ڊاڪٽر آڪاش انصاري جڏھين ڪنھن به بادل، ولھاريون وساريون، الئه ڇو اوھان جون اکيون ياد آيون ، جڏھين چنڊ چوڏس ڪيون چلولايون الئه ڇو اوھان جون اکيون ياد آيون ، جڏھين ڪنھن به ڪوئل اسر ويل ڳايو، تڏھين وِلھه ويتر وڇوڙو وڌايو ، جڏھين ماڪ مُکڙيون ڀنيءَ جون ڀڄايون، الئه ڇو اوھان جون اکيون ياد آيون ، جڏھين کيٽ ۾ ٻاجھرين سنگ واريا، جڏھين چيٽ ۾ ڦول ڄانڀي ڦُلايا، جڏھين ٿر تي مورن ڪي ٻوليون ٻُرايون، الئه ڇو اوھان جون اکيون ياد آيون ، جڏھين تو سان نيڻن جو ناتو ڇِنو ھو، تڏھين دور آڪاش ڪيڏو رُنو ھو، جڏھين جيءُ جھورڻ ھي آيون جدايون، الئه ڇو اوھان جون اکيون ياد آيون.