هڪ رات هئي،ٻي سانت هئي، ٽيون سورن جي برسات هئي. مون آڏو هڪڙي ذات هئي، خاموش ڏٺم، ڪا بات هئي. هوءَ رت جا نير وهائي پئي، مون ڏي نيڻ کڻي واجهائي پئي. زخمن سان تارئون تار لڳي. جڏهن حال پڇيم تون ڪير آهين؟ ۽ ڪنهن آ توکي درد ڏنو؟ هن سڏڪا ڀريندي سوز منجهان، چيو منهنجي سونهن وڇائڻ لئه، سازشن جا ڄار وڇايا ويا. مونکي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي لئه، هر ڪنهن هن ڪاٽ ڪهاڙا کنيا. منهنجي دشمن سان گڏ سازش ۾، منهنجا ٻچڙا ڀي هن شامل ٿيا. پو ٻين کي ڪهڙو ڏوه ڏيان، مون سان ٻچڙن هي آ حال ڪيو. مونکي هر پل جن تي ناز هيو، مون سا تن ئي هي آڪال ڪيو. اڄ تو آ سڃاتو ڪير آهيان؟ مان ماءُ آهيان، مان ماءُ آهيان. جنهن توکي آساڃاه ڏني، تنهن جذبي جو مان نان آهيان. توکي هر پل جي ۾ جاءِ ڏنم، مان ٰبادلٰ تو لئه ڇانو آهيان. اک کول اٿي نادان ٻچا، مان تنهنجي ڌرتي ماءُ آهيان، مان تنهنجي ڌرتي ماءُ آهيان. اياز چانڊيو
جواب: خاموش ڏٺم، ڪا بات هئي. واه سائين اياز واه، اوهانجو رات جي سانت ۾ مٺي ما سان ملاقاتون ڪرڻ ۽ کائنس سور پڇڻ ۽ اسانجي ضمير کي چهنڊڙيون پائڻ ۔۔۔ بلڪه هيٺ وارا جملا پڙهي ته قومي غيرت رکندڙ ماڻهون ڏک ۾ ۔۔۔ ۽ سنڌ جو بي حيا طبقو شرم مان مرندو ۔۔۔