مسجد خدا جو گَهَر، پر ڪئين ؟؟؟

'مختلف موضوع' فورم ۾ يوسف جميل لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏6 مارچ 2018۔

  1. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    328
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه
    لفظ گَهَر هڪ عام ۽ معمولي لفظ آهي جنهن جي معني جي اڪثر دوستن کي ڄاڻ هوندي پر ان جي باوجود بہ هن اڄوڪي مضمون کي سمجهڻ لاءِ سڀ کان پهريان اوهان کي لفظ گَهَر جي لفظي معني کي جاچڻو پوندو، سو اچو تہ سنڌي لغت کان مدد وٺندي لفظ گهر کي سمجهون، جڏهن اوهان ڊڪشنري ۾ لفظ ” گهر“ لکندا تہ اُتي ان مهل ڪجھ هن قسم جا مفهوم نڪري ايندا ” گهر معني رهڻ جي جاءِ، مڪان، اَجهو، جهُڳو، چونرو، ڇَنو، مَنَهُن، لانڍي، ڪوٺو، بنگلو، محلات، ڇپر، ڇانءُ، پَٽُ، گهاٽ، ڏَرَ، غار، چُر، آکيرو، ٻِر، وغيره وغيره، يا وري ڪجھ ٻيا اهڙا ئي هم معني لفظ نڪري نروار ٿيندا

    سادن لفظن ۾ ائين کڻي چئجي تہ گهر مطلب اها مخصوص جاءِ جتي انسان ٻہ چار گهڙيون سڪون سان ويهي سگهي، آرام ڪري سگهي، سڪونيت حاصل ڪري، ان مخصوص جڳھ يا عمارت کي گهر چئجي ٿو

    هاڻ اچو ٿا پاڻ پنهنجي اصلي موضوع ڏانهن، عمومن فردن وٽان اهو جملو ٻڌڻ لاءِ ملي ٿو تہ ” مسجد خدا جو گهر آهي“، مون جڏهن بہ ان جملي کي ڪنهن وٽان ٻڌو آهي تنهن مهل آءُ ان حيراني ۾ پئجي ويندو هيس تہ مسجد خدا جو گهر ڪئين ٿي سگهي ٿو، آءُ ان تي سوچڻ لڳس، ڳپل وقت سوچڻ کان پوءِ ان نتيجي تي پهتو آهيان تہ مسجد خدا جو گهر نہ پر بلڪل مسجد هڪ عبادت گاه آهي، جتي مسلم امت خدا تعالي جي خوشنودي کي حاصل ڪرڻ لاءِ عبادت ڪندا آهن، ان لاءِ مسجد کي خدا جو گهر چوڻ بجاءِ عبادت گاه چوڻ بهتر ۽ مناسب لڳندو

    ڇو تہ گهر جي وصف آءُ اڳم ئي اوهان آڏو بيان ڪري چڪو آهيان، سو ان لحاظ کان مسجد کي خدا جو گهر چوڻ درست نہ لڳندو ڇو تہ گهر هڪ مخصوص حد بدي جو محتاج هوندو آهي ۽ ان ۾ رهڻ وارو فرد بہ هڪ مخصوص ۽ گهربل جاءِ جو محتاج رهندو آهي ان جي برعڪس خدا تعالي جي ذات پنهنجي صفات ۾ لامحود هستي آهي، ان جي لامحدود هستي کي هڪ محدود ۽ مخصوص حد ۾ قيد نہ ٿو ڪري سگهجي

    خدا تعالي تہ ڪائنات جي هر هڪ وجود ۾ موجود آهي، ان جي لامحدود هستي جي تقاضا اِها آهي تہ ان کي ڪنهن بہ مخصوص جڳھ يا حد ۾ قيد نہ ٿو ڪري سگهجي، ڪائنات بہ سندس جوڙيل آهي، هي پوري ڪائنات بہ سندس تابع آهي، اسان جي علم، عقل ۽ فهم کان وڌيڪ هو سگهارو ۽ طاقتور آهي، پوءِ ان عظيم هستي کي هڪ محدود جڳھ ۾ فٽ ڪرڻ يا سمائڻ يقينن ناجائزي هوندي، خدا کي تہ انسان پنهنجي اندر ۾ محسوس ڪري سگهي ٿو، ساڻس هم ڪلام ٿي سگهي ٿو، ڇو تہ خدا تعالي اسان جي ساه واري رڳ کان بہ وڌيڪ اسان کي ويجهو آهي.
     
    فقير محسن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو