* ارباب رحيم دور ۾ بهارين، برمين وغيرهه کي قومي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ جو ٺهراءُ سنڌ اسيمبلي بحال ڪيو. ڊان جو لنڪ هيٺ ڏجي ٿو ـ https://www.dawn.com/news/142282 * سنڌي ٻولي سنڌ ۾ نه ڳالھائبي ته ڇا ٽمبڪٽو ۾ ڳالھائبي؟ شھيد ذولفقارعلي ڀٽي جي، سنڌي ٻوليءَ جي فائدي ۾ قومي اسيمبليءَ ۾ ڪيل تقرير ـ * ٻولي ايڪٽ 1972 هيٺ سنڌي، سنڌ جي اڪيلي صوبائي ٻولي ڊڪليئر ٿيل آهي تنهنڪري سنڌ ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائڻ تي پابندي قطعي غيرقانوني ۽ غيرآئيني آهي ـ * ڊائو يونيورسٽيءَ ۾ ڊاڪٽر رابعا کي سنڌي ڳالهائڻ تي نوٽيس ڏنو ويو آهي ته سڀ سنڌي گڏجي ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري سگھن ٿا ـ * سنڌي لکو....سنڌي پڙهو....سنڌي ڳالهايو ـ * سنڌي ٻولي ڳالهائڻ تي اعتراض ڪندڙن خلاف جيڪڏهن سنڌ جي مکيه شهرن ۾ زوردار احتجاجي مظاهرا ٿين ته جيڪرآئيندي ڪنهنجي اهڙي همت ئي ڪونه ٿيندي ـ *اسين سنڌي فيسبوڪ تي سنڌي ٻوليءَ لاءِ وڏيون وڏيون لٻاڙون هڻون ٿا پرعملي جدوجهد نٿا ڪريون، چاهيون ٿا ته هر قدم سرڪارکڻي ۽ اسان لاڳيتو گھري ننڊ ۾ ستا پيا هجون ـ