تون هميشه اهي ميارون ڏيندي آهين تہ آءُ لاغرض ٿي ويو آهيان، تو کي ياد نٿو ڪريان، تنهنجي سار نٿو لهان، پر تون نہ ٿي ڄاڻي تہ آءُ وقت جي هٿن ۾ ڪئين سوگهو بڻيل آهيان، مون کي تنهنجي قرب جا آڇيل پيمانا اڃا بہ ياد هن، مون کان تنهنجي محبت جا سي پل وسريان ناهن، آءُ تنهنجي محبت ۽ سڪ جو قدر دان آهيان پر ڇا ڪريان هن معاشري جو فرد آهيان وقت جون ويراڳيون آهن جيڪي توکان هر دفعي پري ڪري ٿيون ڇڏين، تون تہ اهو گمان پاليندي ٿي رهي تہ شايد آءُ مغرور ٿي ويو آهيان، هيٺلو ٿي ويو آهيان پر تون نہ ٿي ڄاڻي تہ آءُ ڪيترو مجبور ۽ بيوس بڻيو ويٺو آهيان هن دنيا جي ڪوڙن ريتن، رسمن ۽ ڪلورن آڏو جيڪي مون کي هر دفعي تو کان پري ڪري ٿيون ڇڏين اها ڳالھ ڪڏهن بہ نہ وسارجا تہ منهنجي سيني ۾ بہ هڪ عدد دل آهي جيڪا صرف تنهنجي لاءِ ڌڙڪندي رهندي آهي، ڀلا ڪير ٿو ان رشتي کي ٽوڙي سگهي جيڪو رشتو دنيا جي رسمي مخالفتن ۽ سختين جي باوجود بہ پاڻ ۾ جڙيل رهي، محبتن کي ڪير بہ مات نہ ٿو ڏئي سگهي، پوءِ ڀلي کڻي زماني جي ڪيتري بہ سخت هوا ئي ڇو نہ کڻي گهلي بس تو کي اهو يقين رکڻو آهي تہ منهنجي لاءِ تنهنجي دل ۾ جيڪا دوهي دکي پئي سا ساڳي دوهي منهنجي دل ۾ بہ تنهنجي لاءِ دکي ٿي، محبتن جي رشتن تي اعتبار ڪرڻ سک ۽ انهن جي تقدس جو بہ خيال ڪندي ڪر باقي پاڻ ڪڏهن بہ جدا ناهيون ٿيڻا، قدرت واري جڏهن پاڻ ٻنهي جي دل ۾ هڪٻي لاءِ محبت پيدا ڪئي هئي تڏهن شايد ان اسان جي وچم انهن فاصلن کي بہ مقرر ڪيو هو، اهي رسمي ۽ جلد ختم ٿيندڙ فاصلا تمام گهٽ عمر جا هوندا آهن، انهن فاصلن کي تويل زندگي نصيب ڪونہ ٿيندي آهي محبتن جي هوندي اهي وقتي ويڇا ۽ جدايون پنهنجي اهميت جلد وڃائي ڪري ختم ٿي ويندا آهن ان لاءِ انهن وقتي جداين تي غم ذده ٿيڻ تو جهڙي ڏاهي ڇوڪري کي سونهي نہ ٿي، يقين رک ۽ پنهنجي هڪ ٿيڻ جو فيصلو وقت تي ڇڏي ڏي، اميد آهي تہ ڀلائي ٿيندي مون کي تون سان کوڙ ساريون ڳالهيون ڪرڻيون آهن، ڪي ئي ساعتون تنهنجي نيڻن ۾ نهاري ڪري سرور وٺڻو اٿم، تنهنجي لال لبڙن تي مرڪون وکيرڻيون اٿم، تنهنجي هٿ سان هٿ ڏئي ڪري ڪي ئي قدم هلڻو اٿم، تنهنجي ريشمي وارن جي ڇانورن جو اسير ٿيڻو اٿم، تو سان ڪي پل ٽهڪ ڏئي کلڻو اٿم تہ جئين هن ڪائنات جي وشال ۾ پنهنجا ٽهڪ هميشه لاءِ امر ٿي وڃن اوه منهنجي دل جي نگر جي چري ڇوڪري، مان انهن نصابن، اصولون توڙي ظابطن کي ئي مروڙي ڪري پري فٽو ڪري ڇڏيا جيڪي پاڻ ٻنهي جي وچم ويڇا پيدا ڪن يا وري مون کي توڙي توکي هڪ ٻي کان جدا سمجهن.