکڙيون خوابن جي ڄار مان آزاد ٿي ڪري کلي پون ٿيون تہ سڀ کان پهريائين پنهنجو پاڻ کي وساري پنهنجي ارد گرد نماڻن نيڻن سان توکي پسڻ چاهيندو آهيان، خوابن جا انيڪ خمار ذهن جي پردي تي چٽيل هجڻ جي باوجود بہ هي اکيون تنهنجي چنڊ نمان چهري جو درشن ڪرڻ چاهينديون آهن پرھ ڦٽل مهل پنهنجي ارد گرد سڄو ماحول نراس ٿيڻ محسوس ٿيل لڳي ٿو، ڪجھ پل اڳ ڏٺل سڀ ڌنڌلا خواب نراسائي جي ور چڙهي وڃن ٿا ۽ پوءِ هي ٽٽل ڀڳل وجود پڻ پنهنجي بي وسي آڏو ڳوڏا کوڙي نراس ٿيڻ لڳي ٿي، نراس بہ ائين جئين ڄڻ تہ سندس وجود جو ڪو هُل هنگامو موجود ئي نہ هو، اهڙي طرح هڪ جز پنهنجي ڪل جو متلاشي بڻجي ڪري ڪنهن اڻ ڏٺل دنيا ڏانهن پنهنجو سفر ڪرڻ شروع ڪري ٿو
ڪالھ جا مونسان گذري ۽ نراسائي مان ڪجھ محسوس ٿئي پيو ته توهان به الائي ڇا ناشاد آهيو ! بحرحال سٺو لکندا آهيو لک قرب