شاعريء جي زبان ؛ چاندي چاندي وار، جواني ڪاڏي وئي(امداد سولنگي) امداد سولنگي چاندي چاندي وار، جواني ڪاڏي وئي، ڳولين ٿو اڄ يار، جواني ڪاڏي وئي. راتين جو فانوس هٿن ۾ لوڏيندي، سوچيو چوڪيدار، جواني ڪاڏي وئي. چادر اُوڙهي لاچارين جي بستر ۾، ڀُڻڪي ٿو بيمار، جواني ڪاڏي وئي. چڙهندو هو سج روز سکي جي لالي جو، ڇوريءَ ڇا سينگار، جواني ڪاڏي وئي، لفظن جي محبوب سفر ۾ ٿيو گم آ، اڻپورو اقرار، جواني ڪاڏي وئي. هٿ کي هر هر لوڏي راند رچائڻ لاءِ، ڌوڻن ٿا ڪي ٻار ،جواني ڪاڏي وئي. عينڪ جي آڌار جيئاري نيڻن کي، ڳڻجن ٿا پل چار، جواني ڪاڏي وئي.