قصو علاما آءِ آءِ قاضيءَ جي لاڏاڻي جو

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏1 مارچ 2018۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    علاما آءِ آءِ قاضيءَ جي گھر واري فوت ٿي وئي هئي، انهيءَ کانپوءِ هن پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪيو ، سندس ليول جو ٻيوڪو به مفڪر موجود ڪونه هو جنهن سان دل جا حال احوال اوري سگھي ها، تنهنڪري هن پاڻکي اڪيلو محسوس ڪيو ـ
    مان تن ڏينهن ۾ سرگرم صحافي هوس، اها ڳالهه پوري ذميداريءَ سان لکان ٿو.کيس قتل ڪرڻ جا ناٽڪ گھڻو پوءِ گھڙيا ويا ڇاڪاڻ ته آپگھات ڪارڻ، سندس اميج خراب ٿي رهيو هو ـ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جيڪو انهيءَ وقت اقتدار ۾ ڪونه هو تنهن سندس موت جو ڪارڻ ڄاڻڻ لاءِ انڪوائريءَ جو مطالبو ڪيو هو پر انڪوائريءَ ۾ به اها ڳالهه ثابت ٿي ته هن پنهنجي مرضيءَ سان آپگھات ڪيو هو. پوءِ، ڪجھه ماڻهن ناٽڪ رچايو ته سندس پير ترڪي پيو سو ڪري پيو، اهڙا بيان مون پاڻ پڙهيا.اڃا به گھڻو پوءِ، ڪن کيس قتل ڪرڻ جو نئون ناٽڪ رچايو هو.
    جڏهن ته رڪشا ڊرائيور جو چوڻ هو ته هو پاڻ اڪيلو رڪشا ۾ چڙهي پل تي آيو ۽ کيس ڪرايو ڏئي، پوءِ درياهه ۾ ٽپو ڏنائين ـ
    انهيءَ ۾ شڪ ناهي ته علاما آءِ آءِ قاضي نهايت ئي اعلى شخصيت جو مالڪ هو، سندس ڪردار سدائين شاندار رهيو ۽ مان سندس شخصيت کان اڄ به گھڻو متاثر رهيو آهيان پر سندس زال جي وڇوڙي ۽ ساڳي ليول جي ڪنهن ٻئي شخصيت جي نه هئڻ خاطر منجھس مايوسي گھر ڪري وئي هئي ـ

    منهنجي لاءِ علاما آءِ آءِ قاضي آئيڊل شخصيت هو، آهي ۽ آئيندي به رهندو ـ مان سڀ کان اڳ سندس شخصيت کان گھڻو متاثر ٿيو هوس ـ
     
  2. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    اها ڳالھ مونکي خبر نه هُئي.. توهان منهنجي علم ۾ اضافو ڪيو. لک لائق
     
    دلبر عبداللّٰه سمون هيء پسند ڪيو آهي.
  3. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    ادا....قرب
     
    دلبر عبداللّٰه سمون ۽ عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي

هن صفحي کي مشهور ڪريو