شفيق الرحمان شاڪر اها هڪ اڻ وڻندڙ حقيقت آهي ته اسان جو سماج گڏيل طور تي نه ته سچ بڌڻ جي سگھه رکي ٿو ۽ نه ئي سچ کي قبول ڪرڻ جي صلاحيت. ان ڪري شايد هن وقت دنيا جو ڏکئي ۾ ڏکيو ڪم سچ چوڻ يا سچ سهڻ آهي.ڪوڙ کي اهڙن ته خوبصورت لباسن ۾ ڍڪي پيش ڪيو وڃي ٿو جو اهو سماج ۾ هرهنڌ سچ جي جاء والاري چڪو آهي.لنڊن واري “ ڀائي صاحب” جڏهن پاڪستان خلاف نعرا لڳائڻ شروع ڪيا ته اوچتو اسان جي رياستي مشينري چرپر ۾ آئي ۽ ان جي سمورين سرگرمين ايستائين جو ميڊيا تي سندس نالو اچڻ تي به پابندي لڳائي ويئي.سندس پاڪستاني سنگت مان جن “پاڪستان زنده باد“ جو نعرو هڻي ڀائي صاحب جي سياست کي ٽي طلاقون ڏيڻ جو اعلان ڪيو اهي سڀ سياسي پاڪائي حاصل ڪري ماضيء جي سمورن پاپن کان پاڪ ٿي ويا.انهن “ويچارن” کي ايتري عرصي ۾ ايترو پتو ئي نه رهيو ته سندن سياسي ۽ روحاني “باس” ڀارت جي را سان رنگ رليون ملهائي رهيو هو ۽ ملڪ جون پاڙون کوٽي رهيو هو.سوال اهو ته 1979ع ۾ جڏهن ڀائي صاحب آل پاڪستان مهاجر اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو چڱو مڙس هوتڏهن ئي هن مزار قائد تي پاڪستان جو چنڊ تاري واري سائو جھنڊو ساڙي پاڪستان سان “محبت” جو عملي ثبوت ڏنو هو ان وقت اها رياستي مشينري ڪهڙي ننڊ پيل هئي؟ان وقت اسان جي اسٽيبلشمينٽ ان لاڏلي ٻار جا نه رڳوسڀ انگل آرا خوشيء سان کڻي رهي هئي پر اڳيان هلي مهاجر قومي موومينٽ جو بت جوڙائي ان ۾ ساهه به وڌي ويئي جنهن کان پوء سنڌ جي وڏن شهرن ۾ تعصب ۽ نفرتن جو جيڪو ٻج پوکيو ويو سو هاڻي زبردست فصل جي صورت اختيار ڪري ويو.سالن تائين لاشن سان کيڏڻ،پنهنجن مخالفن جون زبانون ڪڍي وٺڻ،بليڪ ميلنگ ۽ دهشتگرديء کان سواء انهيء ڇڙواڳ نام نهاد سياسي گروپ ملڪ جي تاريخ ۾ بيو ڪو ڪارنامو سرانجام ڏنو هجي ته ٻڌايو.حيرت ۽ افسوس جي ڳالهه اها ته انهن رت جي اها سموري راند انهن ئي ”ڏاڍن” جي ڏڍ تي کيڏي.صرف ان مقصد لاء ته ملڪ مان وفاق پسند ۽ قومي پارٽين جي سياست جو خاتمو ڪري سگھجي.ڇا اهو سچ ناهي ته مهاجرن جي حقن جو دعويدار اهو ئي نان نهاد فاشسٽ ٽولو ڪنهن زماني ۾ پاڪستاني فوج جي ميجرڪليم کي اغوا ڪري نائين زيرو تي کڻي ويو ۽ کيس بدترين تشدد جو نشانو بنائي قتل ڪري ڇڏيو.پوء به انهن جو ڪو وار ونگو نه ڪري سگھيو.وري مٿان هڪڙو آمر آيو جنهن انهن کي قومي سياست جي وهڪري ۾ آڻڻ جو بهانو بنائي کين اهڙو ته خودمختيار بنايوجو ڪراچيء ۾ 12 مئي تي وڪيلن مٿان ٿيل دهشتگريء تي اهو آمر وڏي فخر سان مٺيون ڀڪوڙي پنهن جي فتح جو اعلان ڪري ۽ پنهن جي طاقت جاترانا ڳائي رهيو هو.