حضرت صوفي سائين مُحمد فقير گهوٽو حضرت صوفي سائين مُحمد فقير جن جي ولادت باسعادت 1896ع ۾ ڳوٺ حُسين ٻيلي تعلقي و ضلعي گهوٽڪي ۾ ٿي ۔ سندس والد صاحب جو نالو مولوي عبدالحق هو ، هڪ دفعي ڍور چاريندي کين مديني شريف وڃڻ جو خيال آيُن ۽ ڪنهن کي ٻڌائڻ بغير مدني گهوٽ صلعم جي عشق ۾ پنڌ نڪري پيا ۽ ڪجھ سالن بعد واپسي ڪيائون ۔ شھنشاه مُحمّد سائين جن اڃان يارنهن سالن جا ٿيا تہ پاڻ وفات ڪري ويا ۔ والد صاحب جي وفات بعد گهر جو بار مٿن پيو ، ان وقت تائين چار درجا سنڌي ، قرآن پاڪ ۽ هڪ بنيادي فارسي جو ڪتاب پڙھيا هئا ۔ ڪجھ وقت ٻڪريون ۽ ڍور چارڻ ۽ پنهنجي ٻنين جو ڪم ڪار ڪرڻ لڳا ۔ سندن پهرين شادي مبارڪ پندرهن سالن جي عمر ۾ ٿي ، پر هڪ سال کان پوء سندن گهر واري گُذر ڪري وئي ۔ گهر واري جي وفات کان پوء کين وڌيڪ علم حاصل ڪرڻ جي شوق ستايو ، انڪري پنو عاقل ، شيخاڻي ۽ عادلپور جي مختلف مدرسن مان عربي ، فارسي ۽ فقه جي تعليم حاصل ڪري دستاربند عالم ٿي پنهنجي ڳوٺ حُسين ٻيلي جي جامع مسجد ( مياڻن واري مسجد) ۾ مدرس بڻجي لڳ ڀڳ ستن سالن تائين تعليم ڏيندا رهيا ۔ پر هن رنگ ۾ کين قرار نہ آيو ۔ اُن وقت سندن ملاقات رياست بهاول پور جي هڪ صوفي بزرگ سيد عبدالله شاه جيلاني سان ٿي ، جنهن جي صحبت مان کين وحدت الوجود جي پروڙ پئي ۽ روحانيت ڏانهن لاڙو ٿيو ، تنهن کان پوء فقير عارف باالله ميان شمس الدين انڍڙ جن جي صحبت ۽ خدمت ۾ ڪافي سال رهيا ۽ روحاني فيض حاصل ڪيائون ۔ميان شمس الدين انڍڙ جن حضرت محبوب سُبحاني غوث الاعظم دستگير عبدالقادر جيلاني جي روضي پاڪ تي ويا تہ اُتي کين باطن ۾ ارشاد ٿيو تہ "محمد فقير جي امانت شاه خير دين شاه جيلاني ( جيئي شاه ) وٽ رکيل آھي " هيڏانهن شھنشاه مُحمّد سائين جن جي دل ۾ اهڙو خيال جاڳيو جو ميان شمس سائين کي فرمايائون تہ "مونکي ڪلمو پڙھايو" تہ ميان سائين جن فرمايو تہ "پڙھ لَا الٰه اِلا الله" تہ محمد سائين جن فرمايو تہ "اهو تہ مونکي بہ ايندو آھي ، مونکي اُھو لدني ڪلمو پڙھايو جيڪو نبي سائينؐ جن مولا علي سائينؑ کي پڙھايو " ۔ اهو ٻڌي ميان شمس سائين جن جوش ۾ اچي فرمايو تہ "اهو ڪلمو توهان کي جيئي شاه سرڪار پڙھائيندو، اُتي وڃو ". پوء سائين جن تقريباً ست سالن تائين اُتي رياضتون ۽ مجاهدا ڪرڻ لڳا ۽ ڏينهن رات مرشد کي ٻاڏائڻ لڳا آخرڪار مٿن تمام وڏي عنايت ٿي ، شھنشاه سردار جيئي شاھ سرڪار ، مزار مبارڪ مان نروار ٿي صفاتي جامي ۾ اچي کين فيض جا پُرڪش پيالا پياريا ۽ دست بيعت طالب ڪيو ۔ ان کانپوء بہ ڪيترو وقت روھڙي "اروڙ" جي جبلن ۾ ديوانن وانگر ڦرندا رهيا ۔ سکر جي حُسن بازار ۾ هڪ عورت تي نيڻن جو نظارو ٿيُن ۽ اُتي پتنگن وانگي پچڻ لڳا ، جيئن هڪ ٻول ۾ فرمايو اٿئون : حُسن بازار ۾ ھردم ادا واجب وڃڻ گهرجي ، سر پنهنجو سدا سڪ ۾ سڄڻ اڳيئون سٽڻ گهرجي. " محمد " عاشق اداسي ۔ شمع لئہ ٿيا پتنگ پياسي ، ڇڏي سڀ عيش عياشي۔ پرواني جيان پچڻ گهرجي. آخرڪار جيئي شاه سرڪار کين باطني طور امر ڪيُن تہ آستانو ٺاهي ويهو ۽ ماڻھن کي فيض ڏيو ۔ هڪ ٻول ۾ پنهنجي مرشد هادي لاء فرمايو اٿئون : بغداد کان آيو جوڳي جُنگ ۔ لاثاني لائي لاهوتي لُنگ ، مرشد مست و مست ملنگ ۔ جانب جيئل شاه سائين جاري ٿي. خير الدين شاه ڪئي خاص خبر۔هر صورت پس تون پاڪ نظر موجود "محمد" هر مظھر ۔ متان ڳالھ اها تہ وساري ٿي. شوقئون شاھ آيو شڪاري ٿي۔منهنجو محب مٺو مڪاري ٿي. تقريباً ٻارنهن۔چوڏنهن سالن کانپوء ڳوٺ آيا ، جڏھن گهر وڃڻ لاء ويڙھي جي دروازي کان اندر گهريا تہ سندن هڪ مائٽ جنهن کين سڃاتو نہ ( ڇوتہ سائين جن جو هُليو مٽجي چڪو هو) ۽ گداگر فقير سمجهي هڪل ڪئي تہ ايڏانهن ڪاڏي ٿو وڃين ! هيءَ خانن جي حويلي آھي ( ڇو تہ خانن جي حويلي ۾ انهن جي مائٽن کان سواء ڪوبہ غير ناهي ويندو) پوء سائين جن انکي ٻڌايو تہ، "مان محمد بن عبدالحق آھيان" پوء اھو کين ، سندن امڙ پاڪ ڏي وٺي ويو ۔ جنهن سائين جن کي سڃاتو ۽ سيني لاتو ۔ تنهنکان پوء محمد سائين جن حسين ٻيلي جي شاهي سڙڪ (حسين ٻيلي روڊ ) جي اترئين پاسي بلڪل سڙڪ سان لڳ موجود زمين ۾ پنهنجي سر پاڻ مٽي جو ڀراءُ ڪيو، وڻ لڳايا ، ۽ ڪکائين جهوپڙي ٺاهي ويهي الله الله ڪرڻ ،۽ خدمت خلق ڪرڻ لڳا ۔وري کين مرشد هادي سرڪار طرفان باطني حڪم آيُن تہ "محمد ! اڃان تو ۾ خاني وارا خيال رهجي ويا آھن ، سي ختم ڪر" , تنهن ڪري خاني وارا ختم ڪرڻ لاء گداگري(سير ڪرڻ) شروع ڪيائون ۽ ڪشتو کڻي ، پهرين سئين پنهنجي گهر جي در تي هنيائون ۔ اهڙي طرح پنهنجن مائٽن کان آس پاس جي ڳوٺن ۾ سير ڪرڻ لڳا ۔