تون ڇا ڄاڻي انهن اوجاڳن ڀريل نيڻن جي ڪٿا جن نيڻن هر گهڙي هر پل تنهنجي رستن تي انتظار جا گل نڇاور ڪري تنهنجون راهون تڪيون هجن، تون ڇا ڄاڻي انهي قلم جي ٿڪاوٽ کي جنهن قلم تنهنجي هر هڪ ادا، وفا توڙي جفا تي ڪي ئي تحريرون درج ڪيون آهن ها تون ڇا ڄاڻي انهن رستن جي ڊيگھ ۽ اڙانگي پن کي جن رستن تي پيرين پنڌ هلي هي دلڙي تنهنجي هڪ ديدار لاءِ ڪي ئي ميل سفر ڪري تو وٽ حاضر ٿيندي هئي، تون ڇا ڄاڻي انهن خوابن جي پختگي کي جيڪي خواب کليل اکين سان هن اک تنهنجي گڏجڻ لاءِ ڏٺا هئا ها تون ڪڏهن بہ ڪونہ ٿي ڄاڻي سگهي !!! ڇو تہ تو ڪڏهن ڪنهن جي لفظن منجھ پلجندڙ درد کي محسوس ناهي ڪيو، تو ڪڏهن ڪنهن ڪتاب جي اندر ڪنهن شاعر يا ليکڪ جي احساسن جو جائزو ناهي ورتو، تو ڪڏهن ڪنهن چمن جي برباد ٿيڻ کانپوءِ سندس آباد هجڻ واري دور جو تحقيقي مشاهدو ناهي ڪيو، تو ڪڏهن ڪنهن جهرندڙ چهري جي جهرندڙ پن جو احوال ڪونہ ڄاتو، تو ڪڏهن اهو ڪونہ ڄاتو تہ جڏهن دل ٽٽي پوندي آهي تہ پوءِ وري اهو ساڳيو دل صدين تائين ڪنهن سان جڙي ڪونہ سگهندي آهي ها تون ڪڏهن بہ ڪونہ ٿي ڄاڻي سگهي تہ اصل عشق آهي ڇا، محبت ڪهڙي بلا جو نالو آهي ڇو تہ تنهنجون سڀ محبتون وقتي ۽ مفادن جي سانچي سان ڀريل ثابت ٿيون، تو ڪڏهن بہ ڪنهن جي انتظار ۾ ڪي پل ڪونہ گذاريا آهن، تو ڪڏهن ڪنهن جي بي رخي تي ٻہ چار لڙڪ ڪونہ هاريا آهن، تو ڪڏهن ڪنهن کي دل سان ساريو ڪونہ آهي تہ پوءِ ڀلا اهو ڪئين ممڪن آهي.