ڪهاڻيڪار :- ساقي ارشاد لورڙ ڪهاڻي :- ……” خرچي “……!! 12 سالن جو معصوم ٻار ، گهٽيءَ ۾ بيٺل ٻين ٻارن کي حسرت ڀريل نظرن سان نهاري سوچي رهيو هو ، ” ڪاش ! مان به هنن وانگر عيد جي ڏينهن تي خوش هجان هان هنن جهڙا پرمسرت لمحا خوشيءَ مان جهومي کلي راند روند ڪندي گذاريان هان پر پتو ناهي منهنجي خوشي الائي ڪٿي گم ٿي وئي آ ،………!؟ يا ڪنهن چورائي آ جو مان هنن وانگر کلي به نٿو سگهان ،“ ان وقت هڪ خوش پوش مذهبي شخص گهٽيءَ ۾ بهي ٻارن کي سڏي چوڻ لڳو ،………!! ” ٻارو اچو ته اوهان کي عيد جي خرچي ڏيان ………!!؟“ سمورا ٻار هن ڏانهن ڀڄندا ويا ، هو معصوم به آهستي آهستي ان شخص ڏانهن وڌڻ لڳو ، جڏهن هو ان شخص جي ويجهي پهتو ۽ خرچيءَ وٺڻ لئي هن ڏانهن هٿ وڌائيائي ، ته ان شخص هن کي ڌڪو ڏئي گسي مان چوڻ لڳو ، ” ڪافر ! اڄُ اسان مسلمانن جي عيد آ ۽ هيءَ خرچي مان پنهنجي مسلمان ڀائرن جي ٻارن کي ڏئي رهيو آهيان ، اها خرچي مان تو غير مسلم کي نٿو ڏئي سگهان تون ڪافر آ ،……!؟“ هو گهٽيءَ ۾ ڪري پيو ۽ سڄو ڌرتيءَ جي ڌوڙ ٿي ويو ، ۽ هن جي پيشانيءَ تي هڪ سوال اڀري آيو ، جنهن جو جواب ان شخص وٽ ته ڇا پر ڪنهن به مسلمان وٽِ ناهي ، اهو سوال هي هيو ،………!!! ” ڇا ڪو به ٻار ڄمڻ سان ئي مسلمان يان هندو ٿي ڄمندو آهي ، ………!؟“ اوهان سمورن سڄڻن کي منهنجي طرفان عيد مبارڪ پر هن مزاج جا مسلمان نه ٿيجو هن خوشين ڀري ڏينهن تي ، ”حق موجود …“