هوڏانهن سائين جن سير ڪرڻ لاء ڀرپاسي جي ڳوٺن ڏانهن نڪري ويندا هئا تہ پويان ڳوٺ جا ڪي مُلاڻڪي خيال جا نوجوان سائين جن جي جهوپڙي ڊاھي ويندا هئا ، اهڙي طرح هر ٻئي ٽئين ڏينهن، اهي مُلان جهوپڙي ڊاهن سائين جن ٺاهن ، انهن سوچيو تہ آخرڪار محمد سائين بيزار ٿي مئخانو ختم ڪندو پر انهنکي آخر شرمساري پلئہ پئي ۔ جيئن هڪ بيت ۾ فرمايو اٿئون : مُلن مام نہ پروڙي ، اُھي رُلي ويا روڏا ، مٿا ڪوڙائي مسيتن ۾ ، گسائن پيا گوڏا ، تسبيح جو تال ڪري ، وجهن مڻڪن ۾ موڏا ، سورن واري سبق جا ، اهي اصل نہ اوڏا ، "محمد" لڪن جا لوڏا ، ڪي سالڪ سهندا سيگھ ۾ . جتي شمع ٻرندي آھي ، اُتي پروانا پاڻ ئي پھچي ويندا آھن ۔ ڪيترائي فيض جا اڃارا اچي پنھنجي اڃ اُجھائڻ لاء پھچي ويا ۔ ڪيترائي رھزن ماڻھو رھبر بڻجي ويا ۔ ھادي محمد سائين جن جي فيض جو احاطو تمام وسيع ٿي ويو ۔پوري سنڌ جي تقريباً ھر شھر مان ڪيترائي طالب ٿيا ۽ اھي طالب دم جي سُرت سنڀال ۽ مرشد جي مِھر سان خود مطلوب بنجي ويا ۔ھِتي تمام طالبن جا نالا ڏيڻ ناممڪن آھي پر سندن خاص الخاص طالبن جا نالا پيش ڪجن ٿا ۔بابا سائينڏنو گھوٽو(المعروف سائينل فقير) بچل فقير ڊکڻ،غوثل فقير ڊکڻ،نانڪ فقير کوکر ”لڌل“، فقير محب علي ٽالپر ، لاھوتي الھرکيو خان گھوٽو،عبدالله فقير انصاري،فقير دين علي،پنھل فقير ۽ سليمان فقير ٻرڙو،سيد عظيم شاھ، پنھل فقير گجر،الھ بخش فقير شاھاڻي،جلال فقير ملڪ،ميول فقير موچي،اُٺ فقير منگي(مُتو)،ملائڪ فقير گھوٽو،سيد عيدن شاھ سکروارو، رام فقير ۽ رحيم فقير ،ڳھڻو فقير مھر ، قاسم فقير ڀٽو وغيره حضرت صوفي سائين محمد فقير جن جون ڪيتريون ئي ڪرامات مشھور آھن،ڪڏھن محفل ۾ ويٺي ويٺي غائب ٿي ويندا ھئا،ڪڏھن شينھن جو روپ بڻجي ويندا ھئا،ڪڏھن ڪڏھن سندن انگ انگ جدا نظر ايندو ھو ۽ ڪيترن ماڻھن وصال کان پوء کين ظاھر ۾ ڏٺو۔ گھوٽا قوم جو چيف سردار ۽ تمام اعلي پائي جو صوفي قلندر صفت شاعر سخي سردار محمدڻ فقير سندن سڳو ماسات ۽ نياڻو ھُيو ۔ محمد سائين جن جي ھمعصر شاعرن ۽ صوفي بزرگن جو تعداد ڪثير آھي پر جن سان خاص رھاڻيون ٿيون تن ۾ سائين انور شاھ بخاري ، داتا ولايت علي شاھ جيلاني ، سائين عبدالستار شاھ ۽ سائين وارث جھوڪ شريف، سائين رکيل شاھ ۽ سائين چيزل شاھ،غمدل فقير دايو ،محمد فقير کٽياڻ،طالب المولي، شھنشاھ پيرل فقير عباسي(سردار محمدڻ سائين جا مرشد)،احمد سائين مھر،جھنگل شاھ مست،پاڪ پيرل سائين ۽ علي شاھ سھڪجي شريف،مھدي شاھ جھانيان،سائين سلطان شاھ مست لاڙڪاڻوي،جھنگل فقير گھوٽو فولاد فقير شر ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آھن۔ پاڻ سائين جن تمام سادگي پسند ھئا ، لباس ۾ سائي دستار مبارڪ ، موڱي رنگ جو پھراڻ ، نيري شلوار ۽ پيرن ۾ سنڌي جُتي يا گھيتلو پائيندا ھئا ۔ ڪم گو ، ڪم خوراڪ ، صابر ۽ شاڪر ، ھميشه ماٺ ۾ رھندا ھئا۔ ھر ڳالھ جو مختصر لفظن ۾ نھايت موزون جواب ڏيندا ھئا ۔ جيئن ھيٺين شعر ۾ فرمايو اٿئون : بي بصر ، بي گوش ، بي لسان گذار ، بي دست بي پا ، پرين ڪج پسار ، بي ناز ، بي نياز ، نابينا نھار ، ٻي وائي ڪُل وسار ، تہ ”محمد“ مشاھدو ماڻئين ۔ سندن شاعري آفاقي ۽ وحدانيت واري آھي، جنھن ۾ وحدت الوجود جو رنگ نمايان نظر ايندو ۔ سائين جن پنجن ٻولين سنڌي ، سرائڪي ، فارسي ، اردو ۽ ھندي ۾ شاعري ڪئي آھي۔شاعري جي صنفن ۾ وائي ،ڪافي ، غزل ،مولود ، نعت ،مدح ، منقبت، قصيدو ، سي حرفي ، بيت ، ڏوھيڙو وغيره شامل آھن ۔ ڪُل ڪافين جو تعداد ۷۹۸ آھي۔ سندن شاعري ۾ محبت ، پيار ، امن ، انسانيت ، ھيڪڙائي ۽ برابري جو پيغام آھي ۔ حضرت صوفي محمد سائين جن چار شاديون ڪيون ۔ننڍي گھر مان ھڪ شھزادو (عبدالحق) ٿيو ، جيڪو ننڍي عمر ۾ ئي وصال ڪري ويو ۔جڏھن تہ ننڍي گھر مئون ھڪ نياڻي پاڪ ٿي، جيڪا سردار محمود خان گھوٽو (المعروف سخي سردار محمدڻ فقير) جن جي نڪاح ۾ آئي ۔ شھنشاھ ھادي محمد سائين جن جو وصال مبارڪ ۵ آگسٽ ۱۹۵۹ع بمطابق ۲۱ صفر ۱۳۷۹ھ بروز اڱاري سکر ۾ ”واري تڙ واري مئخاني“ تي ٽيھٺ (63)سالن جي عمر ۾ ٿيو ۔ جسد مبارڪ کي ڳوٺ حُسين ٻيلي ۾ سندن ئي قائم ڪيل آستاني ۾ اولھ طرف کان سپرد خاڪ ڪيو ويو ۔ سندن مزار مبارڪ مٿان سخي سردار محمدڻ سائين جن تمام عاليشان روضو پاڪ تعمير ڪرايو ۔ ھر سال ۲۱ ،۲۲ ۽ ۲۳ صفر تي ساليانو عُرس مبارڪ خاص عقيدت ۽ احترام سان ملھايو ويندو آھي ۔ جنھن ۾ اوري پري جا عقيدتمند ۽ فقراءُ شريڪ ٿي مزو ماڻيندا آھن .جڏھن تہ ھر جمعي جي رات مغرب کان پوء سخي سردار بابا ارشاد علي سائين جي سرپرستي ۾ راڳ ويراڳ جي محفل منعقد ٿيندي آھي ۔