خوابن جو شهزادو اظھر آدرش سولنگي '' ياسر جو گهوڙو ٻين جي گهوڙن کان نرالو هو. هو ٻين کان ڊوڙڻ ۾ تکو ۽ رنگ روپ ۾ به ٻين کان وڌيڪ سهڻو هو ان ڪري ٻين گهوڙن کي پوئتي رهائي انهن کان اڳ ڪڍيون پئي هليو. اڄ ياسر سوچيو پئي ته ڪا اهڙي جڳهه گهمجي جتي ڪو ٻيو مونکان اڳ نه ويو هجي. پر هن کي جو وسنه هو ته هو پنهنجي گهوڙي کي اوڏانهن موڙي سگهي. ياسر اڃا ايترو مس سوچيو ته گهوڙي پنهنجي رفتار وڌائي ڇڏي هئي ۽ هڪ اڻ سونهين پاسي هلڻ شروع ڪيائين هاڻي هن کي يقين ٿيو ته ضرور ڪنهن اهڙي پاسي آئون ويندس جيڪو اڳ آئون نه گهميو هوندو ۽ نه ئي ڪي ٻئي ڪنهن. گهوڙو پنهنجي تيز رفتاري سان هلڻ شروع ڪيو. جنهن رستي سان ياسر جو گهوڙو هلي رهيو هو اهو رستو پڪو ۽ خوبصورت سرن سان ٺھيل هو ۽ رستي جي ٻنهي پاسن کان مختلف ميون جا وڻ ۽ گلن جا ٻوٽا لڳل هئا. وڻن ۾ لڳل ميوا ڏسي ياسر وڏي تعجب ۾ پئجي ويو ته هڪ ئي وڻ ۾ مختلف رنگن جا ميوا لڳل هئا. اهڙا رنگ به رنگي ميوا ڏسي هن جي دل هرکجي پئي ۽ وات پاڻي پاڻي ٿيڻ لڳس. ياسر هڪ پلڪ ۾ جهٽ ڏئي هڪ وڻ مان ميوي جي هڪ داڻو پٽيو. هي ان ميوي کي ڏسي وڌيڪ حيرانگي ۾ پئجي ويو ته هڪ ئي ميوي جا ٻه رنگ هئا هڪ پاسو ڳاڙھو هيو ته ٻيو پاسو وري واڱڻائي رنگ جو هو. جنهن رنگ جو هن اڄ تائين ڪو ميوو نه ڏٺو هو. حيرانگي ۾ وجهندڙ ميوي ڏسڻ باوجود به هن ميوي کي ڳاڙھي پاسي کان کائڻ شروع ڪيو جيڪو ڏاڍو لذيذ ۽ حد کان مٺو هيو ۽ ھن جو رس پڻ ڳاڙھي شربت جهڙو هيو. جڏھن هو ڳاڙھو پاسو کائي ويو ته هن واڱڻائي پاسي کي کائڻ شروع ڪيو ۽ ڏاٺ لڳڻ شرط هو ميوو وات مان ڪڍي ڏسڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو ته هي ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته ميوي جو هي پاسو نمڪين هو جيڪو مٺي کان وڌيڪ لذيذ هو. هن ميوو کائيندي ڏاڍو مزو ورتو پر هڪ ئي ميوي کائڻ سان هن جو پيٽ ڀرجي ويو هو ان ڪري وڌيڪ ميون کائڻ جي خواهش نه رهي هئي. گهوڙو منزل طرف تيزي سان وڌي رهيو هو ان منزل ڏانهن جنهن جي ياسر کي ڪابه خبر نه هئي. ڪجهه مفاصلو طئي ڪرڻ کانپوء گھوڙو هڪ پهاڙي سلسلي ۾ اچي پهتو هو. پهاڙ ڏاڍا خوبصورت پئي لڳا جن کي ڏسندي ياسر جي دل باغ بهار ٿي پئي هئي.