ڪهاڻيڪار :- ساقي ارشاد لورڙ ڪهاڻي ”ڌرتيءَ جي سرتي…!!“ هوءَ عورت ٿي ڪري جيڪو ڪم ڌرتيءَ لئي ڪندي هئي اهو شايد ئي ڪور مرد ڪري سگهي ، مونکي ته ايئن لڳندو هو هوءَ هڪ عورت نه پر هن اندر هزارن جوڌن جي همٿ سمايل هئي ، هوءَ هيکلي اڃ ۽ بک ۾ رهي ڪري ديس واسين جي حقن لاءِ ڪڏهن ڪنهن آفيس ۾ ته ڪڏهن ڪنهن ڳوٺ ۾ مظلوم ماروئڙن جي سورن جي پڪار ٻڌي پکيءَ جيئان اڏامي اچي انهن جو اذالو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي هئي ، پوءِ اها ٿر جي بک ڀري صدا هجي يا توڙي جو اتر لاڙ ڪاشي جي ڪنهن ناري کي بي ڏوھُ ڪاري چئبو هجي ، هوءَ هر وقت هر گهڙي ڪو نه ڪو مسئلو کئنيون بالا آفيسرن جي اڳيان بيٺي هوندي هئي ،………! ڪيترائي دفعا ته ايئن به ٿيو ته بالا آفيسرن کيس ڌڪا ڏئي آفيسن مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيس پر هوءَ هئي جا معيوص ٿي واپس ورڻ بجاءِ وري نئين سر ٻئي ڏينهن ساڳي ئي آفيسر جي اڳيان ساڳيو ئي مسئلو ، ۽ پوءِ جيتري تائين مسئلو حل نه ٿئي تيس تائين هوءَ سڪون جو ساھُ ئي نه کڻندي هئي ،……! هوءَ ڌرتيءَ جي اها سرتي هئي جيڪا صبح توڙي شام پنهنجي سينڌ سنوارڻ وقت ڌرتيءَ جي دز پنهنجي سينڌ ۾ سندور جيئان وڏي فخر سان لڳائيندي هئي ، ڌرتيءَ کي ئي پنهنجي ماءُ مڃڻ واري ديس ڌياڻي ديس واسين جي حقن جي ڳالھ ڪرڻ وارن ۾ سڀ کان اول رهندڙ هوءَ سورمي مظلومن جي پڪار هئي نه ڪي سياسي ڌرن سان تعلق رکندڙ ووٽ جي لالچ رکندڙ سياستدان يا ڪنهن دشمن ملڪ جي ايجنسي جي ايجنٽ ، بس سچ وڏو ڏوهاري ۽ سچ ازل کان عذابن ۾ هوءَ به سچ جي پڪي پوڄارڻ ، سماج سيوڪ هئي جنهن کي هڪ ايم ، پي ، اي ، جنهن مظلومن جا حق هڙپ ڪيا ۽ جڏهن روپا هن جا عڪس ميڊيا جي ذريعي دنيا اڳيان آندا ته روپا کي راتو رات گم ڪرائيو ويو ، ۽ ٽائوچر ڪري هن کي وطن دشمن صابط ڪرڻ جي ڪوشش شروع ڪرڻ لڳا ، هو سڀ ملي ڪري هن کي مڃائڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا ته هوءَ پنهنجي زباني قبول ڪري ته هوءَ دشمن ملڪ جي ايجنٽ آ ، پر هوءَ ته هميشه کان محب وطن هئي . هوءَ سورمي جيل جي کوليءَ ۾ هن جا وار وکريل ، ڪپڙا ليڙون ليڙون ، پاڻ زخمي هند هند رتو رت ، پر مرڪ ۽ سڪون هن جي چهري تي نظر اچي رهيو هو ، هوءَ کوليءَ ۾ ويٺي ڌرتيءَ جي دز جيڪا هن جي مٺ ۾ هئي ان کي نهاري رهي هئي ۽ ڪجھ سوچي مٺ جنهن ۾ ڌرتيءَ جي دز هئي ، تنهن کي ويجهو آڻي چوڻ لڳي ، ” اي ڌرتي ماءُ تون غواءَ رهجان ته مان ڪو به ڏوھُ ڪو به پاپُ نه ڪيو آ ، مان ته هميشه تنهنجي مظلوم ماروئڙن جي سيوا ڪئي آ ، ۽ ان سيوا جو بدلو هي مونکي ڪيئن ڏئين ٿا ، ؟ مونکي چون ٿا ته تون چوءُ ته تون ديس دشمن آهين ، افسوس آ ماتا جو هي مونکي تنهنجي سپوتي کي پرکي به سگهيا ، تون ته ڄاڻين ٿي ماتا ته مان ديس جي دشمن ناهيان پر ديس جي دشمنن لاءِ سچ جي صليب آهيان ، تنهن ڪارڻ ئي ته هو سڀئي ملي ڪري مونکي سوليءَ تي چاڙهڻ چاهن ٿا ، سچ کي دٻائڻ ڪارڻ ڪوڙ کي اوچو ڪري ۽ مونتي ٽائوچر ڪري مارڪٽ ڏئي مڃائڻ چاهن ٿا ، ته مان ڪوڙي آهيان ، مان تنهنجي دشمن آهيان ، نه ماتا نه مان تنهنجي سيواڪار آهيان ۽ جيتري تائين ساھ سلامت آهي مان ڪوڙو بئيان ڏئي مان ديس واسين جي نظر ۾ سماج سيوڪن جي ڪم کي ديس دشمن اناصر چئي هنن جي خدمتن کي داغ نه لڳائيندس هنن جي حوصلن کي پست نه ڪندس ، ماتا جي هن لڙائيءَ ۾ هن حق ۽ سچ جي لڙائيءَ ۾ منهنجي جان ڀي هلي وڃي ته پرواھ ناهي ، بس تون مونکي همٿ ڏيجان ته مان پنهنجي هن راھَ حق ۽ سچ جي راھَ تي مرڻ گهڙيءَ تائين هلندي رهان ،……!!“ هن مٺ بند ڪري پنهنجي چپن تي آڻي ٻنهي اکين سان لائي ۽ پنهنجي سينڌ ۾ َمٽيءَ جي چپٽي سندور جيئان لائي خاموش ٿي ڌرتيءَ جي دز جيڪا سندس مٺ ۾ هئي تنهن کي نهارڻ لڳي ، کوليءَ جو دروازو کلڻ جو آواز ٿيو ته مٺ بند ڪري ڪنڌ مٿي ڪري هن نهاريو ، ٻه اهلڪار عورتون هڪ ڊگهو مرد آفيسر ٽئين اندر گهڙيا ته روپا هڪ نظر هنن تي وجهي ڪنڌ ٻئي طرف ڪري ڇڏيو ، هو ٽئين روپا جي ويجهو اچي بيٺا ۽ مرد کنگهي نڙي صاف ڪندي ساڻس مخاطب ٿيو ، ” مائي …! توکي آخر ڪهڙو جنون اچي وئيو آ جو گذريل ٽن ڏينهن کان توتي اسانجي ٽائوچر جو ڪو به اثر نٿو ٿئي ، تون آخر ڪهڙي مٽيءَ جي ٺهيل آهين ، مونکي ته افسوس ٿو ٿئي ، تون اجائي پنهنجي نازڪ بدن کي رتو رت ٿي ڪرائين ، ڪجھ ته پاڻ تي ۽ پنهنجي خوبصورت نازڪ بدن تي رحم ڪر ۽ ٻڌاءِ ڇڏ ، ته تنهنجو به ڀلو ٿئي ۽ اسانجو به ٽائم ضايع نه ٿئي ،…!؟“ آفيسر وڌيڪ ڳالهائيندي هڪ نظر روپا تي وڌي وري ڦري ساڄي پاسي بيٺل اهلڪار عورت کي چيو ،” اوهان ئي هن کان پڇو ،……!؟