اها به تاريخي حققيت آهي ته ايم ڪيو ايم ڪشمير اشو تي سدائين ڀارت جي حمايت ۽ پاڪستان جي مخالفت ڪندي رهي.پر بدقسمتيء سان ملڪ دشمني ۽ غداريء جا لقب سدائين ٻين جي حصي ۾ آيا ۽ اهي اهو سڀ ڪجھه ڪندي به “محب وطن” ئي رهيا.جڏهن ڪيئي سال اڳ پيپلز پارٽيء جي ان وقت جي گھرو وزير قرآن مٿي تي رکي ڀائي صاحب جي “ڪارنامن” جا قصا ميڊيا سامهون بيان ڪيا ان وقت به حڪومت توڙي رياست خاموش رهي.ان وقت جو وفاقي گھرو وزير روزانو انهن خلاف ثبوت آڻڻ ۽ کين قانون جي گرفت ۾ آڻڻ جا ڊاڙ هڻندي هڻندي مورڳو گھر هليو ويوجنهن کان پوء سندن ئي پارٽيء جي هڪ اهم اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال ڀائي صاحب جا “ڪمال” کولي بيان ڪيا پر ايم ڪيو ايم کي نه لهر آئي نه لوڏو.فرق صرف ايترو ٿيو جو پاڪستاني سنگت مجبوريء تحت ڀائي صاحب جي سرعام تسبيح پڙهڻ ڇڏي ڏني ۽ پاڻ ڪجھه ڪلما پڙهي پاڪ ۽ پوتر بڻجي پيا.اهي ڏوه جيڪي انهن ڀائي صاحب سان گڏجي ڪيا نه انهن کان انهنجو ڪو حساب ٿيو نه ڪتاب. سابق وزير داخلا نصيرﷲ بابر جي دور ۾ ايم ڪيو ايم خلاف ڪيل سمورن آپريشنن ۽ ثبوتن جو ريڪارڊ حڪومتي ادارن وٽ موجود ناهي؟سچ اهو به آهي ته هن وقت به ڀائي صاحب جا گھڻا ساٿي ساڻس سلهاڙيل آهن صرف پنهنجي چمڙي بچائڻ لاء زنده باد ۽ مرده باد جي نعرن جي ترتيب بدلي آهي.جيڪر اهي واقعي ڀائي صاحب جي سياست ۽ پاليسين کان توبه تائب ٿي چڪا آهن ته پوء هنن هيستائين انهن سمورن پاپن جي قوم کان معافي ڇو ناهي گھري جيڪي هو گڏجي ڪندا رهيا.ٻيو ته ٺهيو پر انهن ڪڏهن ڀائي صاحب جي ڪرتوتن جي کلي ڪري مذمت به نه ڪئي آهي.صرف لفظن جي هيرڦير ۽ اٽڪلبازين سان هو موجوده بحران مان آجا ٿيڻ گھرن ٿا ۽ جيئن ئي سندن حق ۾ حالتون سازگار بڻجن ته “اها ئي ڪاتي،اها ئي وڍڻ جي وار“ واري روش واپس جاري رکڻ گھرن ٿا.انهن کي ڀائي صاحب سان ايتري ئي نفرت آهي ته پوء سندس جوڙيل پارٽي ڇڏي نئين نالي سان ڪا پارٽي رجسٽر ڪرائڻ ۾ انهن کي ڪهڙو مسئلو آهي؟آخر نائين زير واري بدنام زمانا ڀائي صاحب واري اوطاق واپس کولرائڻ لاء اهي ڇو ايڏا ايلاز ڪري رهيا آهن؟پاڪستان اندر نفرتن جي سياست جو ٻج پوکي جڏهن اهي پاڪستان جي آزاديء جي هلچل ۾ صرف مهاجرن جي قربانين جا قصا بيان ڪن ٿا ته حيرت ٿئي ٿي ته پاڪستان ۾ موجود ٻين سمورين اصل قوميتن ڄڻ انهيء تحريڪ ۾ ڪو ڪردار ئي ادا نه ڪيو هجي.