ڇوڪرين لاءِ هٿ جا هنر سکڻ انتهائي ضروري آهن ۔

'سنڌياڻي' فورم ۾ ayazjani طرفان آندل موضوعَ ‏4 جولائي 2010۔

  1. ayazjani

    ayazjani
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏31 مارچ 2010
    تحريرون:
    57
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi malir city
    اڄڪلهه جي ترقي يافته دور ۾ جتي تعليم ضروري آهي پر ان سان گڏوگڏ هنر جو سکڻ به انتهائي ضروري آهي، هنر بادشاهه آهي ۽ هنر وارو ماڻهو ڪڏهن به بک نه مرندو آهي، هنر گهر ويٺي ڪري سگهجي ٿو، جنهن سان هڪ سٺو روزگار به حاصل ٿئي ٿو.

    مسرت ڪلهوڙو

    اڄڪلهه جي دور ۾ هٿ جا هنر ڇوڪرين لاءِ سکڻ ضروري آهي، ڇو جو تعليم سان گڏوگڏ هٿ جو ڪو به هنر سکيل هوندي ته هر مشڪل وقت ۾ ڪم اچي سگهي ٿو، اهو به اهڙي مهانگائي جي دور ۾ هٿ جو هنر به هڪ خزانو آهي، هٿ جي هنر واري ڇوڪري ڪنهن جي به محتاج نه هوندي آهي، ان کي هر ڪو عزت جي اک سان ڏسندو آهي، ٻين جي اڳيان هٿ ٽنگڻ کان بهتر آهي ته هٿ جا هنر سکون ۽ پنهنجي زندگي خوشحال بڻايون.

    زاهده حضور/سکر

    اڄڪلهه جي دور ۾ ڇوڪرين لاءِ هٿ جو هنر سکڻ تمام ضروري آهي، هٿ جو هنر سکڻ اسان جي سڃاڻپ وڌي ٿي ۽ اسان کي هر قسم جي هنر جي باري ۾ خبر پوندي، جنهن وٽ هٿ جو هنر هوندو، ان جو هر ڪم آسان ٿي ويندو.

    سحر سنڌي/بدين

    اڄڪلهه جي هن ماڊرن دور ۾ ڇوڪرين کي اڳتي وڌڻ جا گهڻا ئي موقعا فراهم ٿين ٿا، ان ۾ هٿ جي هنر کي وڌيڪ اهميت حاصل آهي، هنرمند ڇوڪريءَ جي عزت هن سماج ۾ وڌيڪ ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ ته اهو واحد هنر آهي، جيڪو پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل ڇوڪري با آساني سان ڪري سگهي ٿي، منهنجي خيال ۾ ته ڇوڪرين کي صرف هٿ جي هنر ۾ ئي نه بلڪه گهرو ڪمن، دنيا جي ڏيتي ليتي ۽ سماجي حالتن کي به سکڻ گهرجي.

    شاهين انجم ميمڻ/مورو

    اڄ جي هن جديد دور ۾ جيتري قدر ڇوڪرن کي سکڻ جو موقعو ڏنو ويو آهي، ان جي برابر ڇوڪرين کي به اهو حق حاصل آهي ته هيءَ پنهنجي زندگي بهتر بڻائڻ لاءِ هنر سکيو وڃي، هنرمند معاشرو ئي سکيو ستابو رهي سگهي ٿو، جيڪڏهن ڇوڪري هنرمند آهي ته هيءَ شاديءَ کانپوءِ به هن ڪري پنهنجي مڙس ۽ ٻارن کي سکيو رکي سگهي ٿي، هنرمند ڇوڪري جو وڏو اثر ان جي پنهنجي گهروارن تي پوي ٿو، هنرمند ڇوڪري جي معاشري ۾ وڏي عزت آهي.

    ايم گبول/ميرپور ساڪرو

    اڄ جي دور ۾ هر عورت لاءِ هنر ضروري آهي، ڇوجو هن مهانگائي جي دور ۾ هنر جي اهميت کي ترجيح ڏني ويندي آهي، ڇو جو هن دور ۾ نوڪريون ملڻ ته مشڪل آهي، انهيءَ ڪري هر عورت لاءِ هنر لازم ۽ ملزوم آهي، اها عورت گهر ۾ پڙهائي سان گڏ هنر به سکڻ کپي.

    ندا سحر/شاهپور چاڪر

    ڇوڪرين لاءِ هنر سکڻ تمام ضروري آهي، جنهن کي اڄڪلهه اڪثر ڇوڪريون نظرانداز ڪن ٿيون پر مان اهو چونديم ته اڄ جي ڇوڪري سڀاڻي جي ماءُ آهي ۽ اها اڻ هوند ۾ پنهنجي اولاد ۽ جيون ساٿي جو ساٿ هنر ذريعي به ڏئي سگهي ٿي.

    ماروي نظر ڀٽي/شهدادڪوٽ

    اج جي دور ۾ هٿ جو هنر سکڻ تمام ضروري آهي، ڇو ته ڪا به ڇوڪري تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ نوڪري وٺڻ ايڏو سنگين مسئلو بڻيل آهي، ان لاءِ ضروري آهي ته تعليم يافته هجڻ سان گڏوگڏ هٿ جو هنر اچڻ گهرجي، جنهن ۾ سلائي ڪڙهائي ڪري سگهي، جنهن سان پاڻ ۽ خاندان کي سپورٽ ڪري سگهجي، ڇو ته عام چوڻي آهي ته علم سان گڏ هنر به بادشاهه آهي.

    عنبرين انور ناريجو/نئون ديرو

    اڄڪلهه جي دور ۾ ڇوڪرين لاءِ هٿ جو هنر ضروري آهي، ڇو ته ڏکئي وقت ۾ هٿ جو هنر ئي ڪم اچي ٿو.

    عرفانه سحر/ٺٽو

    اسان کي پنهنجي تهذيبي ۽ ثقافتي ورثن سان گڏ پنهنجي قديم هنرن ۽ هنر مندن جي بقاءُ سڌاري ۽ واڌاري لاءِ هٿ جو هنر سکڻ تمام گهڻو ضروري آهي ته اڳيان هلي اسين ڪنهن جو محتاج نه ٿيون.

    بختاور ٻجورو/ٺٽو


    متعلقه سڪيشن ۾ ٿريڊ کي موو ڪرايو ويو
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ڇوڪرين لاءِ هٿ جا هنر سکڻ انتهائي ضروري آهن ۔

    بلڪل ادا اوهان جي مشوري تي عمل ڪندي مون به پنهنجي ننڍڙيءَ کي سلائي واري مشين وٺرائي ڏني آهي
    ٻيو عرض ته اها شماريات اوهان پاڻ ڪئي آهي؟
    يعني اوهان پاڻ انهن ڪاڪڙين کان اهو انٽرويو ورتو آهي؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو