* سوشل ميڊيا تي جڏو سچ ۽ ڊوڙندڙ سگھارو ڪوڙ هلي ٿو . ڪوڙين خبرون تيزيءَ سان پکڙجن ٿيون، سائنسدانن جي جُڙتو خبرن بابت جاچ: بي بي سي ـ *آمريڪي سفير ويلس جو چوڻ آهي ته آمريڪا، الڳ ٿيڻ جي خواهش رکندڙ بلوچن جي پٺڀرائي نٿي ڪري ـ * ڪراچي: سنڌ اپيڪس ڪاميٽيءَ، ايم ڪيو ايم جي باني الطاف حسين جي نالي ڪيل 62 روڊن ۽ عمارتن جي نالن کي مَٽائڻ جي منظوري ڏني ـ * سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ثاقب نثار، پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف کي ذاتي مشهوريءَ لاءِ 50 لک رپيا اشتهارن ذريعي ڪيل خرچ، ڀرڻ جو حڪم ڏنو ـ * ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ميمبر محمد حسين مونکي کليوکلايو دڙڪا ڏنا سو کيس ايوان مان ڪڍڻو پيو: شهلا رضا، ڊپٽي اسپيڪر، سنڌ اسيمبلي ـ * اسلام آباد: خاص عدالت طرفان پرويز مشرف خلاف غداري ڪيس ۾ گرفتاريءَ جا وارنٽ جاري ڪرڻ ۽ سندس ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو ـ * مان ڏکين حالتن باوجود سنڌين جي آئيندي بابت مايوس ناهيان ٿيو پر فيسبوڪ تي پوسٽنگس مان لڳي ٿو: سنڌي، سنڌين کي ناس ڪري پوءِ ئي ساهه پٽيندا: محمد خان سيال ـ * فيس بوڪ تي هڪ شخص جي پوسٽنگ: ”اديب هڪٻئي کي ڪتن جيئن ڏاڙهن ٿا.“ وري ڪنهن ٻئي تبصرو ڪيو: “ڪتن جي بيعزتي نه ڪريو”.....افسوس! اديبن جي توهين، سنڌين ۾ پڪ مايوسيءَ جو ڪارڻ بڻبي ـ **مارچ تي عورتن جو عالمي ڏينھن ملھايو پيو وڃي. ڀلا، هڪ ڏينهن ڇو؟ ڏسجي تہ ھر ڏينھن عورتن جو عالمي ڏينھن آھي: محمد خان سيال ـ