جيڪر سنڌي ان تحريڪ ۾ شامل ئي نه هئا ته پوء سنڏ ۾ پهرين مسلم ليگ جي حڪومت ڪيئن قائم ٿي؟ڇا انهيء حڪومت کي ووٽ ڏيڻ وارا سنڌي نه هئا؟ 1929ع ۾ قائد اعظم جي چوڏهن نڪتن ۾ سنڌ کي بمبئيء کان ڌار ڪرڻ جو مطالبو سنڌين شامل نه ڪرايو ته ڪنهن ڪرايو هو؟سنڌ اسيمبليء سڀ کان اڳ۾ پاڪستان سان شامل ٿيڻ جي قرارداد ڪيئن منظور ڪري ورتي؟ڇا سورهيه بادشاه ۽ سندس حر جماعت جي انگريزن خلاف تاريخي جدوجهد ۽ عظيم قربانيون صرف افسانو آهي؟پر جيئن ته هن جماعت جو اٽو ئي تعصب ۽ نفرت جي پاڻيء سان ڳوهيو ويو آهي ان ڪري انهن جي سموري سياست جو بنياد ئي اهو رهيو ته سنڌ جي مهاجر آباديء کي ملڪ جي ٻين قوميتن سان ملي هڪ ٿيڻ نه ڌنو وڃي ۽ انهن ۾ هروقت عدم تحفظ جواحساس موجود رهڻ گھرجي ته جيئن سندن منفي سياست جو دوڪان هلندو رهي.جڏهن ڪا جماعت پنهنجو وجود برقرار رکڻ لاء تعصب۽نفرت جو ماحول برقرار رکڻ ۽ ڏوهاري سرگرميون جاري رکڻ جي محتاج هجي ته اها پنهنجو پاڻ کي ڪا سياسي نمائندا جماعت هئڻ جي دعويدار ڪيئن سڏائي سگھي ٿي؟ انهن پاڪستان ۾ جنهن سياسي روايتن جو رواج وڌو ۽ اليڪشن کٽڻ لاء جيڪي حرفتون ۽ صنعتون ايجاد ڪيون انهن پاڪستان جي پوري سياسي ڪلچر تي جيڪي هاڃيڪار اثر وڌا آهن اهي سالن تائين ختم نه ٿيندا.سنڌ جي سياست ۾ انهن جو ڪردار سدائين قبضا گروپ وارو رهيو ۽ سنڌ ۾ قائم ٿيندڙ ڪابه حڪومت هنن جي مرضيء خلاف هڪڙي وک به هلي نٿي سگھي پر ڇوته بنيادي طور تي ايم ڪيو ايم هميشه عدم تحفظ جي احساس جو شڪار رهي جنهن ڪري هنن حاصل ٿيل حصي تي قناعت ڪرڻ بدران پنهنجن توسيع پسنديء واري سوچ کي پوري ملڪ تي به مسلط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هر حڪومتي ۽ رياستي اداري کي پنهن جي مرضيء موجب هلائڻ جي خواهش ۾ ايترو ته اڳتي نڪري ويئي جو اصل تخت ڌڻين کي ڪجھه نه ڪجهه سوچڻو پئجي ويو.انهيء سوچ جا نتيجا اڄ ايم ڪيو ايم بريء طرح ڀوڳي رهي آهي.پر وڏي بدقسمتي آهي جو ان جي اڳواڻڻ ماضيء جي غلطين توڙي حال جي تباه حاليء مان ڪو سبق ناهي سکيو.ڪرڻ ته اهي گھڻو ڪجھه گھرن ٿا پر سندن ڪرتوتن کين وقت ۽ حالتن جي اهڙي ڄار ۾ ڦاسائي وڌو آهي جنهن مان نڪرڻ لاء هو جيترو ڦٿڪن ٿا اوتروئي وڌيڪ ڦاسندا ٿا وڃن.ايم ڪيو ايم اندر پيدا ٿيل هاڻوڪو بحران ان کي ڪٿي رسائيندو ان باري ۾ ته قطعي ڪجهه چئي نٿو سگھجي پر سچ اهو آهي ته مڪافات عمل جو قانون ڪائناتي ۽ اڻ ٽر آهي ۽ انهيء قانون کان ڪو ڀڄي نٿو سگھي.