سنڌ جو ڏاهو امر جليل، شيخ اياز بابت ”سنڌي ادب هڪ صديءَ جي آئيني ۾“ لکي ٿو ته جڏهن سنڌ جو تخليقي ادب، جديد ادب جي لاڙن سان ملي 47 ۾ پاڪستان کان پوءِ اسريو ته پهرئين چند سالن ۾ سنڌي ادب تي شيخ اياز، جمال ابڙو، اياز قادري، سراج جي گهري ڇاپ آهي. جن پنهنجي تحريرن، گيتن، غزلن، واين ۽ نثر ۾ دوستي، پيار ۽ دوکي جي ديوار کان بيزاري ۽ آدرشي مقصدن لاءِ قربانيءَ جي عزم کي ورجايو. جڏهن 56 ۾ ون يونٽ واري شيطاني سازش ۽ مارشلائي آمريت ديس ڌڻين کي چيڀاٽڻ لڳي ته سنڌ جو ادب لرزش ۾ اچڻ لڳو جنهن جي ڪري سنڌي ادب ۾ سياسي خيالن کي به جاءِ ٻن ادبي ميگزينن ”روح رهاڻ“ ۽ سهڻي ڏني جن ۾ باغي ۽ مزاحمتي شاعرن ۽ اديبن کي هڪ پليٽ فارم مهيا ڪيو ويو. هنن تي مزاحمتي شاعرن ۽ اديبن شاهه عنايت، دودو دولهه درياخان ۽ منصور ملاح جي شاندار روايتن کي ورجايو ۽ پنهنجي تحريرن ذريعي مارشلا جي آمريت کي للڪاريو. جڏهن ته سائين مقصود گل ”شيخ اياز کي سندس ئي حياتيءَ ۾ ”ڀڳت سنگهه“ ۽ شيخ اياز ۾“ سنڌ جي اياز کي ڀيٽا هيئن بيان ڪري ٿو: جڏهن ڀڳت سنگهه کي ڦاسي ڏني وئي هئي ناٽڪ جا ويس ڌاريا آهن، ڀڳت سنگهه، چندر شيڪر، ڪشوري لال، سُک ديو، ڊاڪٽر گيان پرساد ۽ راج گرو، وايو منڊل جي هڪ تهه خاني ۾ ڏيکاريل آهي. وچ تي ميز رکيل آهي هڪ طرف ڀڳت سنگهه ڊاڪٽر گيا پرساد، ڪشوري لال ته ٻئي پاسي چندر شيڪر آزاد سک دير ۽ راج گرو ويٺل آهن. ميز تي ڇهه بم رکيل آهن هڪ اخبار ۾ جنهن ۾ خبر آهي شير پنجاب لالا نجيت راءِ جي!! قاتل جي اي اسڪاٽ کي ختم ڪيو وڃي. ڀڳت سنگهه چوي ٿو ڪي کڙيون گسائڻ ۾ پورا آهن ڪي قوالين ۾ پورا آهن ڪن جو قبلو امر تسر ته ڪن جو بنارس! ماڻهن جي سوچڻ کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. هن گُهٽ ٻوسٽ واري وايو منڊل ۾ آزاديءِ جو آواز پهچائجي ته ڪيئن پهچائجي، بدلو وٺجي ته ڪيئن وٺجي؟ لال جا لفظ ڀڳت جي ڪنن ۾ گونجي رهيا آهن. هر جيءُ جڏهن آهي جُٺ ۾ انگريز پهتا در جي پُٺ ۾ ڪي ٺاهه ٺڳيءِ جا ٺاهن ٿا. ڇا سوچن ٿا ڇاڇا چاهن ٿا. ڪيئن ديس سڄي کي دونڌاڙيون؟ ڪئين جيءَ سمورا جهونجهاڙيون؟ ........ ۽ ڊاڪٽر گيا پرساد اچي ٿو ۽ ڀڳت سنگهه کي جواب ڏي ٿو. مون ان تي هر هر سوچيو آ. ۽ دوز لهوءَ ۾ لوچيو آ- طوفان ضروري آ يارو- گهمسان ضروري آ يارو- ڀڳت سنگهه ”اٿي کولي“ جي لوهي جهنگلي ڏي وڌي ٿو. ٻاهر ٻاٽ ۾ نهاري ٿو. سُک ديو به وڌي ٿو ۽ پر ڀروجيل ۾ ڪو سپاهي ڳائي رهيو آهي. اڄ رات لڙي آ، اڄ رات لڙي آ، سک ديو پاڻ سان ڳالهائي ٿو. هيءَ لوءِ هميشه لٽڻ- گهر ٻار ڇڏڻ، سنسار ڇڏڻ- جي موت مرڻ، واپس نه ورڻ- ۽ ڏورانهين کان ڪو نه ڏرڻ وري ڀڳت سنگهه ڏانهن نهاري سک ديو کانئس پڇي ٿو. مون ڇا لئه جان گنوائي آ؟ ڇا منهنجي ڀيٽ اجائي آ؟ ڀڳت سنگهه سُک ديو ڏي گُهوري چوي ٿو. ديس جي آزادي هزارين جانين جو نذرانو گهرندي آهي. جيڪي صرف جو دان ڏيندا آهن. سڀئي ته ڀاڳوان هوندا آهن. تڏهن ٿي ته: تاريخ اندر هو ڌڙڪن ٿا، ڪجهه وقت اجهامي ڀڙڪن ٿا، هو پنهنجي ٻارڻ ٻارن ٿا. ۽ ڳٽ ڳجهين جا ڳارن ٿا، سُک دير جي ڪُلهي تي هٿ رکي ڀڳت سنگهه چوي ٿو. تن ۾ ڪا ڇڪ ڇپائي آ، هيءَ تنهنجي ڀيٽ سجائي آ، ايتري ۾ راج گُرو سُک ديو ڏانهن وڌي کانئس پڇي ٿو. هيءَ ڪهڙي ڀُونَ جي ڀُئه ڀُئه آ؟ هيءَ تو ۾ ڇاجي اڻ تڻ آ؟ ڇا مورک توکي ٺاهي ٿو........ ڀڳت سنگهه ۽ نيل گگن ڏي نهاري سريلي آواز ۾ راج گرو ڳائي ٿو. وهواهه پُنيءَ جا پويان پل، ٿا تڙڪن ڪيڏا نيل ڪنول، ها مون ۾ سڀ انياسي آ، هيءَ ڦاسي، ڪنهن کي ڦاسي آ. ايتري ۾ سپاهي کولي جا ڪلف لاهي دروازي مان اندر داخل ٿين ٿا ۽ ٽنهي کي ڦاسي گهاٽ ڏي وٺي وڃن ٿا ۽ پوءِ .....!! هي نيڻ نهارا ويندن جا، هي ترنن تارا ويندن جا، ڪا مُرڪ اکين ۾ آڻين ٿا، ۽ پوي ڀيرم ماڻن ٿا، هن ساري ساهه سمندر کي، ۽ جيون جي ڊل مندر کي، بس .... 23 مارچ جي شامڙي ٿئي ٿي، ۽ سوائين ستين وڳي تنهنجي ديس ڀڳتين کي ڦاسيءَ سان لائون ڏنيون وڃن ٿيون ۽ سندس ساٿين ته سڀني عشق جون حدون اورانگهي ڇڏيو. محبت جا سڀئي نانءُ بي معنيٰ ثابت ڪيائون. هنن آزاديءَ جي منگن سان نه جهليو، پر پنهنجي سيني سان لاتو. هي اياز ئي هيو جنهن ڀڳت سنگهه تي سنگيت ناٽڪ لکي سنڌي ادبي جي ان روايت کي امر بڻائي ڇڏيو آهي. جيڪا ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ خلاف هميشه مهاڏو اٽڪائيندي آهي. ائين ئي شمشير الحيدري اياز بابت ڀٽائي کان پوءِ اياز جو ئي مثال ڏيندي چوي ٿو ته ان ڏس ۾ پهريون مثال شيخ اياز جو آهي. سندس ڪلام جو پهريون مجموعو ڀوئنر ڀري آڪاس، جمالياتي شاعري جي انوکن تجربن سان ڀريل آهي. جڏهن ته سندس شعري مجموعي ”ڪلهي پاتم ڪيترو“ مان چونڊل آهن جيڪي انفرادي تجربي جا بهترين مثال آهن. تڏهن ئي ته اياز چوي ٿو. ڪا مهه وانگر ڪير، آيو آهي اوچتو. پٽ تي جنهن جو پير جهڙي باک بسنت جي- (اياز) بسنت جي باک جو تصور، شام جو انوکو جمالياتي تجربو آهي ۽ محبوب جو پير پٽ تي پوڻ، سان ايڏي حسن جي پيرائڻ جن وسيلي، حسن جي تخليق جو بهترين مثال آهي. جو اياز چوي ٿو: اڃا اوري آءُ سُري منهنجي ساهه ۾، رچي منهنجي راڳ ۾ سرتي تنهنجو ساهه- مَئي پڄاڙاءُ، گيتن ۾ گڏجي وهون- (اياز) محبوب کي ساهه ۾ سماهڻ سندس راڳ ۾ محبوب کي سموهڻ ۽ ان طرح هئي پڄاڻا گيتن جي روپ ۾ امرتا ماڻڻ جي آرزو هن بابت پنهنجي ذات ۽ انفراديت جو اظهار آهي. جڏهن ته پروفيسر منگها رام ملڪاڻي اياز جي نظمن متعلق لکي ٿو ته : اياز جي شعر ”نئون دور“ مان پهريون بند ”بند“ آزاد نظم جو مثال آهي جنهن مان سُڌ پوندي ته منجهنس بحر، وزن ۽ قافي جون ڪيتريون پابنديون ٽوڙيل آهن. تنهن هوندي به منجهس رواني، احساسن جي تمنا رواني ۽ ترنم آهي. زندگيءَ جي راهه تي مان جهومندي سيٽيون وڄائيندو، وڃان پيو دور دور ! راهه ۾ جي واهه آيا، پوءِ ڇا؟ چاڙهه آيا لاهه آيا، پوءِ ڇا؟ گهيڙ آيا، گاهه آيا پوءِ ڇا؟ دم بدم منهنجو قدم آئين ڏس مان وک وڌائيندو وڃان پيو دور دور! جيئن نثري نظم ۾ اياز زندگيءَ جي راهه تي جهومندي نظر اچي ٿو ائين ئي ديوان ڏيارام گدم مل پنهنجي نثري نظم ۾ هيئن چوي ٿو: سنڌڙي، سنڌڙي، منهنجي ماتا سنڌڙي، سنڌڙي، سنڌڙي، پيرن سنتن جندڙي. (ڏيارام) ائين ئي اياز جي دم بدم قدم کي ڇهندي رابندر ناٿ ٽئگور پريت جو گيت پيش ڪندي شاعراڻو سنيهو چوي ٿو. وار ويا اڇا ٿي اٿئي، پنهنجي ايڪانت جي سوچ ويچار ۾، ڪو آخرت جو سنيهو به سڻين پيو؟ آءُ ڪن ڏيو پيو ٻڌان، ته ڳوٺ مان مٿان، ته ٻيلي گيت ڪو ڳائي، اسان جي ماٺڙي مٽاءِ، اسان پاران ڳالهاءِ. ته باقي بچيو ڪير، جو انهن لاءِ دلسوز سر ملائي؟ اهو دلسوز سر ملائيندي ورهاڱي جي بي رحم وڇوڙي ۾ وڇڙي ويل ڌرتيءَ جو ڌڻي لڇمڻ ڪومل جو آواز اچي ٿو ۽ چوي ٿو، ٻارو تڻ کان ٻڍاپي تائين ٻولي اها ساٿي آهي. جيڪا سڄي زندگي اسان سان گڏ گڏ هلندي. ٻولي نه هوندي ته اسين گونگا هونداسين، اها ٻيجل جي ٻولي ٻڌي ڪارونجهر جي ڪناري تي بيهي روشني ۽ زندگيءَ جا نوان نغما ننوان ساز ڇيڙيندي ”ڪرشن راهي“ پڪارڻ لڳو. زندگيءَ کي اڄ ضرورت آ نئين هڪ راڳ جي، راهه گيرن کي ضرورت آ نئين هڪ ماڳ جي، راڳ جنهن ۾ سرهجي، جذبو هجي جادو هجي، ماڳ جنهن تي هڪ ٿڪل جيوت اچي ڪو دم پٽي، اهڙو ئي هڪ راڳ اڄ ڳائي ٻڌايون ٿا اسين، اڄ نوان نغمان نون سازن تي ڳايون ٿا اسين، اهڙي ئي جذبي سان ڪارو بخوبي ڪپ تي بيهي پنهنجي ماڳ تي اچي دم پٽڻ لاءِ ديس جي راهي کي اياز هيئن سڏ ڏنو. اجنبي آءُ گهڙي آءُ، ٻه ٽي پل آ رات، بيهه وِلهه ۾ ته نه، تارا به ڄمي ويا ولهه ۾ آءُ اندر ته گهڙي آءُ آءُ چائنٺ ته لڙي آءُ، ٿو ٻري مچ هتي، اچ هتي. سيءَ جا سور ته ڏس، رات رڳون چورايون، ها ۽ هيءَ ٻاٽ، ڇنڊيءَ ڄڻ ته ڇڳون چورايون، هيءُ ڦٽل ٻٻر وري پنڌ ڪندا، تنهنجو سڳنڌ ڪندا، هي ٽٽل هٿ هڻي هنڌ ڪندا، وقت ايندو ته ضرور هي وري چڪناچور ڪوڙ جو ڪنڌ ڪندا. (اياز) اڃان ڀٽائي جي اياز سنڌوءَ جي راهيءَ کي سيءَ جون دوريون سڻائي رهيو هو ته ”نارائڻ شيام“ نکٽن ۾ نهاريندي چيو ته: الا، ائين نه ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي، ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي. ”شيام“ نارائڻ شيام جي چوريل چنگ کي چند ڏينهن ئي گذريا ته ..........! بي رحم لڪيرون اچي ويون. سنڌ ۾ پورو ڀنڀٽ ٻري چڪو هو. لطيف جي ٻولي ۽ لطيف جي ڌرتيءَ جي بچاءَ جو سوال اٿيو؟ ون يونٽ جو راڪاس سڄي سنڌ کي ڳهي ويو. پوءِ اياز کان انور پيرزادي تائين سڀ شاعر لطيف جا پانڌيئڙا اٿي کڙا ٿيا، سڏ ۽ پڙاڏي جو سلسلو شروع ٿيو. اياز جي سڏ کي ورنائيندي نياز همايوني جهونگارڻ لڳو. اڄ جو نعرو سڀاڻ جي هلچل ميڙو نيٺ مچي پوندو، نيٺ ته سنڌ جي سار ٿيندي نيٺ ته جبر جهڪي پوندو، سنڌڙي به تون منهنجي جندڙي به تون، منهنجي ڌرتي به تون، داتا به تون. ”نياز همايوني“ نياز جي گيتن جي گونجار هلي رهي هئي ته اياز لفظن ۽ ٻوليءَ ۾ چيو: بک بڇڙو ٽول داناءُ ديوانا ڪري، اڄ داتا جي دان جي ڪنهن کي ڪاڻ نه ڪا گوليءَ سان گهربا، ڪڻا پنهنجي ڪيڄ جا. ”اياز“ ائين نياز رڙ ڪئي........ مڪلي ٿي اڄ ڳوڙها ڳاڙي مياڻي ٿي فرياد ڪري، آهي ڪو جو سنڌڙي کي اڄ، سڌڙين کان آزاد ڪري، يا ته اسان جا سر ويندا يا ڌاريا ٿيندا ڌوڙ هتي، سچ جي ساک سلامت رهندي رهڻو ناهي ڪوڙ هتي، سنڌ تصور ناهي حقيقيت کي مجاز نه ٿيڻي آهي، ڇا به ڪري ڪو ڪجهه به نه ٿيندو سنڌ سلامت رهڻي آهي. ”نياز همايوني“ ساڳو ئي سڏ پڙاڏو نارائڻ جي گيتن ۾ گونجڻ لڳو، سنڌ کي ڪو نه ڇڏائي ڪو سگهي سنڌين کان، سنڌ سنڌين ۾ وسي، سنڌ هتي، سنڌ هتي. ”نارائڻ شيام“ نارائڻ کي نيهن جو نياپو ڏيندي چيمه راهي چيو، وطن جي لاءِ جان گهوري پوءِ به ٿوري! ”ڪرشن راهي“ ۽ ڀٽائي جي ڀڪ ۾ بيهي ارجن عاسم وطن کي ساريندي اياز کي پريت جو پيغام ڏيندي چيائين. سرحد جي پار منهنجي نظر کي اڏڻ ڏيو، اصلي وطن جي ڀي ته زمين کي ڏسڻ ڏيو. ”ارجن عاسم“ اهي معيارون، ديس ڌڻين جو اداسيون، ڏسي سنڌ جي اياز للڪار ڪئي. سهندو ڪير ميار او يار سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو، جهول جهلي جنهن وقت ڀٽائي، ڪرندا ڪنڌ هزار او يار، سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو . ”اياز“ ائين ئي سنڌڙي تان گهر ۾ ٿيندڙ هن اڀاڳي ڊسمبر جي اڄوڪي ڏهاڙي تي ڪونجن جي ولر مان وڇڙي ڪراڙ ڍنڍ جي ڪپ تي ابدي آرامي ٿيو، جتي اڄ به لطيف جو هي عاشق تنبوري جي تند ڇيڙي ڪراڙ ڍنڍ جي ڪپ تي ويهي جهونگاري پيو، ته سنڌ ڌرتي تي سر ڪير نه ڏيندو.
جواب: ڪجهه وقت اجهامي ڀڙڪن ٿا، ادا توهان جي تمام سٺي محنت آهي منهجي نظر ۾ شيخ اياز دنيا ۾ لطيف سرڪار کان پو وڏو شاعر آهي ان ڳاله ۾ ڪو به شڪ ناهي