• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

03 مارچ 1943 تي سنڌ اسيمبليءَ پاڪستان جو ٺهراءُ بحال ڪيو

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
03 مارچ 1943: سنڌ اسيمبليءَ پاڪستان جو ٺهراءُ بحال ڪري سنڌ کي صدين تائين “آزادي” نصيب ڪرائي جيڪو جي ايم سيد پيش ڪيو.
تاريخي اخبار روزاني الوحيد جي ايڊيٽر عبدالغفور سيتائي مرحوم 1946 ۾ لکيو: سر شاهنواز ڀٽي کيس اهو چئي ٺهراءِ پيش ڪرڻ کان جھليو ته سنڌ سدائين آزاد رهي آهي ۽ ان کي آزاد رهڻ ئي ڏيو پر جي ايم سيد وراڻيو: اوهان چاهيو ٿا ته سنڌ آزاد رهي ۽ ڀُٽا ان تي قبضو ڪن، مان ائين ڪرڻ ڪونه ڏيندس ـ
ٺهراءُ جي فائدي ۾ ڪل 62 ميمبرن مان رڳو 24 ميمبرن ووٽ ڏنا، 3 مخالفت ڪئي جڏهن ته ٻين بائيڪاٽ ڪيو جنهن ڪري ٺهراءُ بحال ٿي ويو
 
Back
Top