سموري جبل تي ساوا وڻ ۽ ٻوٽا ڇانيل هئا جنهن ڪري منظر وڌيڪ پرجوش ڪري رهيا هئا ۽ جبل جي چوٽي تي اڃا ٿوري ٿوري ڄميل برف نظر اچي رهي هئي. رستي جي ٻئي پاسي هڪ وڏو جهنگل هو ٿوري مسافت کانپوء رستو هڪ ندي جي ڪناري سان هلڻ لڳو جهنگل ۽ جبل جي وچ ۾ هڪ ندي جو وهڻ ڏاڍو دلڪش پئي لڳو. ياسر منظر ڏسندي اڳيان وڌي رهيو هو، ندي ۾ پاڻي ايترو ته صاف هو جو ندي جي وچ ۾ پيل پٿر ۽ پراڻن وڻن جا ٿڙ صاف نظر اچي رهيا هئا. ندي جي هن ڪناري جهنگل مان نڪتل هڪ اڇو برفاني رڇ مڇي پڪڙڻ ۾ جي ڪوشش ۾ مصروف هو. ياسر جڏھن جبل جي چوٽي ڏانهن نهار ڪئي ته برف سج جي آخري ڪرڻن لڳڻ ڪري سون جيان چمڪي رهي هئي هي نقش ياسر جي دل ۾ چڀي پيا. سج جي لهڻ واري نظاري جبل، ندي ۽ جهنگل جي خوبصورتي ۾ وڌيڪ سونهن پيدا ڪري ڇڏي هئي. ياسر سج جي لهندڙ ان خوبصورت نظاري کي ڏسندو رهيو ۽ سج مڪمل طور تي جبل جي هن پاسي هليو ويو هو ۽ اونداهي ڇائنجڻ شروع ٿي وئي هئي ۽ ان وقت جهنگل جي چوٽين مان چنڊ نئون کڙي رهيو هو پر گهوڙو پنهنجي رفتار سان پئي هليو. جيئن چنڊ مٿي اچي رهيو ته روشني وڌي رهي هئي، چنڊ جي وڻندڙ چانڊوڪي ۽ ٿڌ ۾ پکي مٺڙيون ٻوليون ٻولي رهيا هئا ۽ جانور جون ڪوڪون پري پري کان وقفي وقفي سان ٻڌڻ ۾ پئي آيون. چنڊ جي روشني تي سامهون پاڻي جي چمڪ نظر اچڻ لڳي هئي ۽ گھوڙو پنهنجي رفتار سان سمنڊ ۾ لهي پيو هو. چانڊوڪي رات جي ڪري سمنڊ پنهنجي موج مستي ۾ ھيو ۽ ننڍيون مڇون به کيڏ ڪري رهيون هيون، جڏھن گهوڙو سمنڊ جي گهرائي ۾ اچي چڪو هو ته گهوڙو سامونڊي گهوڙي جيان ترڻ شروع ڪيو هو. ياسر جو گهوڙو مهاڻن جي هوڙن ۽ مسافر ٻيڙن کي پوئتي ڇڏيندو اڳيان وڌي رهيو هو سمنڊ جي تيز ويرن سان ٽڪرائڻ مهل ياسر کي خوف ورائي ٿي ويو ۽ مڇين جي جمپ ڏيڻ مهل هو ڊڄي ڪنڌ ھيٺ ٿي ڪري ويو. هلندي هلندي وچ سمنڊ ۾ پري پري هڪ ٻيٽ جون چمڪندڙ بتيون ۽ روشني نظر اچڻ لڳيون ۽ هوا جي جهونڪي ۾ ڪڏھن ڪڏھن شور شرابو پڻ ٻڌڻ پئي آيو ان وقت ياسر سمجهيو ته پنهنجي شايد اها ئي منزل آھي جتي راڳ روپ ۽ ڪچهريون هلي رهيون آھن. هاڻي ان ٻيٽ جا نظارا ۽ روشنيون وڌيڪ چٽيون ٿي رهيون هيون، روشني جا پاڻي ۾ ٺھندڙ خوبصورت عڪس ياسر جي نظرن جا مرڪز بڻجي ويا هئا، ان وقت اچانڪ هڪ زوردار ڌماڪو ٿيو ۽ سامهون هڪ تمام وڏي مڇي جنهن جو منهن تمام ويڪرو ھيو ۽ وڏا وڏا ڏند هيس جنهن ياسر ڏانهن جهڙپ هنئي ۽ ياسر پنهنجي بچاء ۾ ھٿ ڏنو جيڪو هٿ مڇي جي وات ۾ اچي ويو ۽ ياسر ان وقت گهوڙي تان وڃي سمنڊ ۾ ڪري پيو ۽ غوطا کائڻ لڳو.'' ياسر جي ساهه منجهندڙ آواز رڙين کي ٻڌي اچي مٿس پيل سوڙ لاٿي ته ان وقت ٻئي هٿ مهٽيندي مڇي ... مڇي ڪري رهيو هو.