• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سيٺ ھر چند راءِ وشنداس سي- آءِ- اَي

Hafeez Abbasi

سينيئر رڪن
سيٺ ھر چند راءِ وشنداس سي-آءِ-اَي
سيٺ ھر چند راءِ وشنداس هندو مسلم اتحاد جو وڏو حامي هو. هو ڪوٽڙي تعلقي جي مانجهو ڳوٺ ۾ سن 1864ع ۾ ڄائو هو. هن اوائلي تعليم کان پوءِ بمبئي ايفلسٽن ڪاليج مان ايل ايل بي جو امتحان پاس ڪري وڪالت جي سند وٺي آيو. ڪراچي ۾ پنهنجو وڪالت جو ڪم شروع ڪيائين. پنهنجي ڪم ۾ وڏو نالو ڪڍيائين.
ڪراچي ميونسپل جو 1911ع کان 1921ع تائين پريزيڊنٽ رهيو. هن پنهنجي وقت ۾ جيڪا خدمت شهر جي ڪئي سا وسرڻ جي ناهي. ميونسپالٽي جي احاطي ۾ سندس سنگ مرمر جو پتلو کڙو ڪيل آهي. رسائي ۽ لاپي بر خلاف تحريڪ ۾ خوب بهرو ورتائين. رسائي لاپي جي برخلاف جيڪا جاچ ڪاميٽي سرڪار مقرر ڪئي انجو ميمبر هو. ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جو ڪيترائي سال ميمبر هو. انهيءَ وقت ۾ ڪراچي بندر کي سڌارڻ ۽ وڌائڻ ۾ ڏاڍو چاھ ورتو. انهي حسن خدمت جي ڪري سرڪار کيس سي آءِ اَي جو لقب ڏنو.
شروع کان ئي هو هندو مسلم اتحاد جو شائڪ هو. ڪشادي دل وارو ۽ صوفي خيالن جو هو. سنڌ کي بمبئي کاتي کان جدا ڪرائڻ واري تحريڪ ۾ مکيه پارٽ ادا ڪيائين.
پڇاڙيءَ جي وقت هو هند اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊ جي ويو هو. اتي وڃي به ڏاڍو ڪم ڪيائين. سال 1928ع ۾ دهليءَ ڏانهن اسيمبلي جي ميٽنگ ۾ شامل ٿيڻ لاء ويو.
اتي سائيمن ڪميشن، جا هندستان کي ڪهڙا سڌارا ڏجن تنهنجي جاچ لاء آيل هئي. انکي بائيڪاٽ ڪرڻ جو ٺھراءُ اسيمبليءَ ۾ پيش ٿيو هو. اهو ٺھراءُ بحال ڪرائڻ لاء ھن گهڻو پاڻ پتوڙيو ۽ آخر فتح مند ٿيو. دهلي ۾ ئي 16 فيبروري 1928ع ۾ سرگواس ٿيو.
 
آخري ترميم:
39053592460_b2794d5e9f_o.jpg
 
Back
Top