“ روپا وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ آفيسر ڏانهن ڪنڌ ورائي چوڻ لڳي ، ” اوهان جيڪي ڪجھ پڇڻ چاهيو ٿا مون وٽ ان جو ڪو به جواب ناهي ، جي اوهان گذريل ڏينهن ۾ ڪا ڪثر ڇڏي آهي ته اها به پوري ڪري سگهو ٿا باقي مون وٽ ٻڌائڻ لاءِ ڪجھ به ناهين ، اوهان ظالم آهيو ۽ مان مظلوم ، اوهان جو ڪم ظلم ڪرڻ آ ۽ منهنجو ڪم آ ته مان ظلم برداشت ڪيان ، اوهان جهڙن ظالمن ته صدين کان وٺي اسان مظلومن جي رت چوسي چوسي اسانجي جسمن ۾ ناصور پيدا ڪري ڇڏيا آهن ، هاڻ وري اهان ڪهڙي چڱائي ڪندا ،……! ۽ وري مون مان اجائي اميد ٿا رکو ،………… هون………!!؟؟؟“ هن ڪاوڙ ۾ ڳالهائيندي منهن ٻئي طرف ڪري ڇڏيو ، ” مائي ! مان هتي تنهنجي تقرير ٻڌڻ نه آيو آهيان ، تون منهنجو دماغ خراب ڇو ٿي ڪرين ، تو کان جيترو پڇون ٿا اوترو ٻڌاءِ ، تون اِهو ٻڌاءِ ته تنهنجو ڪهڙي ڌر سان تعلق آهي ؟ اوهانجو ليڊر ڪير آهي ؟ ۽ هن وقت اوهانجي تنظيم ڇا ڪري رهي آهي .؟؟“ روپا هن جي چهري تي هڪ نظر وجهي مرڪي چوڻ لڳي ، ” اسانجو تعلق حق ، سچ ۽ ديس سان آهي ، اسان جو ليڊر سچ کان سواءِ ڪير ڀي ناهين ۽ هن وقت اسانجي تنظيم مظلوم ماروئڙن کي انصاف رسائڻ لاءِ حق ۽ سچ جا راهي انصاف لاءِ بالا آفيسرن جي آفيسن جا چڪر ڪاٽي رهيا هوندا ……! مظلومن جي دردن جو اذالو ڪرڻ لاءِ ، ان کان وڌيڪ مان نٿي ڄاڻيان ته توهان مونکان ڇا پڇي رهيا آهيو ، ۽ انهن سوالن جا جواب مون وٽ ناهن ……!!؟“ آفيسر هن جا لفظ ٻڌي ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي چوڻ لڳو ، ” مائي وري به سوچ تون شايد نٿي ڄاڻي ته تون پنهنجي لاءِ پاڻ عذاب ٿي برپا ڪرين ، ڪجھ ته پاڻ تي رحم ڪر ، ڇو ٿي پاڻ تي ظلم برپا ڪرين ، اسان جيڪو ڪجھ تو کان پڇو ٿا اهو ٻڌاءِ مان واعدو ٿو ڪيا ته توکي آزاد ڪري ڇڏيندس ، اجائي پاڻ کي تڪليف نه ڏي نه ئي اسان کي مجبور ڪر ته اسان توتي تشدد ڪريون تون نٿي ڄاڻين ته اسان جي تشدد ۾ ته گونگا به ڳالهائڻ تي مجبور ٿي ويندو آهي .!“ روپا هن تي پيرن کان وٺي نرڙ تائين هڪ نظر وڌي ، هن کي ايئن لڳو ڄڻ هو فخر ۾ چوندو هجي ته تون به هڪ ڏينهن هارِ مڃيندينءَ هن هڪ ٽهڪ ڏنو ۽ چوڻ لڳي ، ”اسان ايترا ڪمزور آهيون جو توهانجي چوڻ تي توهانجي ڌمڪائڻ تي اسان جيئڻ جا مقصد ، پنهنجا خواب ، توهان اڳيان کولي رکنداسي… ! آفيسر صاحب معاف ڪجو هاڻي اسان اوهانجي ڌميڪين ۾ اچڻ وارا ناهيون ، هيءَ اسانجي ڌرتي اسانجي ماءُ آهي جنهنجي سکَ ۽ شانتيءَ لاءِ جاکوڙڻ اسانجي زندگيءَ جو مقصد آهي ،……!!