دهشتگردي جا معمول بڻيل واقعا ۽ اسان جي سيڪيورٽي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏4 جولائي 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    روز دهشتگردي جا معمول بڻيل واقعا ۽ اسان جي سيڪيورٽي

    دوستو پاڪستان ۾ دهشتگردي جا واقعا روز جا معمول بڻجي ويا آهن، اڳي ڪو هڪ ڌماڪو ٿيندو هو ته هر ڪو افسوس ۾ نظر ايندو هو، مسجدن جا پيش امام جماعتن سان گڏجي اجتماعي دعائون ڪرائيندا هئا ته يا الله امن ڪراءِ.
    پر هاڻي صورتحال مختلف آهي، بم ڌماڪن سان گڏ خودڪش ڌماڪا پڻ شروع ٿي ويا آهن، انهن خودڪش ڌماڪن جي شروعات ڪٿان ٿي ان جي باري ۾ مونکي ڪا تفصيلي ڄاڻ ڪين اٿم، پر اهو ڪنهن رسالي ۾ ضرور پڙهيو هوم ته خودڪش ڌماڪن جي شروعات فلسطين جي نياڻين شروع ڪئي هئي جيڪي يهودين جي بازارن ۾ وڃي پاڻ کي اڏائي سوين يهودي جهنم رسيد ڪنديون هيون.
    گذريل ڪجهه سالن کان اسان وٽ پڻ اهي ڪم شروع ٿي ويا آهن پر انهن جو ڪو مذهب نه آهي انهن کي مسلمان چوڻ واري ڳالهه منهنجي ناقص سمجه کان ٻاهر آهي ڇو ته هڪ ته هو جيڪڏهن اسان جي سيڪيورٽي ملازمن کي نشانو ٿا بڻائين ته به هنن جو عذر قابل قبول نه آهي ڇو ته اهي سيڪيورٽي جا ادارا ئي ته اصل اسلام جا سچا سپاهي ۽ مجاهد آهن، جيڪي ان ڪم ۾ مشغول رهن ٿا ته مسلمان سک جو ساهه کڻڻ ۽ آرام سان پنهنجي زندگي گذارين، جڏهن ته اهي ادارا پنهنجو آرام ڦٽائي اسان جي آرام لاءِ جاکوڙين ٿا.
    ۽ انهن جي آڙ ۾ جيڪي روز عام ناحق غريب عوام شهيد ٿئي ٿي اهو ته گناهه ئي اهڙو آهي جو اهڙن ماڻهن کي قطعا مسلمان نه ٿو چئي سگهجي.
    هاڻي گذريل ڪجهه ڏينهن جي ئي ڳالهه آهي ته لاهور جي داتا دربار ۾ ڌماڪا ڪيا ويا آهن جنهن ۾ 40 زائرين شهيد ۽ سوين زخمي ٿيا آهن، اهڙي طرح قبائلي علائقي خيبر ايجنسي جي تحصيل باڙي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي جوانن جي قافلي کي ريموٽ ڪنٽرول سان اڏايو ويو آهي، نواز شريف حڪومت تي زور ڀريو آهي ته هو طالبان سان ڳالهيون ڪري، اوقاف کاتي جو مذهبي امور وارو وزير وري داتا واقعي کي فرقي واريت کي هوا ڏيڻ جي ڳالهه ڪري ٿو، اهڙي طرح هاڻي مزارن جي سيڪيورٽي وڌائڻ جي ڳالهه به سامهون اچي پئي جنهن ۾ خاص طور سنڌ جي ڀٽائي سرڪار کان علاوه شهباز قلندر ۽ حضرت عبد الله شاه اصحابي ڪراچي سي سيڪيورٽي وڌائڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي.
    اهڙي طرح ڪجهه ڏينهن اڳ هالا ناڪو حيدرآباد ۾ پڻ ڌماڪو ٿيو جنهن ۾ 18 قيمتي جانيون ضائع ٿيون.
    سو دوستو اسان جي حڪومت هاڻي سيڪيورٽي وڌائڻ جي ڳالهه ڪري ٿي، پر هاڻي ٿورو منهنجي ڳالهه تي ڌيان ڏجو جنهن ۾ اسان جي حڪومت جي پت وائکي ٿي ويندي ته هو ڪيتري سنجيده آهي پنهنجي ان دعوي ۾.
    ڪجهه وقت اڳ تقريبن 2 مهينا ٿيا هوندا جو منهنجي فيملي پهريون دفعو مڪي پاڪ عمري جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ وڃي رهي هئي، منهنجي يونيورسٽي جي مصروفيت سبب انهن کي سندن چاچي سان موڪليو هوم، ايئرپورٽ تي مونکي اها سهولت ڪن دوستن جي مهرباني سبب ملندي آهي ته مونکي هڪ پاس ملندي آهي ڪنهن کي رسيو ڪرڻو هجي يا ڪنهن کي سي آف ڪرڻو هجي ته اندر تائين ڇڏي اچڻ يا وٺي اچڻ جو پاس مونکي ملندو آهي، پر ان پاس جو هڪ خاص ايريا آهي جنهن تائين اوهان وڃي سگهو ٿا اڳتي ريڊ زون آهي اتي توهان نه ٿا وڃي سگهو، پر ٿيو ايئن جو پاس وٺڻ کان پوءِ آءُ پنهنجي فيملي سان ايرپورٽ ۾ اندر داخل ٿي ويس پوءِ انهن کي سائيڊ ۾ ويهاري سامان ڪسٽم ذريعي جهاز ڏانهن روانو ڪري بورڊنگ پاس ورتا پوءِ انهن کي ايميگريشن آفيسر وٽ وٺي ويس جتي انهن جا ڦوٽو سيو ٿيا ڊجيٽل ڪيمرا سان ۽ ايگزٽ جو نشان پاسپورٽ تي پڻ لڳو، هاڻي اِها اها جاءِ آهي جتان اڳتي وڃڻ مونکي اجازت نه آهي پر ٿيو ايئن جو مون هڪ آفيسر کي چيو ته منهنجي فيملي پهريون دفعو وڃي پئي انهن کي ايتري ڄاڻ نه هجڻ ڪري مونکي جي هن پاس ذريعي اجازت هجي ته ڪجهه اڳتي کين ڇڏي اچان ته هن خبر اَٿوَ ته ڇا وراڻيو؟
