ادبي کيتر ۾ الائي جي ڪهڙي وڇوڙي جو واءُ گهليو آهي جو چند سالن کان سنڌ جا نامور اديب شاعر ۽ محقق وڇڙندا پيا وڃن. تاجل بيوس، آصف مٺياڻوي، قمر شهباز ۽ ٻين جي وڇوڙي وارو گهاءُ اڃا ڀرجي ئي نه سگهيو آهي ته وري بي رحم موت سنڌ جو محقق اديب، شاعر، تجريدي نظمن جو تخليقڪار ملڪ نديم سنڌ جي ادبي آکاڙي مان اوچتو اڏامي ويو. ملڪ نديم جنهن ادبي کيتر ۾ نه رڳي شاعري تحقيقي ۽ فنون لطيفه تي پنهنجي زندگي ۾ لکيو پر هن ادبي صنفن کي نئين موڙ ۽ نئين ڍنگ سان تجريدي نظمن جي روپ ۾ نواڻ آندي. هن جون اهي سٽون: تو شام ملڻ جو واعدو ڪيو هو شام تائين ته مان پوڙهو ٿي ويندس ڪنهن جي اک جو ڳوڙهو ٿي ويندس ان شام جي انتظار ۾ سوچيندو ۽ جوش جذبي جواني جي ڏيک ۾ هينئن به چوندو رهيو ته: تيز رفتار شعور جا جملا آهن ڌرتي جي دشمن تي ٿي رهيا حملا آهن اهي دز ٿيندا رهيا آهن اهي دز ٿيندا رهيا آهن سنڌ سلامت رهندي آئي آهي ۽ سدائين! سنڌ جي سلامتي هن جو خواب هو، هن جي جيون ۾ هميشه ڌرتي جي آجپي جو سپنو سمايل هو ۽ هن جي ذهن ۾ ضمير ۾ جولان ۽ جذبو هميشه رهيو تڏهن ئي ته پنهنجي نظمن ۾ چوندو رهيو ته: اسان سڀ گڏجي اچون پيا اچون پيا اچون پيا ڪراچي اچون پيا اچون پيا سون واهه کان سمنڊ تائين گهر گهر گجگوڙ آهي جاڳ کان ابدي ننڊ تائين ڌاريا هاڻي اچڻ نه ڏبا مچ بڻجي اچئون پيا اچئون پيا. اها جدوجهد جي ذهانت ۽ شعور جي علامت ئي چئي سگهجي ٿي، جو هن جي شاعري ۾ جدوجهد جو عڪس سنڌو جو سڳنڌ ۽ پرين جي پچار هميشه رهي. ڪڏهن به پنهنجي ديس وطن جي ڌاريي سان سندس نه شام رهي نه صبح رهي اها شام جيڪڏهن ان لاءِ اداسي ۽ انتظار جو سبب بڻي ته اهو سندس پنهنجي وطن جي سڄڻن لاءِ رهي. ملڪ نديم هميشه پنهنجي شاعري ۾ مزاحمت فتح ۽ شڪستن، باغي ۽ ايمانداري جي جذبن کي پنهنجي شاعري ۾ پنهنجي قلم وسيلي نمايان ڪندو رهيو تڏهن ته سنڌو جي سپوتن کي ياد ڪندي شعور جا ڳوڙها ڳاڙهي پنهنجي نظم ۾ هينئن به چيائين ته بهادر ۽ بي باڪ به هئا. وطن جا ويڙها به هئا ارڏا ۽ انقلابي به هئا باغي ۽ بغاوتي به هئا ان واٽ جا وفادار به هئا شهادت جو مقام ڏيڻ واسطي حب الوطني جو انعام ڏيڻ واسطي ڪروڙين عوام جو سلام ڏيڻ واسطي صدين جون صديون لافاني نام ڏيڻ واسطي هي سڀ پيغما سجاڳي جو پيغام ڏيڻ واسطي، سو ملڪ نديم وڇڙي ته ويو پر ان جي شاعري ان جون تحريرون سڀ سجاڳي جي واسطي هيون ۽ شام تائين انتظار ڪندي ڪندي پوڙهو ٿيندي ٿيندي ملڪ نديم به اڄ ڪنهن جي اک جو ڳوڙهو ٿي ويو. عوامي آواز جاڳ سنڌي جاڳ
جواب: تو شام ملڻ جو واعدو ڪيو هو انا لله وانا عليه راجعون ۔۔۔ رب العالمين کيس جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ سنڌ جي آجپي واري ويڙهه ۾ اهڙا ڪونڌر پئدا ڪندو رهي ته جيئن قوم جي ضمير کي چهنڊڙيون لڳنديون رهن ۔۔۔ آمين