• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

منهنجي طرفان....03 ـ محمد خان سيال

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* سوشل ميڊيا تي جڏو سچ ۽ ڊوڙندڙ سگھارو ڪوڙ هلي ٿو . ڪوڙين خبرون تيزيءَ سان پکڙجن ٿيون، سائنسدانن جي جُڙتو خبرن بابت جاچ: بي بي سي ـ

*آمريڪي سفير ويلس جو چوڻ آهي ته آمريڪا، الڳ ٿيڻ جي خواهش رکندڙ بلوچن جي پٺڀرائي نٿي ڪري ـ

* ڪراچي: سنڌ اپيڪس ڪاميٽيءَ، ايم ڪيو ايم جي باني الطاف حسين جي نالي ڪيل 62 روڊن ۽ عمارتن جي نالن کي مَٽائڻ جي منظوري ڏني ـ

* سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ثاقب نثار، پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف کي ذاتي مشهوريءَ لاءِ 50 لک رپيا اشتهارن ذريعي ڪيل خرچ، ڀرڻ جو حڪم ڏنو ـ

* ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ميمبر محمد حسين مونکي کليوکلايو دڙڪا ڏنا سو کيس ايوان مان ڪڍڻو پيو: شهلا رضا، ڊپٽي اسپيڪر، سنڌ اسيمبلي ـ

* اسلام آباد: خاص عدالت طرفان پرويز مشرف خلاف غداري ڪيس ۾ گرفتاريءَ جا وارنٽ جاري ڪرڻ ۽ سندس ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو ـ

* مان ڏکين حالتن باوجود سنڌين جي آئيندي بابت مايوس ناهيان ٿيو پر فيسبوڪ تي پوسٽنگس مان لڳي ٿو: سنڌي، سنڌين کي ناس ڪري پوءِ ئي ساهه پٽيندا: محمد خان سيال ـ

* فيس بوڪ تي هڪ شخص جي پوسٽنگ: ”اديب هڪٻئي کي ڪتن جيئن ڏاڙهن ٿا.“ وري ڪنهن ٻئي تبصرو ڪيو: “ڪتن جي بيعزتي نه ڪريو”.....افسوس! اديبن جي توهين، سنڌين ۾ پڪ مايوسيءَ جو ڪارڻ بڻبي ـ

**مارچ تي عورتن جو عالمي ڏينھن ملھايو پيو وڃي. ڀلا، هڪ ڏينهن ڇو؟ ڏسجي تہ ھر ڏينھن عورتن جو عالمي ڏينھن آھي: محمد خان سيال ـ
 
Back
Top