“ ”مائي ! جذباتي نه ٿي هڪ دفعو سوچ ……! تون ڇا ٿي سمجهين ته بس جيڪو تون ڏٺو ته مان توسان نرميءَ سان پيش ٿو اچان ته توسان رعايت ڪندس ته تون ڀليل آهين ، هيل تائين تون جيڪو تشدد سٺو اهو ته اڃا شروعات آهي ، جي اڄ تون نه ٻڌايو ته شايد تون سڀاڻي تائين ڳالهائڻ جي لائق به نه رهندينءَ ،……!!؟؟؟“ روپا ! درد کان ڪنجهندي ديوار کي ٽيڪ ڏئي اٿي بيٺي ، هن هڪ ڊگهو ساھُ کڻي پاڻ سنڀالي چوڻ لڳي ، ” آفيسر صاحب ! ڇا تو وساري ويٺو آن ، ته ٿون هڪ ديس ڌياڻي اڳيان بيهي ان کي پنهنجي تشدد جي ايزائن جو مقالو ٻڌائي ڊيڄاري پنهنجا ناپاڪ ارادا ، ناپاڪ سوالن جا جواب مڃرائيندين ، تون نٿو ڄاڻين ……!؟“ هن جي سيني ۾ درد جي هڪ سٽ اڀري ……هوءَ سور کي سهي چوڻ لڳي ، ” آفيسر صاحب اوهان نٿا ڄاڻيو ته اسان مظلومن صدين کان وٺي ڪهڙيون ڪهڙيون اذيتون سٺيون آهن ، اهي ايزاوءَ اهي اذيتون اهي تاريخي اذيتون سهي اسان هن ديس جا مظلوم هاڻ ايڏا ته ارادي جا پڪا ، پختا ۽ اردي جا اٽل ٿي ويا آهيون جو هڪ دفعو ڪجھ ڪرڻ جو سوچي وٺون پوءِ ته پنهنجي به نه ٻڌندا آهيون ، ته توهانجي ڪيڏانهن ٻڌنداسي اوهان کي جيڪو ڪرڻو آ ڪريو مونکي ڌمڪيون ڏيڻ بند ڪريو ……!؟“ هن ديوار تي ٽيڪ ڏئي هڪ ڊگهو ساھُ کئنيو ،آفيسر هن تي هڪ نظر وڌي هن جو سڄو جسم رتو رت ۽ ڪپڙا ليڙون ليڙون ٿيل هئا ، آفيسر کي لڳو ته هن جي ارادي ۾ ڪا به لچڪ نه هئي ، هن جو غرور اوترو ئي اٽل هو ، هن جي اندر ۾ پنهنجي ماروئڙن سان پنهنجي وطن سان محبت هاماليا جي پهاڙن وانگر اوچي هئي ، آفيسر هن تان نظرون هٽائي پنهنجي ساڄي پاسي بيٺل اهلڪار عورت سان مخاطب ٿيو ، ” ايني صاحبه …………!!“ ”جي سر………!!“ عورت اهلڪار وراڻيو ” تون هن مائي سان چاهي ڪهڙو به سلوڪ ڪرين پر هن جي ارڏائپ ختم ڪري هن کان مڃراءِ ته هيءَ دشمن ملڪ جي ايجنٽ آ ،…………!؟؟“ ” ييس سر ! اوهان به فڪر ٿيو ،…!“اهلڪار عورت جو جواب ٻڌي آفيسر تيزيءَ سان کوليءَ جي دروازي کان ٻاهر نڪتو ته عورت اهلڪار ايني نرڙ ۾ ڇوڙ وجهي روپا کي ڏسي چوڻ لڳي ،………! ”مونکي افسوس آهي ته تون پاڻ تي ظلم ٿي ڪرين ، ۽ حيرت ٿي ٿئي ته تون جنهن ديس ۽ ديس واسين جي سيوا ڪندي رهي آهين ، ڪجھ وقت کان پوءِ جڏهن اهي تنهنجي زباني ٻڌندا ته تون دشمن ملڪ جي ايجنٽ آن ، ته اهي توسان نفرت ڪندا پوءِ خالي پيلهي پاڻ تي تشدد نه ڪراءِ مڃ ته تون دشمن ملڪ جي ايجنٽ آن ، …!