سانوڻ ۾ جڏهن صبح صادق جو، سج اڀرڻ تائين اک سڳوري ڪونہ کلي سگهندي هئي ۽ دل اڃا ڪي گهڙيون ننڊ ڪرڻ چاهيندي هئي تہ تنهن مهل، عين ان وقت منهنجي گهر جي سامهون بجلي واري ٿنبي تي ويٺل ڪانگل جي ريگهٽ مون کي بيدار ڪري وجهندي هئي، بيدار ڇا، اصلي روھ ڪري ڇڏيندي هئي، پهريان ائين محسوس ٿيندو هيم تہ شايد ڪانگل خان کي خواب ۾ پيو ڏسان، پر کن پل ۾ ئي اک کلڻ شرط، ڪانگل خان کي ٿنبي جي چوٽ تي ويٺي ڏسي ڪري وري ڪي ساعتون خاموش ٿي ويندو هيس ۽ اندر تپڻ لڳندو هو، اِها ڪار، اِها ويڌن مون سان مڪمل هڪ هفتو رهي، آءُ پورو هفتو خاموش ڇو رهيس، ان جو بہ هڪ مکيہ سبب آهي، اُهو آهي اسان جون سنڌي لوڪ چوڻيون مکيہ سبب لوڪ چوڻي ڪئين، اِهو ائين تہ ياد ناهي ڪنهن جي مبارڪ منهن پاڪ سان ٻڌو هيم تہ” اگر جي توهان جي گهر جي اڱڻ تي ڪانگل خان اچي ڪري پنهنجو بي سرو ريگهٽ شروع ڪري تہ پڪ سمجهو اوهان وٽ ڪو پرين پيارو يا ويجهو عزيز قريب مهمان ٿي ڪري اچڻ وارو آهي“، هن لوڪ چوڻي هڻي هنڌ ڪري ڇڏيو، ٺپ ٺاري ڇڏيائين، اصلي لاڪ هڻي ڇڏيائين، خيالن جي اڏام تي قلم هڪ سئو چوئتاليھ نافذ ڪري ڇڏيائين مسلسل پورو هڪ هفتو مسٽر ڪانگل خان جي بي وقتي ريگهٽ ٻڌي ڪري ڪن جا پردا ذري گهٽ ڪمزور ٿي چڪا هئا، آءُ وري ان آسري تي تہ متان ڪو مهمان يا عزيز قريب اچي پوي، سو سڄو هفتو سندس ست سرن کي برداشت ڪندو رهيس، آخر ڪيستائين چپ رهان، هڪ تہ آدم ذات آهيان، پاڻ کان ڪمزور مخلوق تي جلدي ۾ ڪاوڙ ڪرڻ فطري طور وراثت ۾ مليل آهي، ٻيو وري پاڻ وٽ جڏهن انسان، انسان تي رحم نہ ٿو ڪري تہ پوءِ ٻي مخلوق تي رحم ڪرڻ جو جواز ڪٿان ٿو پيدا ڪري سگهي، کيس ٺڪاڻي تي لائڻ لاءِ بندوبست ڪرڻ شروع ڪيم پڪو پھ ڪيم تہ اگر جي هن هفتي ڪانگل خان ساڳي طرح منهنجي ننڊ ۾ خلل وجهڻ بند نہ ڪئي تہ پوءِ شڪار بہ هڪ ئي گولي جو ٿيندو، گولي بہ اهڙي جيڪا هڪ سيڪنڊ لاءِ بہ ساه کڻڻ نہ ڏيس، اصلي صفا اوفٽ ماري ڇڏيس، اهڙو ماريس جو وري ڪڏهن قيامت تائين جئيڻ جو ڪو جهان ئي نہ جوڙي سگهي، اصلي سوچي ئي نہ، اسڪرين تان ائين گم ٿي وڃي جئين بجلي وڃڻ شرط ٽي وي تان نچندڙ ڪڏندڙ ماڻهو گم ٿي ويندا آهن، مون کيس مارڻ جو سڄو سامان گڏ ڪري رکيو هو، ان وچم ٻہ هفتا گذري چڪا هئا، ڪانگل خان واپس ورڻ جي ڪا واهڻ نہ ڪئي، شايد کيس معلوم ٿي چڪو هو تہ اڄ واري انسان مان انسانيت ختم ٿي چڪي آهي، هُو درندو، وهشي ۽ بگهڙ صفت بڻجي چڪو آهي، سندس نيت ٻلي جي نيت جهڙي ٿي چڪي آهي جنهن ۾ هميشه ٻين جي حق ڦٻائڻ جي سوچ پرورش وٺندي آهي، شايد هُو ڄاڻي چڪو هو تہ هاڻ انساني گهڻ آبادي وارا شهر گڏهن، ڪتن ۽ ٻلين جي گوشت کائڻ کان بہ ڪونہ ٿا مڻن تہ متان ڪٿي مون کي شڪار نہ ڪري وجهن، شايد هُو هن فزا جي ان گونج کي سمجهي چڪو هو جنهن گونج ۾ گولين جي ٺڪاه جا آواز ٻڌڻ ۾ ايندا آهن هُو گم ٿي ويو ۽ هُن کي هاڻ هِن سانوڻ ۾ پورو سال مڪمل ٿيڻ تي آهي پر سندس ڪو ڏس پتو ڪونہ آه، خبر ناهي ڪهڙي ديس جو متوالو ٿي ڪري اُتي ويهي رهيو آه، کيس هڪ پل ڏسڻ لاءِ هي نيڻ آتا ٿا رهن…
ڀلي دلبر ڪريو ديريون، اوهان جي آسري آهيون. دلاسن تي پيا دل هيريون، اوهان جي آسري آهيون. لنگھي راتيون وڃن ڏينهن، اوهان سان نڀايون نينهن، نظر ڪيڏانهن نٿا ڦيريون، اوهان جي آسري آهيون. اوهان کان مور نه مٽباسين، تڪي تارا نه ٿڪباسين، اکيون ڀل ٿي وڃن کيريون، اوهان جي آسري آهيون. اوهين اهڃاڻ الفت جا، مٺا وڻ پڻ محبت جا، اسين آهيون ٻٻر ٻيريون، اوهان جي آسري آهيون. هلي ايندا سڄڻ سائين، ڀري پيرا اڱڻ سائين، “ قمر” نچندو ٻڌي ڇيريون، اوهان جي آسري آهيون.