    هن مونکي چيو: بهائي ديڪه لو اگر جاسڪتي هو تو جائو!!!!
    دوستو مون به ڇا ڪيو ته فيملي سان گڏ هلي پيم هي پاڪستان جو سڀ کان حساس ترين ڪراچي جو ايرپورٽ آهي اڳنان هلي ٻيا آفيسر (تقريبن10 آفيسر) ويٺا هئا: هان بهائي ڪهان جارهي هين؟ آفيسر چيو.
    سعودي عرب : مون وراڻيو.
    اڇا ٺيڪ هي ايگزٽ ڪا نشان لگا هوا هي سڀئي پاسپورٽون ۽ بورڊنگ ڪارڊ ڏسي هن به اسان کي اجازت ڏئي ڇڏي پر هن انڌي اهو نه ڏٺو ته انهن مان وڃڻ وارا ڪير آهن.
    سو دوستو اڳنان هلي 5 آفيسرن رستي ۾ وري چيڪنگ ڪئي پر هي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي آهي، مون ڪيترا ئي سيڪيورٽي زون ڇڏيندي پنهنجي فيملي کي وڃي ويٽنگ هال ۾ ويهاري آيس ته هي سامهون اوهان جو جهاز بيٺو آهي بس ٿوري دير ۾ اعلان ٿيندو ۽ اوهان وڃي جهاز ۾ ويهندا، مونکي ان وقت خوشي به ٿئي پئي ۽ دل رت جا ڳوڙها پڻ هاري پئي، خوشي ان ڳاله جي ته فيملي بغير تڪليف جي ويٽنگ هال تائين پهچي وئي ۽ ڏک ان پاڪستان جي اهڙي سيڪيورٽي جي اهڙي حساس ايئرپورٽ جي سيڪيورٽي جو.
    سو دوستو واپسي ۾ هڪ آفيسر نه چاهيندي به پڇيو: ڪيون بهائي آپ نهين گئي ڪيا؟
    مون ان انڌي کي چيو: نهين بهائي مجهي تو نهين جانا ٿها فيملي ڪو ڇوڙني آيا ٿا؟
    اڇا تو وهان اندر تڪ ڪيسي گئي؟
    يه ميري پاس پاس هي؟
    اڇا ڪس ڪي طرف سي هي؟
    فلان ڪي طرف سي هي.
    پوءِ اتي 8 يا 10 آفيسر گڏجي ويا مون به سمجهيو ته هاڻي خير نه آهي، آپ ڪو تو اتنا اندر جاني ڪي اجازر نهين ٿهي آپ ڪيسي گئي؟
    دل ۾ چيم ته توهان جهڙا انڌا ڪراچي حساس ايئرپورٽ تي آفيسر هجن ته پوءِ ڪير به ڪجهه به ڪري سگهي ٿو.
    مون هنن کان جان ڇڏائيندي چيم ته مونکي خبر نه آهي بس مون وٽ پاس آهي ۽ آءُ اندر وڃي فيملي کي ڇڏڻ ويس ۽ مونکي ڪنهن روڪيو به نه بحرحال ٿورو هل چل ضرور مچي وئي پر ان کان پهريون جو هنن جي ڪنهن اعلي آفيسر کي ان جي خبر پوي هنن مونکي 5 منٽ ويهاري ڇڏي ڏنو.
    سو دوستو هي آهي اسان جي سيڪيورٽي جي صورتحال جڏهن منو جهڙو هڪ عام ماڻهو جهاز جي ويجهو تائين پهچي سگهي ٿو ته ڪو بدبخت غلط ارادو رکندڙ ڇا جهاز تائين نه ٿو پهچي سگهي ۽ الله نه ڪري ان کي نشانو نه ٿو بڻائي سگهي؟؟؟؟!!!!!!!!!!!
    الله اسان جي حآل تي رحم ڪري.
    هي آهي اسان جو سڀ کان حساس ترين شهر ڪراچي.
    ۽ پاڪستان جو حساس ترين ڪراچي ايئرپورٽ.
    هتان جي سيڪيورٽي جي اها صورتحال آهي!!!!
    ته باقي ڇا حال هوندو؟؟؟!!!
    سو اهو آهي حال توهان پنهنجي خيال کان به ضرور آگاه ڪريو.
    ابو عبد الله طاهر سنڌي
    ڪنڌڪوٽ
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: دهشتگردي جا معمول بڻيل واقعا ۽ اسان جي سيڪيورٽي

    منهنجي خيال ۾ منهنجي هن پوسٽ کي رائي شماري واري سيڪشن ۾ هجڻ گهرجي ها متعلقه دوست کي گذارش آهي ته هن کي اتي شفٽ ڪن مهرباني
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: دهشتگردي جا معمول بڻيل واقعا ۽ اسان جي سيڪيورٽي

    متعلقه دوستن كي وري عرض آهي ته هن مضمون كي رائي شماري واري سيكشن م جاء دين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو