فيسبوڪ تي هونئن ته ڪافي سڄاڻ دوست ايڊ آھن ۽ ڪافي دوستن سان ڪافي گهرائپ ۽ پنهنجائپ وارو رشتو رهيو آھي پر سائين نظام الدين لغاري اهڙو ماڻھو آھي جنهن کي ايڊ ڪئي ايترو عرصو به نه ٿيو ۽ تمام ٿوري عرصي ۾ ڪافي ويجهڙائپ ٿي جنهن جو سبب فيسبوڪ تي سنڌ ۽ سنڌي ادب سان لڳاء رکندڙن سان سائين جن جو شفقت وارو رويو آ۔سائين نظام الدين جي هميشه اها خواهش رهي آھي ته هر سنڌي نوجوان پڙھي لکي اڳيان اچي ۽ پنهنجي پيرن تي بيهي۔سائين جي اها به خواهش رهي آھي ته هر سنڌي پنهنجي شاندار تاريخ ۽ صوفي روايتن کان واقف ٿي سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن جي دردن جو درمان ٿئي۔ سائين نظائ الدين جي آتم ڪٿا جيڪا نصير ميمڻ چواڻي جاکوڙ ڪٿا آھي۔جنهن جي پڙھڻ سان ڪافي اتساهه ملي ٿو ته سائين جن ڪيئن نه مفلسي سبب به محنت ۽ جاکوڙ سان اعلي عهدن تي پهتا ۽ اهم عهدي تي هوندي به سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن کي نه وساريائون سگا ۾ رهندي ۽ ڪالمن ذريعي جاکوڙيندا رهيا۔ جڏهن هي آتم ڪٿا شايع ٿي ته مان فيسبوڪ تان مصروفيتن سبب ڪجهه ڏينهن پاسيرو هيس ۔فيسبوڪ کولڻ بعد سائين نظام الدين جو ميسيج پڙھيم ته توهانجي امانت پئي آھي ايڊريس ڏيو ته توهانجي پتي تي موڪليان۔مون فورن اڊريس ٽائيپ ڪري موڪليو پر ٿوري دير ۾ سائين جن جو سنيهو مليو ته توهان ڪافي دير ڪئي تنهڪري توهان واري سانڍيل لفافي کي ٻئي دوست ڏانهن موڪلي ڇڏيم هاڻي توهانکي ڪجهه ڏينهن انتظار ڪرڻو پوندو۔ ڪجهه ڏينهن انتظار بعد نٺ اسانجو به انتظار ختم ٿيو ۽ ٻن ڏينهن ۾ 100 صفحن کي سولا ٿياسين۔هي صرف جيون ڪٿا يا جاکوڙ ڪٿا تائين محدود ناهي۔هي خطن۔خاڪن يادگيرين ۽ تاريخ ساز شخصيتن جي آٽوبايوگرافي جو مجموعو آھي جنهن جي پڙھڻ سان ڄاڻ ۾ اضافو ۽ ڪجهه ڪرڻ جو اتساهه جاڳي ٿو۔۔۔