• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ساقي ارشاد لورڙ

saqi irshad Lorer

سينيئر رڪن
ڪويتا ________ساقي ارشاد لورڙ
او ساھَ سيباڻا پرين ،
تو کي ڪيئن ٻڌايان ته منهنجي من مندر ۾ ،
تنهنجي تصوير جڙيل آهي ۽ تون ئي منهنجي ،
هر ساھَ ۾ سمايل آهين ، مان جاڳندي سمهندي ،
گهمندي کلندي کائيندي پيئندي ،
تنهنجي ئي تات تنوار ۾ رهان ٿو ،
منهنجي من مندر ۾ هر پل تنهنجي ئي يادن جا گنڊ وڄندا رهن ٿا ،
اهي مڌر آواز ٻڌي مان عجب ڪشمڪش ۾ اچي ويندو آھيان ،
ته وري ڪنهن پل نراس ، سوچن جي ساگر ۾ قيد ،
تنهنجي يادن جي تانيئڙن ۾ وڪوڙبو ويندو آ هيان ،
تنهنجي دؤريءَ جي درد ۾ اماڻڪو ٿي روئي پوندو آهيان ،
ته وري ڪنهن پل هوائن سان ڳالهائيندي ،
توڏي سلام موڪليندو آهيان او منهنجا مٺڙا پرين ،
مان ته هر ساھَ کي سيني ۾ لاهڻ سان گڏ توکي سنڀاريندو رهان ٿو ،
تو کي پاڻ ۾ سموئيندو رهان ٿو ،
مڃان ٿو حالاتن پاڻ کي عارضي دور ته ڪيو آ پرين ،
پر مون توکي نه وساريو ، نه وساريندس ، نه ئي وساري سگهان ٿو ،
ڀلان ڪو انسان ساھُ کڻڻ بنا رهي سگهي ٿو ڇا ؟
جو مان دلربا پرين توکي وساري جيئان يا جيئڻ جو سوچي سگهان …!!
تون آهين ته مان آهيان . منهنجا مٺڙا دلربا پرين .……!!!؟؟؟
 
Back
Top