“ روپا هن ڏي مرڪي ڏنو ته اهلڪار عورت ڪاوڙ مان چيو ، ” توکي ڇا اسان جون ڳالهيون مذاق ٿيون لڳن ……ڪ………!!؟؟“ هن هڪ گار ڏيندي روپا کي ڪاوڙ ۾ لت وهائي ڪڍي لانگ بوٽ جي لت لڳڻ سان روپا ٻوٿ ڀر فرش تي ڪري پئي ، اهلڪار عورت جي ڪاوڙ اڃا به گهٽ نه ٿي ، هوءَ روپا کي لتون هڻڻ لڳي روپا تڪليف ۾ ڪنجهندي رهي اهلڪار عورت جون لتون جاري هيون ، روپا ڄڻ ڌرتيءَ کي چمي چئي رهي هئي ، ” اي ماتا ! منهنجو ڪهڙو ڏوھُ آ تون ڄاڻين ٿي ته مان سواءِ تنهنجي مظلوم ماروئڙن جي حقن لاءِ هيل تائين وڙهندي آيس ۽ اڄ ھي ٿا چون ته مان چوان ته مان دشمن ملڪ جي ايجنٽ آهيان ۽ مان تو مٿا بم ڌماڪا ڪرائڻ جون سازشون ڪئيون ، نه ماتا نه مان ڪڏهن به سچ جي واٽ نه ڇڏيندس تون مونکي همٿ ڏئي ،…!!“ ڪاوڙ مان اهلڪار عورت آپي مان نڪري وئي هئي ، جو هن کي اها به خبر نه هئي ته روپا کي هوش به آهي يا هن جو ساھُ ئي نڪري ويو آ ،……!!؟“ ڪاوڙ ۾ ايني گاريو ۽ لتون هڻندي ڄڻ انڌي ٿي وئي هئي ، مٿان بيٺل ٻئي اهلڪار عورت محسوس ڪيو ته روپا بيهوش ٿي وئي آ ، تڏهن هوءَ وڌي اچي اينيءَ کي ٻانهن کان جهلي چوڻ لڳي ، ” ايني صاحبه ! هيءَ بيهوش ٿي وئي آ ،……!“ ايني پوئتي هٽي چوڻ لڳي ، ” اينجل ! هن کي هوش ۾ آڻ اڄ مان هن کان قبول ڪرائي رهنديس ته هيءَ دشمن ملڪ جي ايجنٽ آ ، ڏسان ته آخر ڌرتيءَ ڌياڻي ، پاڻ کي سماج سيوڪ سمجهندڙ ڪيئن نٿي قبول ڪري . ………!؟“ اينجل روپا جي ويجهو اچي هن کي سڌو ڪيو ۽ کوليءَ جي وٽ ۾ پئيل دلي مان پاڻيءَ جو گلاس ڀري هن جي منهن تي ڇنڊا هڻڻ لڳي ۽ روپا کي هوش ۾ آڻڻ جا جتن ڪرڻ لڳي ، پر روپا ڄڻ ڌرتيءَ جي ڪنهن حسين منظر ، يا ڌرتيءَ جي ڪنهن خوشحاليءَ سندي سپني جي سحر ۾ سڪون جي ننڊ ستل هئي ، هن جي منهن ۾ اهائي مرڪ بکي رهي هئي ، اردو اوترو ئي پڪو ۽ غرور اٽل ………اينجل ڪجھ دير هن کي هوش ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪندي رهي ، پوءِ هن روپا جي سيني تي ڪنڌ رکي هن جي دل جو ڌڙڪو ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي ، هو سانت هئي ، خواهشين کان محرومين کان آزاد ٿي وئي ، پر ڌرتيءَ سان عشق اوچو رکڻ جو ثبوت ڏئي وئي ، اينجل رڙ ڪندي چيو ، ” ايني صاحه ! هيءَ مري وئي ……!؟“ ” هان ! مري وئي …نه ، نه هيءَ نٿي مري سگهي هيءَ مري مونکان کٽي ، مونکي هارائي وئي ……………!!!؟؟؟؟؟“